ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
آچر ڏينهن تاريخ 31-5-2009 تي پاڪستان جي سڀني وڏين اخبارن ۾ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد طرفان سال 2009 جي داخلائن جو اشتهار ڇپيو آهي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي ملڪ جي هڪ انفرادي سڃاڻپ رکندڙ اسلامي يونيورسٽي آهي اها يونيورسٽي شهيد ذولفقار علي ڀٽي جي خوابن پٽاندڙ او ، آ۽ ، سي جي چارٽرڊ يونيورسٽي آهي 60ع ۽ 70 ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن اسرائيل مسلمان دنيا تي پهنجي جارحيت جو مظاهرو ڪيو ته تڏهن شهيد ڀٽي اسلامي دنيا کي گڏجڻ جو هڪڙو خواب ۽ آدرش ڏنو جيڪو هڪ عظيم تنظيم اسلامڪ ڪنٽريز آرگنائيزيشنس جي شڪل ۾ وجود ۾ آيو انهي تنظيم جي اصولن فيصلن ۽ شهيد ڀٽو جي آدرش لا۽ سڀني اسلامي ملڪن ۾ هڪڙي هڪڙي اسلامي يونيورسٽي جو قائم ٿيڻ ضروري هو.
جنهن آدرش تحت بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي ملائيشيا ، بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي بنگلاديش ، بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد وجود ۾ آيو ، شهيد بينظير ڀٽو جنهن کي نظرياتي طرح هن يونيورسٽي سان ڪافي لڳاءُ هيو تنهن اسلام آباد ۾ هڪڙو پورو سيڪٽر H-10 هن يونيورسٽي جي نالي ڪيو ايتري ايراضي اسلام آباد ۾ شايد ئي ڪنهن يونيورسٽي کي حاصل هجي ، بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد اسلامي ملڪن سان گڏوگڏ باقي سموري مغربي دنيا ۾ هڪ سٺي ساک ۽ سڃاڻپ رکي ٿئي هي يونيورسٽي بدقسمتي سان اسان جي سنڌي ماڻهن ۾ هڪ محدود شناخت رکي ٿئي پر هن يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ ، ميڊيڪل ، ڪمپيوٽر سائنس ، اڪنامڪس ، بزنس ايڊمنسٽريشن ، انگريزي ادب ۽ زبان سان گڏوگڏ تقريبن سڀ سوشل سائنسز جا شعبا آهن ۽ جديد تعليم سان هم آهنگ آهن پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ 15 هزار کان وڌيڪ شاگردن مان سنڌي شاگرد 100 به مس آهن جيڪو تعداد هڪ سيڪڙو به ناهي جڏهن ته يونيورسٽي جو پهريون صدر اي ڪي بروهي ۽ پهريون ريڪٽر ڊاڪٽر اين اي بلوچ سنڌي هئا ۽ اڄ پڻ هن يونيورسٽي جو صدر ڊاڪٽر انوار حسين صديقي حيدرآباد جو سنڌي آهي ان ڪري اسين هن اخبار جي ذريعي سڀني سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي گذارش ڪريون ٿا ته تازو ئي اعلان ڪيل داخلائن لا۽ اڳتي وڌن ۽ پنهنجي حيثيت ۽ علم دوستي جو ثبوت ڏين ته جيئن وڌندڙ دنيا سان اڳتي وڌي سگهجي .
اسين هن يونيورسٽي جا شاگرد پنهنجن ايندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن مدد لا۽ تيار آهيون
ورتل روزانه ڪاوش حيدرآباد
آچر 7 جون 2009
مبارڪ علي لاشاري اسلام آباد
sindhsalamatsaathsal