سنڌ جا استاد ۽ تعليم جو معيار محمد بخش ڏاهري سنڌ جي استاد برادري ان مقام کان محروم آهي، جيڪو معيار دنيا جي ترقي يافته، ترقي پذير ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ استادن کي حاصل آهي. دنيا جي ڪاميابي ۾ استاد طبقي کي هر اول دستي ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. جنهن رستي تان استاد گذرندو آهي، اتي استاد کي حڪمرانن کان به وڌيڪ پروٽوڪول ڏنو ويندو آهي، ته جيئن سندس احترام به برقرار رهي ۽ سندس وقت به ضايع نه ٿئي. انهن ملڪن جي ترقي جو راز به استاد جي محنت ۽ سوچ ۾ سمايل آهي. جيڪي قومون، ملڪ استاد جو احترام ڪن ٿا انهن ملڪن کي ڪو طاقتور هٿيار به شڪست ڏيئي نه ٿو سگھي. دنيا جي ڀيٽ ۾ جڏهن سنڌ جي استاد جي حالت ڏسجي ٿي تڏهن اندر اجهامي وڃي ٿو. هن سنڌ ۾ استادن سان جيڪا حالت ڪئي ويئي آهي ان انداز اپنائڻ ڪري تعليم جا ترا نڪري ويا آهن. استاد کي مناسب مقام ڏيڻ بجاءِ کيس مخلوق سمجهي نظرانداز ڪرڻ واري روشن اختيار ڪئي ويئي آهي. ملڪ جي ناڪام پاليسين، تعليم دشمن عملن تعليم جو معيار ٺٺريءَ سان ڪيرائي ڇڏيو آهي. تعليم کاتي جون وزاتون به انهن سياسي ماڻهن کي ڏنيون ويندو آهن، جن جي تعليم جي ميدان ۾ ڪارڪردگي ٻڙي هوندي آهي. تعليم کاتي جا وزير زميني حقيقتن جي ابتڙ پنهنجون سياسي پاليسيون نافذ ڪن ٿا، ۽ کاتي کي تعليمي ماهرن جي مشهوري سان هلائڻ بجاءِ ڀتاري ڪلچر ۾ اهي ليڪا به لتاڙي وڃن ٿا، جتان تعليم جي تباهي شروع ٿئي ٿي. عام طور تي سنڌ جي تنظيم تباهيءَ جو ذميوار استاد شاگرد ۽ والدين کي قرار ڏنو ويندو آهي. پر انهن محرڪن جي ڪڏهن به نشاندهي نه ڪئي ويندي آهي، جن سنڌ جي عوام کان تعليم جو هٿيار ڦري ڇڏيو آهي. ويتر سياسي تعليمي وزيرن جو ڪيل ڀرتيون به ان اوطاقي ڪلچر جو سبب بنجي وڃن ٿيون جيڪو جي حضوري ۾ نوان رڪارڊ قائم ڪري ٿو. سنڌ ۾ تعليمي پاليسيون وفاق نافذ ڪري ٿو، جيڪي سنڌ جي سوچ مزاج ۽ زميني حقيقتن جي ابتڙ آهن. ملڪي سطح تي سنڌ جي تعليم تباهه ڪرڻ جي منصوبا بندي جنرل ايوب خان ڪئي هئي، جنهن سنڌ ماڻ سنڌي فائنل جو امتحان ختم ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ سنڌي ماڻهن کي تعليم جي هٿيار کان محروم ڪرڻ ۾ انگريزن به وسان نه گھٽايو. انگريزن جي دور ۾ سنڌي عوام کان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ڦري بمبئي يونيورسٽي سان مئٽرڪ جو امتحان ته منصوب ڪيو ويو، پر گاديءَ جو هنڌ به ڪراچي ختم ڪري ان شهر کي بنايو ويو هو. ان هوندي به پرائمري تعليم معياري هوندي هئي. ان بنياد تي سنڌي شاگرد پنهنجو تنظيمي بنياد مضبوط هئڻ سبب اڳتي نڪري ويندا هئا. پر ملڪ ٺهڻ کان پوءِ آمريتن ۾ جيڪي تعليم تي نوان تجربا ڪيا ويا انهن ۾ سنڌ جي تعليم جو نور چٽ ٿي ويو.ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين تعليم کاتي کي نت نون تجربن جي ٽياس تي ننگي اعتماد جي بحالي کان محروم بنايو ويو. سنڌ تعليم سڌارڻ جون ڪيتريون ئي دعوائون ڪري پوءِ نتيجو ان ڪري نڪري نه سگھندو، جو خود تعليم کاتي خانگي تعليمي ادارن جي حوصلا افزائي ۽سرپرستي ڪري تعليم جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. تعليمي ادارا اڪثر جاين تي تعليم کان وانجهيل سٺيون هلائين ٿا، جيڪي ٽون فاش ۾ ايترو اڳتي نڪري وڃن ٿا جو انهن اسڪولن جو يونيفارم ڏسي عام طبقي جا شاگرد نفسياتي طور احساس محروميءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا، تعليم ۾ طبقاتي فرق تعليم کاتي خود دقائم ڪيو آهي. اميرن طبقي جي ٻارن جي تعليمي ادارن ۾ ادارن جا سربراهه ڳريون فيون وصول ڪري هو شاگردن کي سهولت ته ڏين ٿا، پر سندن سڄو زور انگريزي، سائنس ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم تي بيهي ٿو. روانگيءَ سان انگريزي ڳالهائيندڙ ان شاگرد وٽ ضلعي جي سڄي طبعي ۽ سنڌ جي حوالي سان ڪا به ڄاڻ موجود نه هوندي آهي. هو رٽيل شيون طوطي جي ٻوليءَ وانگر ٻولين ٿا ٻئي طرف سرڪار تعليم ادارن ۾ سهولتن جي اڻ هوند آهي. شاگرد بنيادي سهولتن کان محروم آهن ويتر تعليم کاتي جي سياسي مداخلت سبب سڄي سنڌ جي اڪثر اسڪولن ۾ هيڊ ماستر پرنسپال جي اصل سٿين تي گھٽ گريڊ وارا انچارج ويٺل آهن. جيڪي مال ميڙڻ جي مشين بنجي ويا آهن. هاڻي ته ڊي او ۽ اي ڊي او به سياسي سفارش تي مال ميڙڻ ۽ ڪرپشن تي ويهاري وڃن ٿا. جيڪي عام محنتي استاد لاءِ آزار جو ڪارڻ بنجي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن جي دلچسپي صرف پئسي سان آهي. اهي وڏي واڪي اهو چوندي ٻڌا وڃن ٿا ته اسان ڪرسي پئسن سان ڏسو صفحو 6 ورتي آهي اسان کي مال ميڙڻو آهي. هائر سيڪنڊري اسڪولن ۾ تعليم جي تباهيءَ جو ڪانٽو سوء جي رفتار کان مٿي آهي. ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ ۾هائر سيڪنڊري اسڪول موجود هئڻ جي باوجود تعليم کاتي انهن ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر نه ڪيا انهن اسڪولن ۾ ياريهن ٻارهين جا فارم ڀرجن ٿا ۽ شاگرد ڪاپي ڪري پاس ٿين ٿا. جڏهن ڪلاس ئي نه ٿا هلن ته هو ڪاپي ڪرڻ پنهنجو حق سمجهن ٿا، جيڪو عمل انتهائي نقصان ڪار آهي. تعليم کاتي ۾ اڪثر استاد سفارشي ڀرتي ٿيندا آهن، جن جي پنهنجي پيشي سان ڪا به دلچسپي نه هوندي آهي. ارباب رحيم جو ڪارو دور آءِ بي اي جي معرفت ڪجهه اهل استاد تعليم کاتي کي ڏيئي ويو، ان کان پوءِ موجوده حڪومت ميرٽ جو مان رکڻ لاءِ استادن جي ڀرتي لاءِ جيڪا ٽيسٽ يونيورسٽي کان ڪرائي ان ماڻهو کلائي ڇڏيا. ارباب رحيم دور استادن جا مطالبا نه مڃيا، موجوده حڪومت ۾ استاد تنظيمون پنهنجي بنيادي حقن لاءِ ميدان تي آيو، لٺيون کاڌيون طويل بک هڙتال ڪئي. ان کان پوءِ تعليم کاتي کي استادن جا مطالبا تسليم ڪرڻا پئجي ويا، بلوچستان طرز تي استادن کي ڏنل ٽائيم اسڪيل ۾ ڪامورن هيراڦيري ڪري اڳئين اسڪيل ۾ پهچڻ جو پيرڊ 7 سالن مان 9 سال ڪيو. ان ۾ به جونيئر اسڪول ٽيچر 7 سبجيڪٽ اسپيشلسٽ کي فائدن کان محروم ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته 16 اسڪيل جو ايڇ ايس ٽي ته 19 اسڪيل ۾ پهچي سگھي ٿو پر 17 اسڪيل جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ 18 اسڪيل کان اڳتي وڌي نه ٿو سگهي. ان کانسواءِ جونيئر اسڪول ٽيچر سان نوٽيفڪيشن ۾ جيڪا ويڌن ڪئي ويئي ان مان لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت تڙتڪڙ ۾ فيصلو ڪيو پر صورتحال جو جائزو نه ورتو. جونيئر اسڪول ٽيچر ماضي ۾ 9 اسڪيل ۽ 2010 ع کان پوءِ اها پوسٽ 14 اسڪيل جي ۽ تعليمي قابليت بي اي ۽ سي ٽي مقرر ڪئي ويئي. ان جي باوجود نوٽيفڪيشن ۾ اهو پوسٽ 9 اسڪيل جي ڏيکاريل آهي ۽ 9 سالن کان پوءِ 12 اسڪيل ۾ پهچڻ جو فارمولو پيش ڪيل آهي يعني جيڪو جي ايس ٽي هن وقت 14 اسڪيل ۾ ڪم ڪري پيو، ان ڪيڊر جي هزارين استادن کي ڪو به فائدو نه ملي سگهيو آهي ان کان سواءِاستادن لاءِ ٽيچنگ الائونس به استادن جي تعليمي قابليت تي بي اي، ايم اي ۽ ايم ايڊ جي بنياد تي استاد کي ڇهه اضافي فائدي جون انڪريمينٽون ملنديون هيون. استاد تنظيمن کي جيتوڻيڪ اهو يقين ڏياريو ويو هو ته روائين نوٽيفڪيشن ڪڍي ان جي باوجود ان مان نقص دور ڪري استادن جي محرومي ختم ڪئي ويندي، ان جي باوجود ان ڏس ۾ تعليم کاتي توڙي سنڌ حڪومت ڪنهن به قسم جي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو. استادن جا مطالبا مڃڻ سنڌ حڪومت جو هڪ بهترين قدم آهي. پر تعليم کاتي ۾ ڪو به چيڪ ۽ بيلنس نه آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت جي آشيرواد سان انتظامي عهدن تي ڪرپيشن ڪرڻ ۾ مهارت رکندڙ رشوت خور ۽ تعليم دشمن آفيسر مقرر ڪيل آهن. جن فرض شناس ۽ پنهنجي پيشي سان مخلص استادن کي نه فقط ڪنڊائتو ڪري ڇڏيو آهي، پر کين طرح طرح جون اذيتون پڻ ڏنيون وينديون آهن. جنهن سان استاد جي ڪارڪردگي خراب ٿيندي آهي. هاڻي سنڌ جي تعليم جو معيار ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آهن. سنڌ ۾ هڪ ته طبقاتي تعليمي سسٽم بنايو ويو آهي. ٻئي طرف ٻهراڙي جو اڪثريتي عوام روزگار جا رستا تنگ هجڻ سبب ٻارن جي تعليم فين ۽ ڊريس جو خرچ برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي هو پنهنجي ٻارن جي تعليم کان لا تعلق بنجي وڃي ٿو. سندس اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻار ڊريس ۽ فيس جا پئسه نه هئڻ سبب استاد جي مارڪٽ جو شڪار بنجي احساس محروميءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. سنڌ ۾ اڃان تائين تعليمي ادارن ۾ مارڪٽ جو رواج آهي جيڪا ڳالهه استاد جي نا اهلي ثابت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته هو ٻار جو مزاج مختلف ٿئي ٿو. اهو اهل استاد جو فرض آهي ته هو نه فقط ٻار جي نفسيات کي سمجهي پر کين ٻار جي سوچ ۽ رخ جي به خبر هجڻ گھرجي، جهڙو ٻار ڪيئن پڙهندو. اهو سمجهڻ استاد جو فرض آهي پر سنڌ ۾ تعليم فقط خانه پوري جي پورائي ڪري ٿي. تعليم جي تباهي ۾ الاهي فيڪٽر ملوث آهن اهي ڄڻن ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن فرد وٽ تعليم جو هٿيار هوندو ته اهي عناصر پنهنجي بالادستي قائم رکي نه سگھندا. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌ کي بچائڻ لاءِ ان جي تعليم کي تباهه ٿيڻ کان بچائجي، ۽ انهن سمورين خامين کي دور ڪري ڇڏجي، جيڪي تعليم ۾ رڪاوٽ بنيل آهن. استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان کي اهو به جائزو وٺڻ گھرجي ته اسان جا استاد توڙي شاگرد عالمي معيار جي اعتبار کان ڪٿي بيٺل آهن. تعليم جو لاڳاپو سڀني فردن سان آهي. ان کان لاتعلق ٿيڻ خود پنهنجو نقصان آهي ان ڪري سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي تارڻ لاءِ سڀني سنڌ دوست ڌرين کي عملي مظاهرو ڪري اهي نقص دور ڪرڻا پوندا جنهن سان تعليم جي تباهيءَ جي راهه هموار ٿي. سنڌ حڪومت جو تعليم کاتو آفيسر شناسي تي پاڙڻ لاءِ تعليم جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ انهن استادن کي اڳيان آڻي جيڪي تعليم ۾ ماهر سمجهيا وڃن ٿا ۽ استادن جي سمورن ڪيڊرن مان محروميءَ جو احساس ختم ڪري ان کي باشعور استاد بنجڻ جو موقعو ڏنو وڃي. تعليم کي بچايو سنڌ سنواريو احسان علي بوزدار تعليم انسان جي ٽئين اک آهي، اها اک جنهن ۾ شعور آهي خود شناسي جو، ۽ خود شناسي ئي خدا شناسي آهي. پر اڄڪلهه ان شعور واري اک ۾ هٿ سان مرچ وجهي ان کي انڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان ڪڌي ڪم ۾، سنڌ ۾ تعليم کي تباهه ڪرڻ وارا گهڻي ئي حد تائين پنهنجي سازش ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ باقي رهيو کهيو آسرو به چٽ ڪرڻ جي پويان لڳل آهن. سنڌ ۾ هڪ منظم سازش طور ڪاپي ڪلچر کي عام ڪري تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. پهرين کان وٺي ٻار کي ٻارنهين درجي تائين رڳو سفارش ۽ ڪاپي ڪلچر ذريعي امتحان ڏياري پاس ڪرايو ويندو آهي. ان ڪري جيڪا ٻار جي سکڻ جي (وهي) عمر هوندي آهي اها ايئن گذري ويندي آهي ۽ اها عادت (ٻئي تي ڀاڙڻ واري ) پوءِ ان ۾ سڄي عمر رهندي آهي، ڇو ته عادت عضوو آهي جنهن کي نه ڪپي سگهبو آهي نه ان مان جان آجي ڪرائي سگهبي آهي. اهڙي طرح سان ذهني ترقي جو سڄو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي ۽ وڌيڪ تباهي طرف وڃي رهيو آهي، توهان مثال وٺو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي حڪمت جي ڄاڻ نه هجي ۽ ان کي حڪيم هجڻ جي سند ڏني وڃي ته اهو ”نيم حڪيم خطره جان“ ثابت ٿيندو ۽ قوم جي تباهي جو باعث بڻبو. اهڙي ڪنهن نااهل ماڻهو کي ڪنهن يونيورسٽي جي سند ڏني وڃي ۽ وري ان ساڳي ماڻهو کي نوڪري ڏئي، ڪنهن اداري ۾ رکيو وڃي ته اهو تباهي نه آڻيندو ته ٻيو ڇا ڪندو. اهڙي طرح هتي به نااهل ماڻهن کي ادران ۾ سربراهه مقرر ڪري ادارن جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو ۽ اڃان به اهو سلسلو جاري آهي. ڳالهه هلي پئي تعليم جي ته تعليم جي منڍ کان وٺي يعني پهرين کان وٺي ويندي يونيورسٽين تائين ٻيڙو غرق ڪيو ويو آهي / پيو وڃي. پهرين کان ٻارهين تائين ڇا پيو ٿئي ان جو احوال ڪجهه مون اوهان کي ٻڌايو، ان کان وڌيڪ اوهان به ڄاڻو ٿا، پر ڳالهه ڪرڻ جو جيڪو مقصد آهي اهو آهي ”سڀ ٺيڪ آهي“ چوندڙ انهن اقتدار ڌڻين تائين (وس وارن) تائين ڄاڻ پهچائين، اهو معلومات انهن سطح تي ماڻهن کي انهن اقتدار ڌڻين تائين پهچائڻ گهرجي جيڪي ووٽن وقت ته وڏيون دعوائون ڪندا آهن. نظام بدلائڻ جي ڳالهه ڪندا آهن پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ صرف نظر ڪرسي جي چئن پيرن تي هوندي آهي. پر ڪرسي کسجي وڃڻ کان پوءِ ”ساڳيا لاٽون، ساڳيا چڳهه“. ڳالهه يونيورسٽين ۾ تعليم جي ڪجي ته اتي رنگ ئي ٻيو آهي تعليم جي تباهي لاءِ هڪ سازش طور شاگرد سياست ۽ تعليم کي تباهه ڪرڻ لاءِ پاليل تاتيل ڇاڙتا ڇڏي ويا آهن. جيڪي نه ته شاگرد سياست کي صحيح رخ ۾ هلڻ ٿا ڏين نه وري تعليم جي ترقي لاءِ راهه هموار ڪرڻ ڏين ٿا . مختلف وقتن تي اهڙا سازشي ماڻهو ٿورين ٿورين ڳالهين تي (Higher Educated) ۽ ڪنهن به ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکندڙ نوجوانن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ لڳن سون جهڙيون جوانون برباد ڪري، قلم بدران هٿيار هٿ ۾ ڏياري سنڌ جي مستقبل کي تباهه ڪيو پيو وڃي. شاگرد سياست جنهن ماضي ۾ وڏا سماج سڌارڪ سياستدان پيدا ڪيا پر اڄڪلهه يونيورسٽين ۾ شاگرد سياست جو اميج ڇا رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي. غنڊه گردي، جهيڙو، بائيڪاٽ وغيره وغيره. اهي سڀئي عمل تعليم جي تباهي جا ڪارڻ آهن اگر اڄ به ان ٿيندڙ تباهي ۽ بربادي تي خاموش رهياسين ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به بخش نه ڪندي. سو جنهن جو جيترو به وس پڄي ، اهو تعليم جي بچائڻ ۽ واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڇو ته تعليم ئي قومن جي مستقبل آهي ۽ سٺي تعليم ئي سٺا سياستدان، ڊاڪٽر، انجينئر، سماج سڌارڪ پيدا ڪري سگهي ٿي. سنڌهي اڱوٺي ڇاپ يونيورسٽين جي سند رکندڙ اهي ماڻهو پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو ته ٻيڙو ته ٻوڙيندا پر سڄي قوم جي تباهي آڻيندا. ان ڪري ٿورو مون لکيو، ٿورو اوهان سمجهندا ۽ ڪجهه اقتدار ۾ ويٺل به سوچيندا، ته ٻڏندڙ ٻيڙي جون هريڙون به ڪم جون، سو پاڻ اميد نه ٿا لاهيون ۽ مايوسي ڪفر آهي ۽ ٿوري ئي کڻي ڪوشش ٿا ڪريون من هن انڌير نگري ۾ ڪو شعور جو ڏيئو ٻري پوي. ***** سنڌ ۾ تعليم جي تباهي ۽ ڪاپي ڪلچر منظور مشوري تازو ٽيليويزن جي هڪ ”نجي چينل“ تي سنڌ جي اسڪولن جي تباهيءَ جا منظر، جنهن انداز سا عوام کي ”اينڪر“ ڏيکاريا، تن کي ڏسي عقل دنگ رهجي ويو، سنڌ جي مڙني سرڪاري اسڪولن جو جائزو وٺندي بدين کان وٺي ڪري اوٻاوڙو، ڪراچيءَ کان وٺي ڪري ڪشمور، جيڪب آباد کان وٺي ڪري شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو جي سرڪاري اسڪولن جي حالت زار کان واقف ڪريائين، جنهن کي ڏسي ڪري هر سانڃاهه وند ۽ سنڌ جي سڄڻ جي اک ضرور آلي ٿي هوندي. اڳي عوام نجي محفلن ۾ صرف ٻڌندو هو ته سرڪاري، اسڪولن جي حالت تمام خراب لڳي پئي آهي پر هاڻي ته ٽي وي جو خابرو اهو سڀ ڪجهه اکين سان ڏيکاري رهيو هو ته ڪيئن ڪافي اسڪولن ۾ ڪرسيون ۽ صوفا پيا آهن، کٽون ۽ پلنگ، انهن مٿان رلهيون وڇايل هيون ۽ مهمان ترسيل هئا. خبر پئي ته وڏيري يا وري ڪٿي ڪمدار جا مهمان آهن. مطلب ته اسڪول اوطاقن ۾ تبديلي ٿي چڪي آهي، ڪنهن اسڪول ۾ وري اناج جون، ڀاڻ جون ۽ زرعي دوائن جون ٻوريون سٿيون پيون آهن. ڪٿي وري منظر نامو مٽ لڳو پيو آهي. ڪي اهڙا به اسڪول ڏيکاريا ويا هئا جنهن کي باقائده گهرن ۾ تبديل ڪيو ويو هو. ٽي وي جي خابرو انهن گهرن نما اسڪولن ۾ اندر وڃي فلم ڀري، جنهن ۾ عورتن کي ٿانو ڌوئيندي، رڌ پچاءُ ڪندي، ٻهاري ڏيندي ڏيکاريو ويو هو. اهڙي بي حسي تي ڏاڍو ڏک پهتو. انهن سرڪاري اسڪولن ۾ ڪي اهڙا به هئا جيڪي مڪمل ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيل هئا ۽ ٻارڙا ۽ ٻارڙيون ڀت جي وٽ ۾ ڪنهن وڻ جي ڇانوري تي ويهي، پڙهي رهيا هئا. اهي ٻار ڇا پڙهي سگهندا، ڪيترو پرائي سگهندا، انهيءَ جو جواب ته شايد خود وزير تعليم ئي ڏئي سگهي ٿو. اهڙي هڪ اسڪول جي باري ۾ ٻڌايائون ته اهو اسڪول وزير تعليم جي ڏاڏي جي ڳوٺ جو پڻ هو، ڪي اسڪول اوطاقتون موجوده مها وزيرن جي ذاتي ڳوٺن ۾ پڻ هيون. جنهن ۾ موجوده حڪومت جي نالي وارن وزيرن، مشيرن جي ڳوٺن جا اسڪول انهيءَ حالتن ۾ ڏيکاريا ويا. هاڻي اندازو ڪريو ته جيڪڏهن انهن اميرن جي ڳوٺن ۾ تعليم سان اهڙو حشر آهي ته باقي عوام وٽ ڪهڙي پذيرائي هوندي. تڏهن ته اڄڪلهه امتحانن ۾ ڪاپي جي ڌوم لڳي پئي آهي. هر طرف رش ئي رش. اسين ماڻهو تعليم جي اهميت کي اڃا الائي ڪڏهن سمجهندا سون. تعليم ڄاڻ جو اهڙو خزانو آهي جنهن سان انساني قدر ۽ صلاحيتون وڌن ٿيون. ذهنن جي تربيت درست رخ ۾ ٿئي ٿي. سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ۾ تيزي اچي ٿي. پڙهائي انسان مان جانورن جون جبلتون ختم ڪري معاشري کي مقصديت بخشي ٿي ۽ ماڻهو انهيءَ علم ۽ پاهپ جي ڪري صحيح معنيٰ ۾ انسان چوائڻ جي لائق بڻجي ٿو. انساني ارتقا هميشه سکيا جي حساب سان پنهنجي گهر کان ئي شروع ٿئي ٿي، تنهن ڪري چيو ويندو آهي ته گهر انسان جو پهريون اسڪول ۽ ماءُ انسان جو پهريون استاد هوندي آهي. انهيءَ ڪٿا کان پوءِ ظاهري تعليمي سرشتا اچيو وڃن ٿا. جن ۾ پهريون سرڪاري اسڪول آهي، ٻيو خانگي اسڪول ۽ ٽيون وري مدرسا ٿين ٿا. مدرسن ۾ اڳي واريون پڙهائيون ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿيون اچن پيون. اڳي مدرسي ۾ پڙهڻ واري طالب کي عربي ۽ فارسيءَ سان گڏوگڏ حڪمت يا ڪو هنر پڻ سيکاريو ويندو هو. جنهن ۾ جلد سازي وغيره جام هوندي هئي. جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو هو ته طالب مدرسي مان فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ عالم، فاضل، مولوي يا ملان بڻجڻ کان علاوه يقينن اهو حڪيم يا جلد ساز پڻ بڻبو هو، جنهن ڪري هن جي گهر جو چرخو پيو هلندو رهندو هو. جيڪو اڄ ڪلهه نظر نٿوا چي. سنڌ جي تباهه ٿيندڙ تعليم ۽ امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر منظور ڪالرو سنڌ جي تباهه ٿيندڙ تعليم بابت اڳ ۾ ئي افسوسناڪ خبرون عام هيون، جن جو وڌيڪ ڀانڊو نائين ۽ ڏهين درجي جي ٿيندڙ بورڊ جي امتحانن ۾ ڦاٽي منظرعام تي اچڻ سبب سنڌ جي همدردن ۽ ساڃاهه وند طبقن ۾ ڏک ۽ غير يقيني واري لهر پکڙجندي ڏسي سگهجي ٿي. تعليم کاتو سنڌ جنهن جي تباهي ۾ ڪرپٽ انتظاميه سميت ويزا، گوسڙو ۽ ڪم چور استادن جو به وڏو هٿ چيو وڃي ٿو. اهڙن پرڪارن جون خبرون جڏهن امتحان هالن جي ڪمرن ۾ ٿيندڙ ڪاپي جي ڌُم سان ميڊيا جي تصويرن سميت دنيا جي نظرن آڏو پهتيون آهن، تڏهن شرم وچان ڪنڌ هيٺ جهڪي ويا آهن! ڇا! سنڌ ۾ هاڻ بورڊ جا امتحان اهڙيءَ ريت ٿيڻ جو رواج عام ٿي ويو آهي؟ ڇا! ميرٽ جي معيار کي انهيءَ کان به وڌيڪ هيٺ ڪيرائي ذهانت جو ٻيڙو غرق ڪري سنڌ جي مستقبل جي سنڌي سماج کي گهٽ تعليم يافتا يا جاهل نوجوانن جي کيپ حوالي ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي چڪيون آهن؟ اهو سڀ ڪجهه ان ڀيانڪ منظرنامي جو حصو سمجهيو ٿو وڃي، جنهن ۾ سنڌ جي تعليم کي برباد ڪري اهڙي نموني پيش ڪيو پيو وڃي جو اسان جو ڳاڻيٽو ”ڪاپي ڪلچر“ جي حوالي سان ٿيڻ لڳي. هن ڏس ۾ ڪيترن سالن کان امتحانن ۾ ڪاپي جي ڌم واريون افسوسناڪ ۽ خوفناڪ خبرون شايع ۽ نشر ٿينديون رهيون آهن پر نهايت تعجب ٿئي ٿو جو تعليم کاتي يا تعليمي بورڊ جي انتظاميه پاران ڪاپي ڪلچر جي وڌندڙ رجحان جي روڪٿام لاءِ ڪو هوم ورڪ ۽ لائحه عمل جوڙيو نه ويو؟ سنڌ جي تعليم جي بچاءُ لاءِ اهڙو ڪوبه ساراهڻ جوڳو ڪم نه ٿيڻ ڪري ڪاپي جو رواج اڳي کان وڌيڪ عام ٿي وڃڻ سبب ڀيانڪ روپ ۾ امتحاني مرڪزن جو حصو بڻجي چڪو آهي، جتي خوف ۽ احترام جون حدون اورانگهيل ڏسجن ٿيون. امتحانن ۾ ڪاپي جي اهڙي وڌي ويل لاڙي سبب اهي سازشي سنڌ دشمن ذهن ڳولڻا پوندا، جيڪي سنڌ جي تعليم کي اهڙي طرح خوار ۽خراب ڪري سنڌ جي تعليم کي بدنام ڪرڻ گهرن ٿا. اها سنڌ جنهن تعليم جي ميدان ۾ وڏا وڏا نالي وارا استاد، تعليمدان، انجنيئر، ڊاڪٽر، قانوندان، سماج سڌارا، اديب ۽ دانشور ڏنا، جن جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ قوم سان همدردين سبب سنڌ جو نالو پوري دنيا ۾ مشهور ٿيو. سنڌ جي اهڙي روشن نالي تي بدناميءَ جا داغ لڳائڻ لاءِ سنڌ دشمنن پاران سنڌ جي تعليم کي برباد ڪرڻ جون ڪوششون هاڻ پڌريون ٿي عام ٿي چُڪيون آهن، جن جو تازو مثال تعليمي بورڊ جا هاڻوڪا هلندڙ امتحان آهن. هونئن به سنڌ جا تعليمي بورڊ جيترو بدنام ٿي رهيا آهن، اوترو ٻيا کاتا گهٽ بدنام ٿيندي ٻڌجڻ ۾ اچن ٿا، جڏهن ته انهن جا ايترا هاڃيڪار اثر نه ٿيا آهن، جيترو تعليم جي اهڙي نموني سان تباهي جا پوندا رهن ٿا. انهن بورڊن ۾ سنڌ جي تعليم دشمنن کي مڪمل اختيار ۽ کلي ڇوٽ ڏسجي ٿي، جنهن ڪري اهي جيئن وڻين تيئن ڪري رهيا آهن. پوءِ ڀلي قوم جو ٻيڙو ٻڏي وڃي ته ٻڏي، کين ڪي به احساس ناهن رهيا. جيتوڻيڪ امتحانن جون ڳريون فيون مقرر ٿينديون رهن ٿيون، پر پوءِ به امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر کي ڪنٽرول ڪرڻ طرف ڪوششون ڪرڻ لاءِ ڌيان نٿو ڏنو وڃي. انهن يا اهڙن سمورن معاملن مان پتو پوي ٿو ته سنڌ جي تعليم جو هاڻ سڌارو تمام مشڪل آهي، ڇو جو اهڙي ڪُڌي ڪم ۾ ڌارين سان گڏ چند پنهنجا به ڄاتل سڃاتل چهرا ڏسڻ لاءِ ملي ويندا. لالچ ۽ رات وچ ۾ ناجائز طريقن سان شاهوڪار ٿيڻ واري عام رجحان به سنڌ جي تعليم کي تباهي طرف ڌڪي ڇڏڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، جتي تعليم جو وڪرو ۽ ڪاروبار عام شڪل اختيار ڪندو وڃي، جنهن جي روڪ ٽوڪ جانچڻ حساب ڪتاب وٺڻ ۽ تحقيقات ڪرڻ وارو نظام مدي خارج ٿو محسوس ٿئي. اهڙي خطرناڪ ۽ افسوسناڪ صورتحال نيٺ ڇا ڪجي؟ ڪنهن کي دانهن ڏجي؟ ڪو فرياد ڪجي به ته ان تي عمل درآمد ڪير ڪرائيندو؟ جو هتي جمهوري دؤر جي آزاديءَ مان فائدو وٺندي هڙتال، احتجاج، واويلا ۽ ڌرڻا هڻڻ ۾ دير نٿي ٿئي. ان لاءِ سنڌ جي حقيقي همدردن ساڃاهه وند ڌرين سول سوسائٽي، سنڌي ادبي سنگت، روح رهاڻ، سنڌي ميڊيا جي چئنلن، اخباري مالڪن، ڪالم ليکڪن ۽ سنڌ دوست وڪيلن سميت عام خاص شخصن خاص طور غريب يا وچولي طبقي وارن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ اچڻو پوندو ته جيئن سنڌ جي تعليم جيڪا سنڌ جو حال ۽ مستقبل آهي اهو اهڙا نموني تباهه ٿيڻ کان محفوظ ٿي سگهي.