• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي جهاز حادثي جا تفصيل

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ڪراچي ۾‌ هڪ نجي ڪمپني اي اين آءِ جي ذاتي ايئر ڪرافٽ‌ جهاز جي تباهه ٿيڻ واري حادثي ۾ جهاز ۾ سوار 21 ئي مسافر فوت ٿي ويا۔ جن ۾ انهيءَ‌ڪمپنيءَ جو پرڏيهي اٽليءَ جو انجنيئر پڻ آهي، جهاز ”جي ايس ايئر” ڪمپنيءَ جو تيار ڪيل آهي۔ ان جهاز کي معمول مطابق ڄامشورو ۾ واقعي ڀت جبل گئس فيلڊ تي اچڻو هو۔۔ ڀت جبل گئس فيلڊ‌جو ٺيڪو سال 2000ع کان اٽليءَ جي انهيءَ‌ اين اي آءِ‌ ڪمپنيءَ وٽ آهي۔ ياد رهي ته جيو ۽ جنگ نيوز وارن غلط فهميءَ سبب خبر هلائي آهي ته اهو جهاز ڀٽ شاهه گئس فيلڊ تي وڃڻو هو۔ حقيقت ۾ ڀٽ شاهه ۾ يا انهيءَ‌نالي سان ڪابه گئس فيلڊ نه آهي۔ جهاز حادثي دوران ڪمپنيءَ جي فوت ٿيل ملازمن ۾ سنڌ، پنجاب جا ڪيترائي ماڻهو شامل آهن۔

جهاز انجڻ جي ٽيڪنيڪل فالٽ‌ سبب ايئرپورٽ مان اڏام ڪرڻ دوران ئي حادثي جو شڪار ٿي ويو، ڪراچي ۾ ڪنهن به مسافر جهاز جو اهو پهريون حادثو آهي۔۔۔ ڪل فوتين مان 12 لاش سڃاڻپ جي قابل نه رهيا آهن۔۔ جن جي ڊي اين اي ٽيسٽ سان سڃاڻپ رڻ بعد انهن کي وارثن حوالي ڪيو ويندو۔

ان جي باري ۾ ڪاوش‌ ۾‌آيل خبر جو عڪس​

ڪراچي ۾اٽلي جي ڪمپني ملازمن کي ڀت جبل گئس فيلڊ کڻي ويندڙ جهاز تباهه،پرڏيهي انجنيئر سوڌو 21 ڄڻا فوت
ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار ٻگهيو) ڄامشوري ضلعي ۾ واقع ڀت جبل گئس فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ اٽليءَ جي ڪمپني جي آفيسرن ۽ ملازمن کي کڻي ويندڙ جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تان اڏام کان فوري پوءِ ڪري تباهه ٿي ويو، اٽلي جي هڪ انجنيئر ۽ جهاز جي پائليٽ سميت 21 ڄڻا فوت، فوتين مان اٽلي جي انجنيئر ۽ پائليٽ سميت 9 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي، باقي فوتين جي لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي سڃاڻپ ڪئي ويندي، فوتين ۾ ماتلي، سکر، گهوٽڪي، ميرپورخاص، ڪراچي، ميانوالي، ملتان، ڊيرا غازي خان، رحيم يار خان ۽ ٻين شهرن جا رهواسي شامل آهن، حڪومت حادثي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان موجب ڪالهه صبح جو تقريبن 7 لڳي 13 منٽن تي هڪ نجي ايئر ڪمپني ”جي ايس ايئر“ جو جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تان ڀت جبل گئس فيلڊ ڏانهن وڃڻ لاءِ اڏيو ته اڏام کان فورن بعد جهاز جي پائليٽ جهاز جي انجڻ ۾ خرابي جي شڪايت ڪئي ته ڪنٽرول ٽاور هن کي فوري طور واپس ايئرپورت تي لينڊنگ لاءِ چيو پر ان جي منٽ بعد جهاز ڪراچي ايئرپورٽ کان هڪ ناٽيڪل ميل پري ڪري تباهه ٿي ويو. حادثي ۾ عملي جا 2 ميمبر ۽ 19 ٻيا ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. سول ايوي ايشن موجب حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ان لاءِ انڪوائري ٽيم ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ذريعن ۽ اکين ڏٺن شاهدن موجب نجي ايئر ڪمپني جو JS-201 جهاز هفتي ۾ ٻه ڏينهن اڱاري ۽ جمعي تي اٽالين ڪمپني اي اين آءِ (ENI)جي ملازمن ۽ آفيسرن کي ڄامشوري ضلعي جي ڀت جبل گئس فيلڊ واري پراجيڪٽ تي کڻي ويندو هو. ڪالهه شيڊيول موجب جهاز کي صبح جو تقريبن ستين وڳي ڪراچي ايئرپورت تان سيوهڻ لاءِ پرواز ڪرڻي هئي، جهاز جيئن ئي اڏام ڪئي ته انجڻ ۾ خرابي سبب ايئرپورٽ جي حدن ۾ ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ۽ جهاز کي باهه وڪوڙي وئي، جهاز حادثي جي اطلاع تي ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس، ايئرپورٽ جا فائر فائيٽرز، رينجرز، پوليس ۽ ميڊيا جا نمائندا موقعي تي پهچي ويا. ملبو بڻجي ويل ۽ باهه ۾ وڪوڙيل جهاز مان لاش ڪڍيا ويا، جيڪي باهه ۾ سڙي مڪمل طور ڪوئلو بڻجي ويا هئا. لاش آغا خان اسپتال پهچايا ويا، جيڪي سڃاڻپ لائق نه رهيا هئا بعد ۾9 ڄڻن جي سڃاڻپ سندن ڳچين ۾ پاتل اڌ سڙيل سڃاڻپ ڪارڊن مان ٿي آهي، جن ۾ اٽلي جو رهواسي انجنيئر اينٿوني ساسو، جهاز جو پائليٽ نعيم الحق، ڪوپائليٽ نعمان شمسي، گئس فيلڊ جي ملازمن جو ٺيڪيدار سليم الدين، انجنيئر الطاف، محمد شاهد، صداقت حسين، اي ايس ايف اهلڪار ظفر اقبال ۽ ڊيراغازي خان جو انجنيئر ساجد رفيق شامل آهن. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جاچ نياز احمد کوسو آغا خان اسپتال ۾ ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته جن فوتين جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي انهن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته باقي فوتين جي لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ جناح اسپتال ۾ انهن جا سيمپل ورتا ويا آهن، جيڪي ڊي اين اي رپورٽ لاءِ اسلام آباد اماڻيا ويندا ۽ پوءِ وري انهن جي وارثن جي ڊي اين اي ڪرائي ويندي، جنهن کانپوءِ جنهن جو جيڪو لاش هوندو تنهنجي وارثن حوالي ڪيو ويندو. ايس ايس پي جاچ چيو ته اسان ان ڳالهه کان بچڻ ٿا چاهيون ته ڪنهن جو لاش ڪنهن ٻئي جي حوالي نه ٿئي، جيئن اسلام آباد واري ايئر بلو جي جهاز حادثي ۾ ٿيو هو. ڊي اين اي جي ان سڄي پراسيس ۾ 15 کان 20 ڏينهن لڳي ويندا. تيستائين لاش سرد خاني ۾ پيل رهندا. حادثي ۾ فوت ٿي ويلن مان 2 ڄڻن جهاز جي پائليٽ ۽ ڪو پائليٽ سميت سڃاڻپ ٿيل ڪجهه فوتين جي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو، هن چيو ته جهاز جي پائليٽ يا سندس مددگار جو پوسٽ مارٽم ان ڪري ضروري آهي ته ڪٿي هو اهڙي حالت ۾ ته جهاز نه اڏائي رهيا هئا، جنهن سبب اهي حادثي جا ذميوار بڻيا هجن ۽ سندن غفلت سبب جهاز ڪريو هجي. اهو شڪ ختم ڪرڻ لاءِ ٻنهي جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو. ٻئي طرف حادثي جي اطلاع کانپوءِ فوتين جا ڪيترائي وارث آغا خان اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ اڳيان بيٺا رهيا، جن کي اندر نه پئي ڇڏيو ويو، ڇو ته لاش سڙيل هئا ۽ سڃاڻپ لائق نه هئا. ماتلي جي رهواسي محمد اعظم نظاماڻي ولد مراد علي نظاماڻي جي ويجهي دوست اصغر شيخ ٻڌايو ته فوتين ۾ محمد اعظم نظاماڻي شامل آهي، جيڪو ماتلي مان چونڊيل پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي رئيس غلام حيدر نظاماڻي جو ڀائيٽو هو ۽ اصل ماتلي جو رهواسي هو. اصغرشيخ ٻڌايو ته محمد اعظم نظاماڻي رات جو مون سان ڳالهايو ۽ چيو ته 18 ڏينهن لاءِ صبح جو گئس فيلڊ تي وڃڻو آهي، لڳي ٿو عيد به اُتي ڪرڻي پوندي. هن ٻڌايو ته اعظم نظاماڻي اٽلي جي اي اين آءِ ڪمپني ۾ ٽيڪنيشن طور ملازم هو ۽ 8 سالن کان ڀت جبل واري گئس فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيو هو. هن ٻڌايو ته محمد اعظم نظاماڻي کي هڪ پٽ ۽ نياڻيءَ جو اولاد آهي سندس 3 ڀائر آمريڪا ۾ رهن ٿا. صبح جو سوير ماتلي مان سندس گهرڀاتين مونکي فون ڪري حادثي بابت ٻڌايو، جنهن کانپوءِ مان ٻين دوستن سان گڏ هتي آيو آهيان پر اڃا تائين نه اسان کي لاش ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي وري ڪجهه ٻڌايو پيو وڃي. حادثي کانپوءِ نيوي جو سويلين ملازم پنهنجي زال سان گڏ آغا خان جي ايمرجنسي ٻاهران ڏکايل بيٺو هو، هن ٻڌايو ته سندس زال جي پڦي جو پٽ طاهر ولد عبدالخالق حادثي ۾ فوت ٿيو آهي، هو اصل ملتان جو رهواسي هو، سندس ڀاءُ طارق ملتان کان اچي پيو اسان هتي ئي رهون پيا ان ڪري جلد ئي آياسين ته لاش جي مالڪي ڪيون پر اسان کي نه لاش ڏنو ويو آهي نه ئي اندر ڇڏيو پيو وڃي. فوتين ۾ شامل انجنيئر ارشاد علي ميرپورخاص، اقبال شاهه گهوٽڪي، نثار جمالي سکر، ارشاد علي ڪراچي، نور خان ميانوالي، الطاف خالد ملتان، ساجد رفيق ڊيرا غازي خان، عالم راڻا رحيم يار خان، معظم رحيم يار خان ۽ طاهر ملتان جا رهواسي هئا. هوڏانهن ليفٽيننٽ ڪرنل نور آغا جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل جهاز ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان واقع فوج جي سينٽرل آرڊيننس ڊپو جي ميدان ۾ ڪري تباهه ٿيو آهي، هن ميڊيا کي ٻڌايو ته سڀني ماڻهن جا لاش سڙي ويا آهن، جڏهن ته ڊي جي سول ايوي ايشن جو چوڻ آهي ته جهاز جو بليڪ باڪس ملي ويو آهي، جنهن مان انجڻ جي خرابي بابت خبر پئجي سگهي ٿي، بليڪ باڪس ڊي ڪوڊنگ لاءِ پرڏيهه موڪليو ويندو. سول ايوي ايشن موجب ڪنٽرول ٽاور ۽ پائليٽ وچ ۾ آخري وقت تائين ٿيل ڳالهه ٻُولهه جو رڪارڊ به تحويل ۾ ورتو ويو آهي، ٻئي طرف صدر ۽ وزيراعظم جهاز حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،

سکر، گھوٽڪي، ميرپورخاص ۽ ماتلي جي فوت ٿيل ملازمن جي وارثن کي پنھنجن پيارن جا لاش نه ملي سگھيا​
ڪراچي: سنڌ واسي چئن ڄڻن سميت 12 فوتين جي وارثن کي پنهنجن پيارن جا لاش نه ملي سگهيا، وارثن حوالي ٿيل ٽن ڄڻن سميت 16 فوتين جي ڊي اين اي ڪرائڻ لاءِ سيمپل ورتا ويا. فوتين جا اڪثر وارث ڪراچي کان ٻاهران جا هئا جيڪي ڪراچي پهچڻ بعد آغا خان ۽ جناح اسپتال جا چڪر لڳائيندا رهيا، ميرپور خاص واسي انجنيئر ارشاد علي، گهوٽڪي جي اقبال شاهه، سکر جي نثار جمالي ۽ ماتلي جي محمد اعظم نظاماڻي سميت 12 فوتين جي فوت ٿيڻ جي ته تصديق ٿي وئي آهي پر لاش سڙي وڃڻ سبب اها تصديق نه ٿي سگهي ته ڪهڙو لاش ڪنهن جو آهي. ان ڪري اهي 12 ئي لاش وارثن حوالي نه ٿيا آھن ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ تائين لاش ايڌي هوم جي سرد خاني ۾ رکيل هوندا. ڪالهه حادثي کانپوءِ فوتين جا وارث ملڪ جي مختلف شهرن ماتلي، گهوٽڪي، سکر، ميرپور خاص، ملتان، ڊيره غازي خان، رحيم يار خان ۽ ٻين شهرن کان ڪراچي پهتا. اِي اين آءِ ڪمپني جي ملازمن لاءِ آغا خان اسپتال ڪمپني جي پئنل تي آهي، جنهن سبب لاش پهريان آغا خان اسپتال آندا ويا ته اسپتال جي اندر ۽ ٻاهر ايمبولينس جون قطارون بيهجي ويون. اسٽيڊيم روڊ تان گذرندڙ هر شخص بيهي پڇندو رهيو ته شهر ۾ ڇا ٿيو آهي. جڏهن ته اسپتال جي ايمرجنسي ٻاهران فوتين جي مائٽن ۽ دوستن جي رش لڳل هئي جيڪي لاش ملڻ جي انتظار ۾ هئا. آغا خان اسپتال ۾ لاش جي کيسن مان يا کين ڪنڌ ۾ پاتل اڌ سڙيل سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي اٽلي جي رهواسي اينٿوني ساسو، جهاز جو ڪو پائليٽ نعمان شمسي، مزدورن جي ٺيڪيدار سليم الدين، صداقت حسين، انجنيئر الطاف ۽ محمد شاهد جي سڃاڻپ ٿي ۽ انهن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته بعد ۾ جناح اسپتال ۾ ڊي اين اي جا سيمپل وٺڻ وقت ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس جي اهلڪار ظفر اقبال جي سڃاڻپ سندس وردي لڳل بيج ۽ پائليٽ نعيم الحق جي به ساڳي طرح، جڏهن ته انجنيئر ساجد رفيق جي ڊيره غازي کان آيل سندس وارثن سڃاڻپ ڪئي. ايس ايس پي جاچ نياز احمد کوسو جو چوڻ آهي ته ٽن ڄڻن جي سڃاڻپ باوجود ڊي اين اي ڪرائي ويندي ته جيئن ڪو شڪ نه رهي ۽ انهن ٽن ڄڻن سميت 16 ڄڻن جي ڊي اين اي لاءِ سيمپل ورتا ويا آهن، جيڪي اڄ اسلام آباد موڪليا ويندا. ايس ايس پي جاچ نياز احمد کوسو جو چوڻ آهي ته واقعي جي ٿاڻي جي روزنامچي ۾ داخلا ڪئي آهي، باقي ڪيس داخل ناهي ڪيو ڇو ته حادثو آهي، جيڪڏهن اڳتي هلي جاچ ۾ ڪنهن جي غلطي نڪتي ته ڪيس داخل ڪيو ويندو،35 ورهين جو اقبال شاهه پٽ استاد عبدالغني شاهه ميرپورماٿيلو ويجھو ڳڙهي چاڪر جو رهواسي هو ۽ انجنيئرنگ پاس ۽ تمام گهڻو ذهين هو، جنهن سبب هو مختلف ڪمپنين ۾ آفيسر طور ڪم ڪري چڪو هو، سندس وارثن موجب ته هو گذريل 8 سالن کان مختلف ڪمپنين ۾ بطور آفيسر مقرر ٿيندو رهيوآهي، هنن ٻڌايو ته ڏهرڪي جي اينگرو فيڪٽري ۾ ڪجھه سال ڪم ڪرڻ سان گڏو گڏ ٽن يا چئن ڪمپنين ۾ ڪم ڪري چڪو هو ۽ لڳ ڀڳ چار سال کن ٿيندا ته هو ڀت جبل واري پاسي ڪم ڪندڙ هڪ گئس ڪمپني فلنگ ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ڪمپني جي ئي ڪم سان هو بد نصيب جهاز ۾ سوار ٿي وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو جنهن سبب هو شهيد ٿي ويو، جڏھن ته ڪراچي جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويل سکر جي بهار ڪالوني سان تعلق رکندڙ نثار جمالي جي پيءُ محمد موسيٰ جمالي ڪاوش کي ٻڌايو آهي ته کيس4 پٽن جو اولاد آهي، جنهن مان وڏي ۾ وڏو نثار جمالي هو، سکر جي ڊگري ڪاليج مان بي ايس سي پاس ڪرڻ بعد ھن اٽلي سان تعلق رکندڙ ڪمپني ۾ پروڊڪيشن ٽيڪنيشن طور 7 سال اڳ ملازمت حاصل ڪئي آهي جنهن کي هن وقت ڪمپني پاران هڪ پراجيڪيٽ ۾ سپروائيزر طور مقرر ڪيو ويو هو. جيڪو 15 ڏينهن اڳ اٽلي جي دوري بعد موڪل تي گهر آيل هو. هن ٻڌايو ته نثار جمالي ٻه ڏينهن اڳ سکر مان گهر وارن سان موڪلائي ڪراچي روانو ٿيو، نثار جمالي جي شادي پڻ ٿيل آهي جنهن کي ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي جن مان ٻه پٽ سکر جي پبلڪ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. جڏهن ته نثار جمالي کي 3 ڀائر ٻيا آهن. جڏهن ته سندس پيءُ پڻ هڪ ڄنگهه کان معذور آهي. جڏهن ته سندس بهار ڪالوني واري جڳهه ننڍي هئڻ ڪري سندس اباڻي ڳوٺ بچل شاهه ۾ تڏو رکيو ويو آهي.

اٽلي جي ڪمپني کي 2000ع ۾ ڀت جبل گئس فيلڊ جو لائسنس مليو​
ڪراچي: ڄامشورو ضلعي جي ڀت جبل گئس فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ اي اين آءِاٽلي جي ڪمپني آهي، سن 2000ع ۾ ڄاڻايل ڪمپني کي ڀت جبل گئس فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو لائسنس مليو. اڳوڻي صدر پرويز مشرف ڀت جبل گئس فيلڊ جو افتتاح ڪيو هو. ڄاڻايل ڪمپني گئس فيلڊ تي ڪم ڪرڻ لاءِ وجاهت ٽريڊنگ کان ملازم حاصل ڪيا، سليم الدين انهن ملازمن جو ٺيڪيدار هو، جيڪو پڻ ان حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو. سليم الدين مزدور گهرائي ڪري ڪمپني کي ڏيندو هو ۽ ڪمپني سان طئي ٿيل رقم مان انهن کي پگهارون ڏيندو هو. ذريعن موجب سليم الدين ڪالهه گئس فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ ڪمپنيءَ جي ملازمن سان گڏ وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو.

جھاز حادثي ۾ فوت ٿيل 17 ملازمن جي لسٽ جاري​
ڪراچي: اٽلي جي ڪمپني ”eni“ ڪالهه جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويل پنهنجي 17 ملازمن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ويب سائيٽ تي ڏنل لسٽ مطابق جهاز حادثي ۾ خالد حسين، الطاف، صداقت حسين، احمد اسحاق جمالي، نور خان، سعيد معظم، احمد نديم، محمد اعظم نظاماڻي، ساجد رفيق، محمد عالم رانا، عامر رضا، سليم الدين، اقبال حسين شاهه، شاهد صديق، انور عمران سيد، ارشاد علي سيد، محمد طاهر پاڪستاني شهري ۽ اٽلي جو هڪ رهواسي انتونيو ساسو فوتين ۾ شامل آهن.

 
جواب: ڪراچي جهاز حادثي جا تفصيل

جهاز حادثي جا ڪجهه ڦوٽو

pic-story9.jpg


pic-story10.jpg


pic-story12.jpg
 
جواب: ڪراچي جهاز حادثي جا تفصيل

ادا ڏاڍو افسوس ٿيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
هي بدنصيب جهاز منهنجي آفيس c o d جي گرائونڊ تي ڪريو۔۔۔ مان صبح جو آفيس وڃي رهيو هيس ته ٻاهرين گيٽ تي خبر پئي باقي سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺم۔۔۔ لاشن جي حالت ڏسي دل ڪچي ٿي پئي۔۔۔۔ ء گهر موٽي آيس۔۔۔۔
 
Back
Top