سنڌ جو گمنام پر يادگار ڪردار رزاق آباد ٺاهيندڙ رزاق گبول يوسف گبول اسان جي معاشري ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سماج جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ ڪم ڪيو پر پوءِ مئي پڄاڻان هو اسان جي سماج جا گمنام ڪردار ٿي ويا. انهن گمنام ڪردارن ۾ هڪ ڪردار ڪراچيءَ جي بن قاسم ٽائون جي رزاق آباد جي رزاق گبول جو به آهي. هن پنهنجي سماج جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ خاموشيءَ سان پاڻ پتوڙيو ۽ پوءِ ووڙيندي ووڙيندي اڄ کان ٻه سال پهرين اجهامي ويو. هي ڇا اجهيو ڄڻ ته رزاق آباد اجهي ويو. هن سياسي، سماجي ۽ علمي ميدان ۾ پنهجيون صلاحيتون ڪتب آڻي نه رڳو رزاق آباد کي مثالي شهر بڻايو پر هن ملير جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جون ڪوششون وٺي انهن پٺتي پيل علائقن کي به پنهنجن پيرن تي بيهاريو هن پيپلزپارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪري ڪيترن ئي نوجوانن کي سياست ۾ متعارف ڪرايو. هن رزاق آباد ۾ تعليمي ادار جوڙائي ملير ۾ جاڳرتا جو ڏيئو ٻاريو ۽ پوءِ ڪيترن ئي نوجوانن کي تعليم ڏياري اعليٰ عهدن تائين پهچايو. هو نه رڳو دل جو سخي هو پر کيسي جو به سخي هو هن ڪيترن ئي غريب نوجوانن کي پنهنجي خرچ تي پڙهايو ۽ پوءِ جڏهن انهن کي نوڪريون وٺي ڏياريون ته انهن کان وڌيڪ هو خوش ٿيو. ايڏي وڏي فراخدلي مون پنهنجي زندگيءَ ۾ گهٽ ماڻهن ۾ ڏٺي آهي، جيڪي ٻين جي ڏک کي پنهنجو ڏک ۽ ٻين جي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي سمجهن. هونئن ته رزاق گبول ڪراچيءَ جي انيڪ پوئتي پيل علائقن ۾ سياسي، سماجي ۽ علمي حوالي سان تمام بهترن ڪم ڪيا پر گهڻي کان گهڻا ڪم رزاق آباد ۾ ڪيا. اهو ئي سبب آهي جو هن جي لاڏاڻي کان پوءِ لڳندو آهي ته ڄڻڪ رزاق آباد اکين جي نور کان محروم ٿي ويو آهي ۽ هي هتان جي هر ماڻهو جي روح جي صدا بڻجي وئي آهي ته. پسيو آسڻ ان جا، ادوها اچن ڪينر ڪاپڙين جا، صبح تان نه سڄن جي رائي منجهه رهن، آئون نه جئندي ان ري! رزاق جي لاڏاڻي تي بن قاسم ٽائون جي اڳوڻي ناظم جان عالم ڄاموٽ صحيح چيو هو ته رزاق گبول هڪ عظيم شخصيت هو. اهڙا ماڻهو ورهين پڄاڻان جنم وٺندا آهن. هو پنهنجي حياتيءَ ۾ عظيم ۽ لاڏاڻي کانپوءِ عظيم تر ٿي ويندا آهن. علمي حوالي سان هن جيڪو پنهنجي علائقي ۾ ڪيو، تنهن تي صحافي ۽ ليکڪ بيدار جعفري کيس ”بن قاسم ٽائون جي سر سيد احمد خان“ جو خطاب ڏنو. هن جو رزاق آباد ۾ علم جي هڪ وڏي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو خواب هو، جيڪو پورو نه ٿي سگهيو. جيڪڏهن زندگي ساڻس وڌيڪ ساٿ ڏئي ها ته هو پنهنجي ان خواب کي ضرور پورو ڪري ها. هو جڏهن لاڏاڻو ڪري ويو هو تڏهن پيپلزپارٽيءِ جي اڳواڻ ۽ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي ڀاءُ غلام قادر پليجي چيو هو ته ڪراچيءَ جي ملير ضلعي ۾ سنڌي ٻروچن جو ماڳ اڏيندڙ رزاق گبول اسان کان وڇڙي اسان تي هڪ وڏي ذميداري وجهي ويو آهي ته اسان هن جيان پنهنجي ماڻهن لاءِ ڏڍ بڻجون...! رزاق گبول، جتي سياستڪار، سماج سڌارڪ، تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هو، اتي هو صوفي به هو. هو انتهائي محبتي ماڻهو هو. هن پنهنجي زندگي جي آخري گهڙين تائين پنهنجن سمورن دوستن سان توڙ نڀايو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان ٻاڙو نه ڳالهايو. سندس دوستن جو حلقو وسيع هو. ان ۾ وڏا به هئا ته سندس همعصر به هئا ته کانئس ننڍا به هئا. هن جي زندگيءَ جو هر پاسو مثالي هو. ايتريقدر جو هن جيڪو رومانس ڪيو، اهو به مثالي هو ان ۾ انسانيت سمايل هئي ۽ اهو ڪنهن به ڌرم کان مٿانهون هو. رزاق آباد جي هن گمنام ڪردار تي بيدار جعفريءَ ڪتاب لکي کيس منظر عام تي آڻڻ پئي چاهيو پر ڪجهه مجبورين سبب هو ڪتاب نه لکي هن کي منظرعام تي نه آڻي سگهيو ۽ هاڻ وري اهي ڪوششون اسان جي هڪ ٻئي رزاق آباد جي دوست غني گبول وٺڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي علي حسن چانڊيي جي بقول ته هو هڪ زنده دل انسان هو. هو هن دنيا مان رخصت ڪري پنهنجي پويان اڻ کٽ دوست ۽ مداح ڇڏي ويو آهي ۽ جڏهن اڄ جا ٻار سڀاڻي وڏا ٿي رزاق جي دوستن ۽ مداحن کان سندس ڳالهيون ٻڌندا تڏهن اهي به رزاق جا مداح بڻجي اهو ضرور چوندا ته ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوءِ توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون! بشڪريه عوامي آواز