سنڌ مان گئس جي پيداوار ۽ ڇرڪائيندڙ انگ اکر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سنڌ گئس جي ملڪي پيداوار جو 72 سيڪڙو صوبي جي 16 ضلعن مان پيدا ڪري ٿو، تازو سينيٽ جي اجلاس دوران پيٽروليم جي وفاقي وزير سيد نويد قمر ٻڌايو ته ماهوار سنڌ گئس ۽ تيل جي مت ۾ ساڍا ڏهه ارب رپيا ڪمائي ٿو، جيڪي روزاني جي حساب سان تقريبن 32 ڪروڙ رپيا ٿين ٿا، پاڪستان هن وقت تائين گيس جي پيداوار ۾ خود ڪفيل آهي ۽ گئس جون گهرجون پنهنجي ئي ملڪ جي پيداوار مان پوريون ٿي رهيون آهن، ياد رهي ته چند سالن ۾ پوري ملڪ ۾ گئس جي شديد کوٽ ٿيندي، جيڪڏهن پاڪستان ايران کان پائيپ لائين جي ذريعي گئس گهرائڻ واري منصوبي تي عمل شروع نٿو ڪرائي سگهي. هن وقت به گئس جي کپت وڌيڪ ۽ پيداوار گهٽ هئڻ جي ڪري ”سي اين جي“ جي کوٽ شروع ٿي چڪي آهي.
    ملڪ جي ترقيءَ ۾ گئس جو استعمال وڏي حيثيت رکي ٿو، گئس صرف گهرن ۾ رڌ پچاءَ ۾ استعمال نٿي ٿئي پر گئس جو ڪمرشل، صنعتن، جنرل انڊسٽريز، ٽرانسپورٽ، پاور (بجلي) پيدا ڪرڻ، سيمنٽ جي صنعت، اسٽيمل ملز وغيره ۾ به استعمال ٿئي ٿو. سموري ملڪ جي پيداوار مان سنڌ وڌ کان وڌ 72 سيڪڙو، پنجاب 4.35 سيڪڙو، سرحد 2.05 سيڪڙو ۽ بلوچستان 21.60 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿو.
    اچو ته ڏسون ته گئس جي وسيلن سان مالا مال صوبا سنڌ ۽ بلوچستان جيڪي ملڪي پيداوار جو 93.60 سيڪڙو پيدا ڪن ٿا ۽ پنجاب صوبو ۽ ٻيا صوبا گئس جو ڪيترو وڌيڪ استعمال ڪن ٿا ۽ خود سنڌ ڪيترو گئس صوبي ۾ استعمال ڪري ٿو. گئس جو استعمال ٻن طريقن سان ٿيندو آهي، هڪ قدرتي گئس جيڪا گهڻو ڪري گهرن ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي، جنهن کي عام طور تي سوئي گئس چيو ويندو آهي ۽ ٻي ”ايل پي جي“ جيڪا پاڻيٺ ٿي گاڏين توڙي انڊسٽريز ۽ ڪمرشل ۾ استعمال ٿيندي آهي. صوبي وار ٻنهي قسم جي گئس جي استعمال جا تفصيل هيٺين ريت آهن، جيڪي منسٽري آف پيٽروليم جي انرجي بوڪ ايئر -8-2007ع ۾ درج ٿيل آهن.
    پنجاب قدرتي گئس جو گهرو استعمال 58.15 سيڪڙو ڪري ٿو ۽ سنڌ 29.23 سيڪڙو. ڪمرشل ۾ پنجاب صوبو 62.38 سيڪڙو ۽ سنڌ 29.07 سيڪڙو، جنرل انڊسٽريز ۾ پنجاب 59.03 سيڪڙو ۽ سنڌ صوبو 36.59 سيڪڙو، جڏهن ته پاور (بجلي) جي ٺاهڻ تي پنجاب 34.15 سيڪڙو ۽ سنڌ صوبو 47.32 سيڪڙو. سنڌ صوبو صرف بجلي ٺاهڻ ۾ پنجاب کان وڌيڪ گئس جو استعمال ڪري ٿو. ٽرانسپورٽ ۾ سنڌ صوبو 23.88 سيڪڙو ۽ پنجاب 62.75 سيڪڙو. اهڙيءَ طرح سيمينٽ ٺاهڻ جي ڪارخانن ۾ پنجاب 56.17 سيڪڙو جڏهن ته سنڌ سيمينٽ جي ڪارخانن ۾ 26.84 سيڪڙو خرچ ڪري ٿو. بلوچستان صوبو پنهنجي گهرو استعمال ۾ صرف 3.99 سيڪڙو، ڪمرشل جي استعمال ۾ 1.17 سيڪڙو، جنرل انڊسٽريز ۾ صرف 0.07 سيڪڙو، بجليءَ جي ٺاهڻ ۾ 18.05 سيڪڙو، جنرل ٽرانسپورٽ ۾ 0.26 سيڪڙو يعني هڪ سيڪڙو کان به گهٽ استعمال ڪري ٿو.
    مٿيان انگ اکر قدرتي گئس جي استعمال جا آهن، جيڪي صوبن ۾ گئس جي کپت جي حساب سان واضح فرق ظاهر ڪن ٿا.
    گئس جو ٻيو استعمال ”ايل پي جي“ جي ذريعي ٿئي ٿو، جيڪي انگ اکر به ڇرڪائيندڙ آهن. ان جي استعمال ۾ به سنڌ صوبو گهرو استعمال ۾ 13.56 سيڪڙو، پنجاب گهرو استعمال ۾ 46.10 سيڪڙو، ڪمرشل ۾ سنڌ 24.73 سيڪڙو، پنجاب 59.13 سيڪڙو، جڏهن ته انڊسٽريز ۾ پنجاب 87.86 سيڪڙو ۽ سنڌ صوبو صرف ۽ صرف 4.74 سيڪڙو ”ايل پي جي“ استعمال ڪن ٿا. ٿيڻ ته ايئن کپي ها ته سنڌ ۾ وڌيڪ گئس پيدا ٿيڻ جي ڪري گهڻي ۾ گهڻيون انڊسٽريز هجن ها، يعني پنجاب کي خوشحال ڪندڙ انڊسٽريز ۾ گئس سنڌ مان وڃي ٿي ۽ سنڌ وارا پنهنجي ئي قدرتي نعمت گئس جي سهولت مان فائدو وٺڻ کان محروم آهن، جڏهن ته پختون خواهه صوبي ۾ گهرو استعمال ۾ ”ايل پي جي“ 13.62 سيڪڙو (سنڌ کان به ڪجهه پوائنٽس) وڌيڪ استعمال ٿئي ٿي. جڏهن ته بلوچستان صوبو جيڪو ملڪي گئس جي پيداوار جو 21.60 سيڪڙو پيدا ڪري ٿو اهو صوبو صرف 3.30 استعمال ڪري ٿو ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 6.50 ۽ فاٽا جي علائقي ۾ به 6.50 سيڪڙو استعمال ٿئي ٿو. يعني فاٽا ۽ آزاد ڄمون ڪشمير بلوچستان کان به وڌيڪ گئس کپائين ٿا.
    مٿيان انگ اکر ٻڌائين ٿا ته وڌ ۾ وڌ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ ۽ بلوچستان پنهنجي قدرتي نعمت گئس جي پيداوار مان ڪيترو فائدو وٺي رهيا آهن، سنڌ جنهن جو محبوب شهر ڪراچي ملڪي بجيٽ جو 86 سيڪڙو ملڪ کي ڏئي رهيو آهي. ٻئي طرف ملڪ جي پيداوار ۾ گئس جو 72 سيڪڙو ڏيندڙ صوبو سنڌ جيڪو گهرو توڙي انڊسٽريز ۾ پنجاب کان تمام گهٽ گئس جو استعمال ڪري رهيو آهي. سنڌ مان ايترو ته گئس نڪري ٿي جو سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ سئي گئس جي سپلاءِ هئڻ کپي. ياد رهي ته تازو حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته گئس جي پيداوار جي ڀيٽ ۾ کپت ۾ اضافو آيو آهي تنهن ڪري گئس جي لاءِ نون ڳوٺن توڙي شهرن ۾ گئس جا نوان ڪنيڪشن ڏيڻ تي بندش آهي، جيڪا بندش گهٽ ۾ گهٽ 72 سيڪڙو گئس پيدا ڪندڙ سنڌ صوبي ۾ نه هئڻ کپي.
    دلچسپ ڳالهه ته ٽرانسپورٽ ۾ پنجاب قدرتي گئس جو 62.75 سيڪڙو استعمال ڪري ٿو ۽ سنڌ ان جي ڀيٽ ۾ صرف 23.88 سيڪڙو استعمال ڪري ٿو يعني پنجاب ٽرانسپورٽ ۾ سنڌ کان تقريبن ٽيڻو وڌيڪ گئس استعمال ڪري ٿو. هن وقت سموري ملڪ ۾ 3000 سي اين جي اسٽيشن آهن ۽ پوري ملڪ ۾ 26 لک سي اين جي گاڏين جو استعمال آهي. تازو ئي پاڪستان کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو سي اين جي گاڏيون رکندڙ ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کي environment priendly جو پڻ ايوارڊ ڏنو ويو آهي. اهو ايوارڊ ۽ دنيا جي وڌيڪ سي اين جي جون گاڏيون رکندڙ جو ايوارڊ به سنڌ مان نڪرندڙ گئس جي استعمال تي ئي مليو آهي. سنڌ صرف ۽ صرف پاور (بجلي) پيدا ڪرڻ ۾ پنجاب کان وڌيڪ گئس واپرائي ٿو. يعني 47.32 سيڪڙو ۽ پنجاب 34.15 انهيءَ جو وڏو سبب به ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن ڪي اِي ايس سي جيڪا ڪراچي جي ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ لاءِ جيڪا بجلي پيدا ٿئي ٿي اها گئس ۽ تيل مان پيدا ٿئي ٿي، يعني سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر ڪراچي پنهنجي بجلي به پنهنجي ئي صوبي جي گئس مان پيدا ڪري ٿو. يعني سنڌ ۾ گئس ۽ تيل وڌيڪ پاور پلانٽ هنيا وڃن، خصوصن بدين، حيدرآباد، جوهي، خيرپور ۽ گهوٽڪيءَ ۾ ته سنڌ ۾ بجليءَ جي کوٽ ختم ٿي ويندي ۽ سنڌ جا ماڻهو لوڊشيڊنگ جهڙي آزار کان آجا ٿي ويندا.
    حڪومت انرجي بڪ 8-2007ع ۾ ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ بجليءَ جي پيداوار 66.6 سيڪڙو ٿرمل مان، 30 سيڪڙو هائيڊل پاور مان، 30.2 نيو ڪليئر ۽ 0.2 ايران کان بجلي خريد ڪئي وڃي ٿي. يعني 30 سيڪڙو پنجاب، پختون خواهه ۽ سنڌ ۾ قائم هائيڊل پروجيڪٽس مان ڪئي وڃي ٿي. باقي 66.6 بجلي تيل ۽ گئس مان پيدا ٿئي ٿي ۽ يقينن ان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جو ئي گئس استعمال ڪيو وڃي ٿو.
    هن وقت ملڪي سياست ۾ گئس ۽ ان جي پيداوار اهم آهن، بلوچستان جي سياست جو محور به گئس جي پيداوار ئي آهي، جيڪا سئي گئس جي علائقي ۾ ڪجهه ٻين علائقن مان نڪري ٿي، هاڻي اُهو تاثر بلڪل ختم ٿيڻ گهرجي بلڪه اها حقيقت به آهي ته سنڌ ملڪ جي گئس جي سموري پيداوار جو 72 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿي، هاڻي سنڌ جي سياست جو مرڪز به سنڌ جي گئس جي پيداوار هئڻ کپي، سنڌ جي 72 سيڪڙو گئس جنهن تي سڄو ملڪ ۽ پنجاب صوبي جي انڊسٽري، ٽرانسپورٽ توڙي اتان جي گهرو استعمال ۾ گئس سنڌ جو ئي استعمال ڪيو وڃي ٿو، ڇو ته پنجاب ۾ گئس صرف 4.35 پيدا ٿئي ٿي. جيڪا پنجاب ۾ استعمال ٿيندڙ گئس جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي گهٽ آهي. سنڌ جي حڪومت خصوصن پاڪستان پيپلز پارٽي توڙي ٻين قوم پرست پارٽين کي هن گئس واري اشوءَ کي سنجيدگيءَ ۽ ڏاهپ سان کڻڻ کپي، ڇو ته دنيا ۾ هاڻي قدرتي وسيلن جي وڏي اهميت آهي ۽ دنيا ۾ هاڻي war of Resources هلي رهيو آهي. سنڌ به پنهنجي وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته قدرتي وسيلا هميشه نه رهندا آهن، اهي کپائڻ سان هڪ ڏينهن بلڪل ختم ٿي ويندا ۽ پوءِ اسين سنڌ وارا هٿ مليندا رهنداسين.

    اسحاق سومرو
     
  2. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ مان گئس جي پيداوار ۽ ڇرڪائيندڙ انگ اکر

    بس يار عرس نه پچ

    سنڌ سان ڪهڙا ۽ ڪيترا ظلم پيا ٿين

    سنڌ ذخيرن سان ڀري پئي آهي پر سنڌي ظلم ۾ آهيون
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ مان گئس جي پيداوار ۽ ڇرڪائيندڙ انگ اکر

    ڀا عرس پريا اوهان جا ٿورا جو هي قيمتي ۽ اکيون کولڻ وارو ونڊ ڪيو اٿئي۔

    سنڌ ته مالا مال آهي پر اسان سنڌي اڃان سمهيا پيا آهيون۔ اگهور ننڊ ۾۔ اسان هنن پيرن ، ميرن ، وڏيرن ، جاگيردارن ۽ سياستدانن اهي ڀلي قومپرست هجن يا وفاق پرست انهن جي آسري تي سمهياسين ته ابدي آرامي هونداسين۔

    سنڌ کي ڪنهن انقلابي تحريڪ جي ضرورت آهي جيڪا مڊل ڪلاس مان ايندي
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ مان گئس جي پيداوار ۽ ڇرڪائيندڙ انگ اکر

    بس ادا عرس اهي ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين سدائين ائين ٿيندو آهي ..............
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ مان گئس جي پيداوار ۽ ڇرڪائيندڙ انگ اکر

    ادا عرس، تمام بهترين معلومات ونڊ ڪئي اٿوَ، هينئر سرسري طور تي ان موضوع کي پڙهيو آهي، انشاءَ‌الله جلدي هن موضوع تي وڌيڪ ڪمينٽس ڏيندس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو