ڪيلي جي فصل جو نئون جنم

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪيلي جي فصل جو نئون جنم​

    [​IMG]

    الهه جڙيو خاصخيلي

    اسان جي روزمره جي زندگي ۾ خبر ناهي ڪيترائي مثال، پهاڪا، چوڻيون هر روز استعمال ۾ آندا وڃن ٿا. جن جي باري ۾ جيڪڏهن ٿورو اسان سوچيندا آهيون ته اچرج ۾ اچي ويندا آهيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي پهاڪا، اهي چوڻيون اسان جي کل ڀوڳ جو سبب پڻ بڻجندا آهن. ڏٺو وڃي ته انهن پهاڪن ۽ چوڻين پويان ڪي حقيقتون لڪل هونديون آهن. جن تي ڪڏهن ته انسان سوچ جو سهارو وٺي پهچي ويندو آهي، ته ڪڏهن ڀوڳ جو ڀوڳ سمجهي اڏائي ڇڏيندو آهي، اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته جڏهن ڪو انسان خطرناڪ بيماري ۾ وڪڙيل هوندو آهي ۽ اهو انهي بيماري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ويندو آهي ته ايئن به ٻول پيا ٻولبا آهن ته توکي نئين زندگي ملي آهي يا وري تو نئون جنم ورتو آهي. خير اصل ڳالهه جو مطلب اهو ته اڄ جي ڪيلي جي فصل کي پڻ نئين زندگي ملي آهي، ايئن چئجي ته ڪا اجائي ڳالهه ناهي، ڪيلي جي فصل جون بيماريون ته کوڙ ساريون آهن پر بي بي ٽي وي ته صفا حد ڪري ڇڏي آهي. انهي بيماري ڪيلي جي فصل کي پنهنجي ڄمار ۾ صفا وڪوڙي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي هئي پر اڄ جي جديد دور ۾ ٽشو ڪلچر ٽيڪنالاجي انهي بيماري کي ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. ۽ ڪيلي جي فصل کي هڪ نئون روشن مستقبل ڏنو آهي. ڪيلي جو فصل قديم زماني کان وٺي پوکيو وڃي ٿو. ڪيلي کي پڻ ميون جي دنيا ۾ انب جيان هڪ خاص اهميت حاصل آهي. جڏهن ته پيداوار جي حساب سان ميون کي فصلن جهڙوڪ ڪڻڪ، ووئڻن، ڪمند، چانور، مڪئي، جوئر، ٻاجهر وغيره سان ڀيٽا ڪجي ٿي ته ميون جو معيار ۽ پيداوار فصلن کان پڻ اڳڀرائي ڪرڻ ۾ هيٺ نظر نه ايندو. اهو به حقيقت آهي ته ڪڻڪ، چانور، ڪمند ووئنڻ يعني فصل انسان ذات جي روزمره جي زندگي جو حصو آهن پر ميون کي به انسان ذات جي روزمره جي زندگي جي ضرورت هجڻ ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. دنيا ۾ ڪيلي جون لڳ ڀڳ 300 اسپيشيز ۽ 20 مختلف جنسون پوکيون ۽ اپايون وڃن ٿيون. پاڪستان ۾ خاص طور تي صوبي سنڌ ۾ ڪوينڊش جنس جيڪا عام جام پوکي وڃي ٿي. جنهن کي عام طور تي بصري جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو. الله تعاليٰ انسان ذات کي هن دنيا ۾ ڪيترين ئي انيڪ نعمتن سان نوازيو آهي. جڏهن ته ڪيلي کي انسان ذات لاءِ هڪ نعمت کڻي چئجي ته انهي ۾ به ڪو شڪ ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪيلي جو فصل نه رڳو خوراڪي جزن ۾ اهميت حاصل رکي ٿو پر انسان ذات جي ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين کي منهن ڏيڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿو. ڪيلو جيڪو انسان ذات جي لاءِ هاضمي جي سرشتي لاءِ پڻ مکيه ثابت ٿئي ٿو. اڪثر ڪري ڪيلو ان ماڻهو لاءِ تمام گهڻي اهيمت جو حامل آهي جنهن کي اڪثر آنڊن ۾ تڪليف رهي ٿي يا جيڪي آنڊن جي بيمارين ۾ مبتلا هوندا آهن. ٻين به ڪيترين ئي بيمارين جهڙوڪ بلڊ پريشر، ڊپريشن ۽ تنتي سرشتي جي لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿئي ٿو.
    بشڪريه عبرت
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪيلي جي فصل جو نئون جنم

    ادا بهترين ونڊ آهي
    زراعت جي سلسلي ۾ اوهان جي تحرير ڪيل انهن تحريرن جو ڪو جواب نه‌ آهي۔۔ زبردست۔۔ اهڙي ڪوششن کي جاري رکو۔۔ مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو