شوڪت حسين شورو شخصيت ۽ فن

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,394
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شوڪت حسين شورو شخصيت ۽ فن ​

    [​IMG]
    اسحاق سميجو
    جڏهن اسين ڄامشورو ڪراس ڪري، ڪراچيءَ طرف هلڻ لڳون ته نيشنل هاءِ وي جي اولهندي پاسي، سنڌ جي نئين نسل جي خوابن جي سر زمين سنڌ يونيورسٽيءَ جو سرسبز ۽ وڻڪاريءَ ۾ جنجهيل علائقو سهين سرهاڻ سان اسان جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو. سنڌ جي روايتي وڻن ٻير، ٻٻر، پپر، نِم ۽ سرينهن کانسواءِ گل مهر، اشوڪ ۽ پام جا ڊگهين ڳچين وارا وڻ به ڪٿي ڪٿي ڪنڌ کنيو بيٺل ڏسجن ٿا. يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيندڙ ٻنهي گيٽن جي وچ ۾، ڪنهن بزرگ جي مقبري جهڙو ڏيک ڏيندڙ گلن ڦلن سان ڀريل هڪ سُرهي نگري، روڊ سان لڳو لڳ، هر گزرندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهيءَ کي پاڻ طرف ڇڪي ٿي. اها عمارت سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو بي مثال اهڃاڻ سنڌ الاجيءَ جي آهي ۽ هن ئي عمارت جو اوڀر اُتر ڪنڊ ۾ قائم ڊائريڪٽر واري آفيس اندر اوهان جي ملاقات ان شخص سان ٿي سگهي ٿي، جنهن روايتي سنڌي ڪهاڻي کي نيم غنودگيءَ واري حالت مان ڪڍي، هڪ ”ڇرڪ“ ۽ ”حيرت“ سان همڪنار ڪيو هو.
    عمارت اندر داخل ٿيڻ سان ڪجهه وڻ، ڪجهه رنگ رنگ جا پوپٽ، ڪجهه پرڏيهي گل ۽ وڻن هيٺ مختلف ٻارن ۾ ويٺل نوجوان ڪپلس، هڪ ٻئي سان مُرڪندي، محبتون ورڇيندي ۽ زندگيءَ جي احساس سان ڀرپور ۽ مترنم ٽهڪن سان اڌرڀاءُ ڪندي ڏسبا. بلڊنگ جي وچ ۾ هڪ ڦوهارو آهي ۽ ڦوهاري جي چئني پاسي پام جا ڊگها وڻ ۽ گلاب، موتئي ۽ موگري جا مختلف ۽ سهڻا سهڻا قسم لڳل آهن. اتي ئي ڪٿي، سائي رنگ جي هڪ اڇي تختي ءَ تي لکيل ملندو ”گل پٽڻ منع آهي“. پوپٽ ته اها تختي نٿا پڙهي سگهن، شايد تڏهن ئي، ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ داخل ٿبو، ته هڪ ننڍڙو ٿانءُ موگري جي گلن سان ڀريل ملندو، جن جي خوشبوءِ ايئرڪنڊيشنڊ جي ٿڌ سبب ڄمي ويل محسوس ٿيندي ۽ حواسن جي اونهاين ۾ لهندي ئي ويندي. شوڪت حسين شورو، هن ئي آفيس ۾ ويهي ٿو، جتي هن کان وڌيڪ ديوارن تي لڳل تصويرن جون سرگوشيون، فون جي گهنٽي يا آيل مهمانن جون ڳالهيون ئي ٻڌي سگهبيون آهن. جيڪڏهن گنڀيرتا جو ڪو چتر ٺاهجي، ته مونکي نٿولڳي، شوڪت حسين شوري کان بهتر ان کي ڪا صورت بخشي سگهجي ٿي. ۽ جي آواز کي چُپ ۾ بدلائجي، ته شوڪت حسين شوري کان بهتر شايد ئي کيس ڪو آڪارُ ميسر اچي سگهي.
    چوندا آهن، آرٽ اهو سٺو، جنهن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ابهام هجي ۽ جيڪو ڏسندڙ، ٻڌندڙ يا پڙهندڙ تي ڌنڌ ۾ ويڙهيل منظر وانگر هوريا هوريان کولي. جيئن ڪو اسرار، جيئن ڪا ڳجهارت، جيئن ڪو اڻ ٻڌو ۽ اڻ ڏٺو لفظ، جيئن ڪو اجنبي شخص، جيئن سمنڊ جون اونهايون....اهوئي ابهام شوڪت شوري جي ذات توڙي ڪهاڻي، ٻنهي ۾ آهي، ڪجهه منجهيل ، ڪجهه چٽي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ، ڪجهه گهري ۽ ڳوڙهي، ڪجهه سطح تان ڏسي سگهڻ جهڙي. هن جي طبيعت گليشئر وانگر ڌيري ڌيري ڳري ٿي ۽ تڪڙو تڪڙو لوڙهي ٿي. صاف سٿرا ڪپڙا، صاف سٿرو وڏو گهر، صاف سٿري وڏي آفيس ۽ صاف سٿري وڏي گاڏي....اڪثر اهڙا ماڻهو مصنوعي ۽ ڪوڙا مهذب لڳندا آهن، پر هن وٽ اهو سڀ ائين ئي فطري آهي، جيئن ڪنهن ٻار وٽ معصوميت فطري ٿيندي آهي. هن وٽ غرور ۽ وڏائيءَ لاءِ سڀ سامان ميسر آهي، پر مون ڪڏهن به اهڙي ڪنهن بيماريءَ کي سندس ڀرپاسي ۾ ڀٽڪندي ناهي ڏٺو. گڏوگڏ، سنڌ جي عام وڏيرڪي نفسيات جو شڪار ڏوڪڙ پئسي وارن ماڻهن وانگر، هن کي رڳو سٺن ڪپڙن، سٺي گهر، سٺي گاڏيءَ جي نشي ۽ لوڙَ ۾ بيحال به نه ڏٺو اٿم، البته سٺي پڙهڻ لاءِ هن جي بي چيني سدائين چاڙهه کائيندي نظر آئي آهي.
    جيتوڻيڪ لکڻ جي حوالي سان اڄڪلهه ته هو شايد ”چٺي“ ۾ ‎‎آهي ۽ سندس ان چٺي ڪٽڻ کي به چڱيون مندون گذري چڪيون آهن، پر پڙهڻ ۾ پسند جا ڪتاب توڙي موضوع، به ڪي لامحمدود ناهن ڀائنبا، پر پڙهڻ ئي هن جو رياض آهي ۽ ان رياض ئي هن جي ادب سان رشتي کي ڪنهن به رُت ۾ ٽٽڻ ناهي ڏنو. نه ته لکڻ کان ڇڄڻ بعد ان سان نئين سر رشتو ڳنڍڻ ڏکيوئي نه، جوکائتو به ٿيندو. اهڙي صورتحال جو شڪر ليکڪ جو يا ته قلم جائتو ناهي هوندو، يا مٿو. هاڻ جڏهن وڏي عرصي بعد شوڪت جو ئي دوست لعل پشپ لٽريچر ۾ موٽي آيو آهي، ته نه هن جو قلم پنهنجون اڳيون اونچايون ڇُهندي ٿو ڏسجي ۽ نه ئي سندس تخليقي قوتون مٿس مهربان نظر ٿيون اچن. شايد ان ڪريئي هڪ وڏي ليکڪ کي ”ٽورو“ جهڙا عجيب غريب ۽ بي معنيٰ موضوع بيدرديءَ سان برباد ڪري رهيا آهن. ليکڪ جڏهن پاڻ موضوعن کي پنهنجي گرفت ۽ دسترس ۾ آڻڻ جي قابل ناهي رهندو، ته موضوع هن جو شڪار ڪرڻ لڳندا آهن. لعل پشپ سان به اهو ئي مسئلو آهي. ٿي سگهي ٿو ته شوڪت به ان ئي ڊپ تحت فڪشن لکڻ ڇڏي ويو هجي يا هر ليکڪ وانگر، هن به ساهي پٽڻ جو سوچيو هجي. جيتوڻيڪ هو گهڻُ يا تمام گهڻو لکندڙ ڪڏهن به ناهي رهيو. هن جي قلم جي ادا لکڻ ۾ اهائي رهي آهي، جيڪا ڪيٽ واڪ ڪندڙ ڇوڪريءَ جي هلڻ ۾.
    سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر واري شاهي آفيس ۾ ويٺي، هو اخبارون اُٿلائيندي، نيٽ تي دوستن جون اِي ميلون چيڪ ڪندي، ڪڏهن ڪڏهن آفيس جي ڪمن ڪارين جا آيل فائيل ڏسندي، ته ڪڏهن وري سرڪاري خطن جا جواب لکندي نظر ايندوآهي ......۽ اهو ته سمورا بيوروڪريٽ ئي ڪندا هوندا، پر جيڪو ڪم فقط شوڪت ئي ڪري سگهندو آهي، سو آهي اڪثر هن جو بلڪل خاموش رهڻ، ڪنهن يوگيءَ وانگر وڃايل وڃايل...يا ڪنهن اونهي ۽ اڄاتي ويچار ۾ گم سم نظر اچڻ....۽ هن کي مون اڪثر ائين ئي ڏٺو آهي، سانت سانت، سانت سانت، شروع شروع ۾، جڏهن اڃا مان هن کي ايترو ويجهو نه ٿيو هيس يا منهنجو هن سان حُجت جو اهڙو سلسلو نه جُڙيو هو، تڏهن ته هو به مون کي سنڌالاجيءَ جي ميوزم ۾ پيل اسٽيچوز جهڙوئي هڪ اسٽيچو لڳو هو.
    يونيورسٽين ۾ آخري سال جا شاگرد، جيڪو الوداعي جلسو (فيئر ويل) ڪندا آهن، تنهن ۾ هو هڪ ٻئي کي ٽائيٽل يا خطاب ڏيندا آهن. جيڪڏهن شوڪت صاحب منهنجو هم ڪلاسي هجي ۽ اهڙي ڪنهن الوداعي پارٽيءَ ۾ مون کي کيس ”خطاب“ ڏيڻ جو وجهه ملي ها، ته مان کيس ”مسٽر گُم سُم “ يا ”مجسم خاموشيءَ“ جو ٽائيٽل ڏيان ها، ها مون کيس گهڻي مان گهڻو ڪم، اهوئي ڪندي ڏٺو آهي، يعني چُپ جي گيان ۾ يا آوازن جو پاٺ ڪندي. ڪو ڀلي ڪيترو به گهڻو ڳالهائي ۽ طرحين طرحين جا پيو سوال پُڇي، پر هن جي موٽ يا ردعمل ”ها“ ۽ ”نهه“ جي آس پاس ئي هوندو. ڪڏهن ڪڏهن ته اها به پروڙ نه پئجي سگهندي آهي، ته هو ”ها“ ٿو ڪري، يا ”نهه“ ٿو ڪري.
    گذريل پنجن ستن سالن جي دوستيءَ ۾، مون هن کي ڪڏهن به روئيندي ناهي ڏٺو. هو پنهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن وانگر ئي آهي. نه مصنوعي خوش خوش، نه هٿ ٺوڪيل ڏکويل ڏکويل، توڙِ جو هن جو ادارو خود به هڪ ناٽڪ منڊليءَ جيان آهي، رنگ رنگ جا ڪردار، ڀانت ڀانت جا ويچار، طرحين طرحين جو نِيتون ۽ عجي عجيب هيئتون. پٿر جهڙا ٺوس ۽ شخص، ته ميڻ جهڙا نرم ۽ ڀُرڪڻا به . سازشي به، ته سچا به. ملاوٽ وارا به، ته نِج به.....پر هو انهن سڀني جي وچ ۾، الائي ڪيئن فِٽ آهي. (لڳندو ته اَنِ فِٽ ئي آهي!) اسان جي اڪثر ادبي ادارن جا سربراهه چالاڪي ۽ عياريءَ ۾ ملڪي سياستدانن جو نقل ڪندا آهن. هڪڙن ملازمن کي پنهنجو سپاهي يا گرويدو بنائڻ لاءِ کين بي تحاشا نوازيندا آهن ۽ ٻني کي ستائيندا، دٻائيندا ۽ ايذائيندا آهن. هڪڙا ته اهڙا به آهن، جيڪي هڪ اداري جي مختلف سيڪشنن ۾ پنهنجا جاسوس پيدا ڪندا آهن ته جيئن پنهنجي خلاف ٿيندڙ هر ڪا ڳالهه، اتفاقي نڪتل جملي يا ڪاوڙ ۽ رد عمل کي به بغاوت وانگر دٻائي، پنهنجي حڪمرانيءَ جو دهمان ۽ دٻدٻو ويهاري سگهن. اداري جي آفيسرن ۽ ملازمن جي حاضري اِئين لڳائين، جيئن اسڪول ۾ ٻارن جي حاضري لڳائبي آهي. هو اداري ۾ پهچن، ته لڳي ڪوئي راڪاس پهچي ويو آهي. هڪڙا رونشو ڪري اچي قدم بوسي ڪن ته ٻين کي پاڻ لِڪائڻ لا ءِجاءِ نه ملي، پر هن ۾ اهڙي ڪنهن ”بادشاهه صفت، سربراهه جو هڪ به گُڻ، ڪڏهن به نظر نه آيو. مونکي لڳندو آهي، هن جي نظام ۾ ”جزا“ توڙي ”سزا“ وارا ٻئي قانون معطل آهن، اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪٿي اهي ٻيئي لازمي ٿي پوندا آهن.
    ڇا هي ڪڏهن ڪنهن سان کلي به ڳالهائيندو هوندو؟ يا هيءُ شخص، جيڪو هر ڳالهه جو جواب ايترو ته مختصر ٿو ڏئي، جو اختصار به شرمائي ٿو، ڪنهن ادبي، سياسي يا سماجي معاملي ۾ ئي، بحث مباحث جو به حصو بڻجندو هوندو؟ اها ڳالهه مونکي سدائين پريشان ڪندي رهي. سنڌ الاجي هڪ سرڪاري ادارو آهي ۽ وري هڪ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل، سابه سنڌ يونيورسٽي“. مظهر الحق صديقي صاحب جي ايامڪاريءَ ۾ ته اها هڪ ”فنڪشن يونيورسٽي“ رهي آهي. روز ڪونه ڪو فنڪشن، ڪانه ڪا شام، ڪنهن نه ڪتاب جي مهوريت، ڪنهن نه ڪنهن ماهر جو ليڪچر، ڪا ڪانفرنس، ڪو سيمينار، هاڻ ته کڻي آرٽس فيڪلٽي ۾ شيخ اياز آڊيٽوريم به آهي، پر اڳي ته سنڌ يونيورسٽيءَ توڙي يونيورسٽيءَ کان ڪنهن ٻاهرئين اداري وٽ به فنڪشن لاءِ سنڌ الاجي جي هال کانسواءِ ڪو آپشن ئي نه هو. سنڌ الاجيءَ ۾ ڀلي موسيقيءَ جي محفل هجي يا ڪنهن ڪاموري لاءِ پارٽي، ٻارَ ۽ ويَم جي موضوع تي سيمينار هجي يا ڪنهن فضول شاعر سان شام، جي ان ۾ اداري جو به سهڪار آهي ته ڊائريڪٽر ٿيو مجبوريءَ ۾ ميزبان، سو هر فنڪشن ۾ وٽس اسٽيج تي ويهڻ ۽ تقرير ڪرڻ کانسواءِ ڪو آپشن ئي ناهي بچندو. اها تقرير ڪڏهن آجياڻي جي هوندي آهي، ته ڪڏهن موڪلاڻيءَ جي اسٽيج تي ويٺي، هن جي اڻ تڻ ۽ بي اطمينانيءَ کي ماڻڻ جو پنهنجو لطف آهي. ايتريون تقريرون ڪري ڪري، هاڻ ته لڳندو اهي کيس تقرير کان به الرجي ٿي پئي آهي. گهڻو ته هو اڳ ۾ به ڪونه ڳالهائيندو هو، پر هاڻي ته هن جي تقرير رقط هڪ ”علامتي تقرير“ رهجي وئي آهي. مون کي لڳندو آهي، تمام جلد هن جي تقرير ڪل ايتري وڃي بچڻ جو امڪان آهي.
    ”اسلام عليڪم،
    سدائين گڏ....!“.
    چوندا آهن، جيڪي ماڻهو گهڻو ڳالهائين ۽ گهٽ سوچين، سي گهٽ خطرناڪ ٿيندا آهن ۽ جيڪي گهٽ ڳالهائين ۽ گهڻو سوچين، سي خوفناڪ ٿيندا آهن. هونئن به چئبو آهي، ”بيٺل پاڻي، ٻوڙي ئي ٻوڙي“. شوڪت صاحب جي چُپ به بيٺل اهي ۽ مون ان هٿان ڪئين ماهر تارُو ۽ تيراڪ ئي نه، پنهنجي پنهنجي انداز جا هيبتناڪ غوراب به غرق ٿيندي ڏٺا آهن. اهڙن موقعن تي هن کي ڏسي، منير جو شعرياد اچي ويندو آهي.
    آج اُس محفل من تجهه کو بولتي ديڪها منير
    تُوکه جو مشهور تها يُون بي زباني مين بهت!
    پنهنجي ڪم گوئيءَ سبب هو هر پهريون ڀيرو ملندڙ شخص کا اُلجهيل، ڏکيو ۽ خشڪ طبع محسوس ٿيندو. گهڻو ڪري ته ساڻس پراڻي واقفيت رکندڙ به هروڀرو حجت جي همت نه ڪري سگهندو. سندس طبع جي اهڙي ڳنڀيرتا ۽ ڳوڙهائي هن جي ذات جو خاص گُڻ آهي، جيڪو اوگڻ انهن لاءِ آهي، جيڪي کيس ويجهو رهڻ چاهين ٿا، جو ساڻس قربت ۽ حجت جي اهڙي رستي قائم ڪرڻ لاءِ قدرت طرفان مليل حياتي ناڪافي آهي. ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ به مليل حياتيءَ جو اڌ کن حصو اضافي به گهرجي ٿو. شائستگري، وقار، سنجيدگي ۽ گنڀيرتا ۾ ڳوهيل هيءُ گهرو ۽ ڳجهو شخص، مڌ پيئڻ وارين گلابي گهڙين ۾ وري عجيب سرخوشي ۽ سرمستيءَ ۾ ڏسبو آهي. پاري وانگر پڪڙ ۾ نه ايندڙ هن جو مزاج، اهڙين گهڙين ۾ ڀريل بادل وانگر وسان وسان پيو ڪندو آهي، پر عجيب ڳالهه اها آهي ته پيگ پيگ تي، ورق ورق تي کلندڙ هيءُ بند ڪتاب جهڙو شخص، گهڻو پيئڻ کانپوءِ به ڪڏهن وڦلندي يا پنهنجو وقار وڃائيندي ناهي نظر آيو. هن سدائين شان سان پيتو آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن محفل ۾ ڪپڙا توڙي ڪردار وڃائڻ بعد ناهي اُٿيو. نه ته اڪثر سنڌي اديب ۽ شاعر حد کان وڌيڪ پي، پنهنجي محرومين، فرستريشن ۽ حسد جون اُلٽيون ڪندا آهن ۽ پاڻ سان گڏ ٻين جا به ڪپڙا خراب ڪندا آهن. مون شوڪت صاحب کي ڪڏهن محروميءَ جو اظهار ڪندي ناهي ٻڌو، نه ئي ڪڏهن ڪنهن سان حسد ڪندي ڏٺو آهي. هن جا ڪردار ڀلي ته محرومين جو ماتم ڪندي نظر اچن، پر لڳندو اهي ته هو پنهنجيءَ ذات ۾ ڪنهن محروميءَ جو شڪار ناهي رهيو. تڏهن ئي هن واتان، ڪڏهن به ڪنهن عورت جي جسماني ساخت، فگر، لباس توڙي شخصيت جو حسرت آميز زڪر مون ته ناهي ٻڌو. ممڪن آهي، هو اهرا ذڪر پنهنجن هڪ جيڏن ۾ ڪندو هجي، جو هن جي شخصيت ۾ موجود جاذبيت ڏسڻ کانپوءِ ته ڪو انڌوئي مڃي سگهي ٿو ته هن ڪي به قهر نه ڪيا هوندا. هن کي مڃائڻ ائين ئي آهي، جيئن ڪنهن ديوار کي شاهديءَ ڏيڻ لاءِ راضي ڪري وٺڻ.
    سنڌ ۾ جديد ڪهاڻي يا نئين ڪهاڻي شوڪت، ماڻڪ، مشتاق شوري، ۽ مدد علي سنڌيءَ جي ئي آس پاس ڦري ٿي. بقول عبدالقادر جوڻيجي جي، ”شوڪت انهن سڀني ۾ اڳواڻ جو درجو رکي ٿو“. هن جون اڪثر ڪهاڻيون شخص جي داخلي پيڙا جو تخليقي روپ آهن. هو خارج کي هڪ ائيني طور ڪم ٿو آڻي، اصل ۾ پنهنجو اندر ڏيکارڻ چاهي ٿو، جيڪو هڪ لاوي مثل خاموشيءَ سان ڌڳندو رهيو آهي، يا هڪ ڪارسري اونداهي سمنڊ ۾ ڪنهن تباهه ٿيل جهاز جي اڪيلي بچي ويل شخص وانگر تختي جي سهاري تري رهيو آهي، يا ڪنهن ڊگهي اونداهي سُرنگ ۾ اڄاتي ڊپ وچان مسلسل ڊوڙي رهيو آهي، يا بس ۾ سيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾، بي ڌيانيءَ مان ڊوڙندي، ڪنهن تيزيءَ سان ويندڙ ڪار جي ٽائر هيٺان اچي ويو آهي، جنهن جي اکين ۾ مختلف رنگ نچڻ لڳا آهن.....”ڌرتيءَ جو رنگ، آسمان جو رنگ، شفق جو رنگ ۽ اکٽ اونداهيءَ جو رنگ.....!“ مونولاگ هن جو پسنديده اسٽائيل آهي ۽ اهو ئي اسٽائيل هن جي ڪهاڻيءَ جو انفرادي گڻ اهي، جنهن ۾ ڪردار خود ڪلاميءَ جي انداز ۾ باقي جڳ جهان جي فن کي ٺوڪر هڻي، پنهنجي ئي اندر جي ڪائنات ۾ ٻڏل آهن ۽ بار بار پاڻ کي ئي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش۾ ڏسجن ٿا. هر ڪردار پنهنجي پريشاني ۽ پنهنجي ڳڻتيءَ ۾ ورتل آهي. هن جي ڪردارن جي اهڙي ذهني حالت ۽ ڊپريسڊ فضا، اسڪول جي زماني وارن ڏينهن ۾ مون کي سخت ذهني ڀڃ ڊاهه ۾ وڌو هو ۽ مون سوچيو هو، هيءُ ليکڪ ته پڙهندڙن کي نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيندو“...پر هاڻ جڏهن انهن ڪهاڻين کي نئين سر ڏسان ٿو، ته اهي جديد شهري زندگيءَ هٿان زخمي ڪيل روحن ۽ جسمن جا نوحا محسوس ٿين ٿيون. نئين تهذيبي ۽ تمدني دنيا، انساني زندگيءَ کي جن ناڪامين، محرومين، فرسٽريشنس ۽ جذباتي ڀڃ ڊاهه جي ور چاڙهيو آهي، سنڌ ۾ فقط شوڪت ئي ان کي گهربل شدت سان محسوس ڪيو آهي ۽ کيس پنهنجي ڪهاڻين ۾ انساني تهذيب جي زوال تي، هڪ زندهه انسان جي چيخ طور پيش ڪيو آهي. اها چيخ، جيڪا ازل ۽ ابد جي وچ ۾ ٽاڪي مثل آهي، جيڪا زندگيءَ ۽ موت جي وچ واري خال کي ڀري ٿي، جيڪا هن جي ذات جي ماٺار ۾ ڪنهن زلزلي ونگر لڪل رهي آهي ۽ جيڪا سنڌ جهڙي بي معنيٰ ۽ پاتال ۾ تڳندر سماج جي هجڻ جي احساس ڏياري ٿي.
    شخصي طرح هو نه ٺپ روايتي آهي، نه ئي فيسن ايبل غير روايتي......۽ عقيدي جي لحاظ کان نه ڪڏهن ڌرمي لڳو اٿم، نه اڌرمي. رمضان اچي ته سمورا روزا رکي، پر ڪڏهن به روزي جي تبليغ نه ٿو ڪري. 2005ع ۾ ڀارت جي دوري کانپوءِ، جنهن ڏينهن واپس پئي ٿياسين، اتفاق سان ان ڏينهن رمضان جو پهريون روزو هو. مون پڇيو، ”توهان به هلو ٿا نه!“، چيائين ”نه. پنهنجي ملڪ ۾ رمضان شريف هوندو، اسان شريف ڇا هلي ڪنداسين“. دعا مون ڪڏهن هن کي گهرندي ٻڌو نه آهي، پر جي گهرندو هوندو، تڏهن به ايتري آهستگيءَ سان، جو شايد خدا به نه ٻڌندو هجي. هن جي ڪهاڻي ”سُرنگ“ جو مرڪزي ڪردار به اهڙوئي هڪ شخص آهي، الائي هو پاڻ آهي..”هڪڙي ڏينهن کٽ تي ليٽيو پيو هو ته کيس لڳو ته گوڙ مٿائنس چڙهندي پئي آوي. هن زور سان چيو، کڻي وڃو روڊ کي هتان! ڪهڙي مصيبت آهي هيءَ؟“ ۽ رڙيون ڪندي ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو. چپن ۾ مِڻ مِڻ ڪري، مٿي آسمان ڏانهن اکيون کڻي ڏڍائين. هو ويتر باهه ٿي ويو. ”ائين چپن ۾ مِڻ مِڻ ڇو ٿي ڪرين؟ زور سان چئو ته خدا به ٻڌي! مون توکي ڪيترا ڀيرا چيو اهي ته منهنجي لاءِ دعا نه گهُرندي ڪر......“
    سنڌ جي پڙهيل لکيل خاص طور ليکڪن جي قبيلي وٽ ڀارت گهمڻ ۽ اتي موجود پنهنجن ماڻهن، پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ پڙهڻ جي عبادت ڪندڙ ليکڪن سان ملڻ ۽ ساڻن پنهنجو پاڻ شيئر ڪرڻ جي حسرت هميشه کان رهي آهي. جيتوڻيڪ گذريل ڪجهه عرصي اندر، اچ وڃ جي بار بار موقعن ملڻ، ٻنهي پاسي جي اديبن پاران تڪڙو قافلن جي صورت ۾ اچڻ وڃڻ ان خواهش جي شدتک ي ڪافي ماٺو به ڪيو آهي، جو ايتري گهڻي ميل جول محبت سان گڏ شڪايتن کي به جنم ڏيندي آهي. جڏهن ته اڃا تائين اڪثر وفدن جي روايتي آءٌ ڀڳت، گلن جي ورکائن ۽ موسيقيءَ جي محفلن کان اڳتي وڌي، مستقل ۽ مربوط لاڳاپن قائم ڪرڻ لاءِ بنيادي نُڪتن تلاش جي ڪوشش به نه ٿي آهي. ٽيون سبب نفسياتي به آهي ۽ سماجي به، جو گهڻو ويجهو ٿيڻ سان، هڪ ٻئي جي خوبين سان گڏ ڪمزورين جو به پتو پوندو آهي ۽ مٿان وري اهي ماڻهو آهن، جن کيوفدن ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي ته اهي اُلرن، چٿرن ۽ الزامن جا خنجر ۽ ڀالا اُڀا ڪيو بيٺا آهن. جيڪڏهن اهي رسالن جا ايڊيٽر يا اخبارن جا نويز ايڊيٽر به آهن، پوءِ ته خدا دوستن سان گڏ دشمنن کي به پناهه ۾ رکي. شوڪت شورو اهڙو ماڻهو آهي، جنهن کي خوش قسمتيءَ سان ڀارت ڏسڻ، گهمڻ بلڪه ماڻڻ جو موقعو سڀ کان وڌيڪ ميسر آيو آهي. شايد ان ڪري ئي هن جي دوستن، پڙهندڙن ۽ مڃيندڙن جو حلقو به سنڌ کان وڌيڪ هند ۾ نظر اچي ٿو. ان زماني ۾ ، جڏهن هند جي ڪنهن رسالي ۾ سنڌ جي ڪنهن شاعر جو شعر ڇپجڻ به وڏي ڳالهه تصور ڪيو ويندو هو، تڏهن هن جو ڪتاب ” گم ٿيل پاڇو“ (1989ع) سنڌي ٽائيمس جي نارايڻ ڀارتي صاحب اُلهاس نگر مان شايع ڪيو هو. اڄڪلهه ته ٻنهي پاسي ، هر عام خاص ڪتاب پيا ڇپجن ۽ ان ڳالهه ڪتابن توڙي ليکڪن سان گڏ پبليڪيشن جو معيار به مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ گهڻي ويجهڙائي دوري ۽ گهڻي اچ وڃ بيزاري پيدا ڪندي آهي، پر 2005ع ۾ سنڌي ليکڪن ۽ فنڪارن جي وفد ۾ مان به هن سان گڏ اهو سڀ ڪجهه اکئين ڏسي چڪو آهيان ته هن جي شخصيت جو جادو، هن جي ذات جو وقار ۽ هن سان ماڻهن جي پيار جو رنگ اڃا ته ڌنڌلو نه ٿيو آهي. البته هن جي ڀارت ايتري گهڻي اچ وڃ سبب، ٻنهي پاسن جا ماڻهو کيس شهريت جي معاملي ۾ شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا آهن. ڀارت وڃي، ته اُتان جا سنڌي چون : ”هي تازو ئي سنڌ مان ٿي آيو آهي“. ۽ سنڌ وارا چون، ” تازو ئي ڀارت مان پهتو آهي“. وڌيڪ ظلم اهو، ته سنڌالاجي به ٻنهي ملڪن ۾ آهي. هاڻ ته رکي رکي ماڻهو اهو به پڇن ٿا، ”سائين الائي ڪهڙي سنڌ الاجيءَ جو ڊائريڪٽر آهي؟
    محبوب ماڻهو شوڪت حسين شورو​

    شهيد سومرو
    دنيا جي مشهور فلسفي ۽ نامور ليکڪ خليل جبران جو قول آهي ته: ”اگر تو پنهنجي دوست کي ان جي رنگ ۾ نه سڃاتو، ته ياد رک ته تون نه هينئر هن کي سمجهيو آهي، نه آئينده ڪڏهن سمجهي سگهندين“. شوڪت حسين شوري سان منهنجي چاليهن سالن کان وٺي دوستي، ڀائپي ۽ نيازمندي رهي آهي. سوچيان پيو ته هن محبو ماڻهو تي ڇا لکي ڇا لکان، ڪٿان شروع ٿيان.۽ ڪٿي اختتام ڪريان. ڇاڪاڻ ته اسان ٻئي مختلف دورن مان گذريا آهيون، جتي ڏکن ۽ سورن سان مقابلو ڪري آخر ڪنهن ڪندي وڃي ڀيڙا ٿيا آهيون: ”ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرينءَ جو“.
    منهنجي ساڻس دوستي ۽ نيازمندي جي شروعات هتان ڪوٽڙي کان شروع ٿي. سندس والد محترم سائين عبدالڪريم شورو هتي ڪوٽڙيءَ ۾ جج ٿي رهيو هئو. ڪن سببن ڪري هن شريف انسان کي نوڪري مان زوري رٽائر ڪيو ويو. سائين عبدالڪريم شوري کي ان وقت ننڍڙا ٻچا نياڻيون ۽ پٽ هئا، وڏو پٽ شوڪت حسين هئس. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته گذر سفر اهڙي ماڻهوءَ جو ڪهڙو هوندو جنهن کي اڃان ڳچ عرصو نوڪري ڪرڻي هجي ۽ وري ان کي اوچتو رخشت ڪيو وڃي. بهرحال اندر جو حال ڪنهن کي به ڪونه ٻڌايائون ۽ هن ظالم زماني سان مقابلو ڪندا رهيا. مون کي ياد آهي ته اهي ڏينهن 1960ع يا 1962ع جا هئا. سنڌي ادبي سنگت جا ورهاڱي کان پوءِ نئين سر سنگ نِسري رهيا هئا. سنڌ ۾ هيءَ واحد علمي ادبي ۽ قومي ڌرتي جي تنظيم هئي جنهن نوجوانن ۾ لکڻ پڙهڻ ، نثر توڙي شاعري ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو ۽ منجهنس سنڌ ڌرتي سان پيار ڪرڻ جو عشق پيدا ٿيو. سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر، توڙي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ سنڌي ادبي سنگت جون شاخون ڌڙا ڌڙ کلنديون ويون. هتي ڪوٽڙي ۾ ان وقت اسان ٽي ماڻهو هئاسين جن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ جو بنياد وڌو. اُهي هئا شوڪت حسين شورو علي بابا، ۽ شهيد سومرو. سنت جون گڏجاڻيون هفتيوار هڪ دوست حڪيم مرحوم عبدالله دائود پوٽي جي دڪان دواخاني تي ڪندا هئاسين. هي ٻئي ڄڻا ڪهاڻيون پڙهنداهئا ۽ مان شاعري پڙهندڙ هوس. سومرو. سنت جون گڏجاڻيون هفتيوار هڪ دوست حڪيم مرحوم عبدالله دائود پوٽي جي دڪان دواخاني تي ڪندا هئاسين. هي ٻئي ڄڻا ڪهاڻيون پڙهنداهئا ۽ مان شاعري پڙهندڙ هوس. هي ٻئي همراهه منهنجي شعر تي تنقيد ڪندا هئا، پر ڪڏهن ڪڏهن لاهه پٽي ڇڏيندا هئا، مان وري سندن ڪهاڻين کي بنا تڪبير جي حلال ڪري ڇڏيندو هوس. اهڙي طرح گڏجاڻي ختم ڪري ه ڪو ڪکين پنين ٿي ويندو هو. نيٺ وقت گذرندو ويو علي بابا اسان ٻنهي کان پري ٿيندو ويو، پر اسان ٻئي گڏ رهياسين. جيترو وقت به ڪوٽڙي شهر ۾ شوڪت حسين رهيو اسان هڪ ٻئي کي ڏکن سکن۾ ڪين ڇڏيو. البته ان وقت پرائمري استاد هوس نوڪري هئي مهيني ۾ پگهار ملندي هئي، ان مان گذر سفر ڪبو هو، ليڪن شوڪت اڃان بي روزگار هو. ادبي جنون اهڙو جو هر هفتي حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين، پر هوندا گڏهئاسين.
    ان دور ۾ ڪراچي ۾ هڪ سنڌي ادبي سنگت طرفان وڏي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جن جا اڳواڻ شيخ اياز، پير حسام الدين راشدي، غلام رباني آگرو، تنوير عباسي، قمرشهباز ۽ امر جليل وغيره هئا. اسان ان وقت ادب ۾ وکون مس کڻندا هئاسين. هڪ ڏينهن شوڪت مون کي ڪوٽڙي شهر ۾ مليو، چيائين يار شهيد! ڪراچي ۾ هڪ سنڌي ادبي ڪانفرنس آهي جيڪا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وٽان آهي. هاڻي ڪا همت ڪر ته هلي اها ڪانفرنس ڏسي اچون. همت افزائي معنيٰ پئسن جو آهي بندوبست ڪرڻ. چيومانس ته پيارا همت ڪٿان ٿيندي؟ ٻئي ڄڻا سڃا ٽاڪ جا آهيون، پئسا ڪٿان آڻيون جون ڪراچيءَ ڀاڙو ڪري پهچون. بهرحال ٻنهي ڄڻن پٽي سٽي پئسا گڏ ڪيا ۽ ڪراچي ادبي ڪانفرنس ۾ پهتاسين ۽ ڏاڍو مزو آيو.
    ان کان پوءِ شوڪت حسين جو خاندان جيترو وقت ڪوٽڙي ۾ رهيو ته مان ۽ شوڪت ڏک سک ۾ گڏ رهاسين. هاڻي شوڪت حسين جو ٻيو دور شروع ٿئي ٿو جڏهن هي ڪوٽڙيءَ مان لڏي حيدرآباد وڃي ويٺا. اهو دور شايد 1967ع يا 1968 جو آهي. حيدرآباد ۾ ڪورين جي پڙ ۾ هنن هڪ جاءِ مسواڙ تي ورتي جتي ساڻس فقط سندس ڀائر گڏ رهندا هئا، باقي خاندان جا ماڻهو سندس اباڻي ڳوٺ وڃي رهيا. مان هفتي ۾ هڪ دفعو ساڻس ڪچهري ڪرڻ لاءِ ان مسواڙي جاءِ ۾ ملڻ ويندوهوس. جڏهن به وڃان ته ديڳڙي ڪٿي پئي هجي، کائڻ جا ٿانوَ، گلاس ۽ چانهه جا ڪوپ ڪي ڪيئن پيا آهن ته ڪي ڪيئن پيا آهن. البته ائين به آهي ته ڀلا ڇڙهن ماڻن جون ڪهڙيون ترتيبون جو گهر جو سامان سليقي سان رکن. جڏهن مان ساڻس ملڻ وڃان ته ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏي. ماني به هوٽل وغيره جي اصل نه . مزو اهو هوندو هو جو پاڻ اٽو ڳوهيندو هو مان ماني پچائيندو هوس، مشتاق سندس ننڍو ڀاءُ وري بصر وغيره وڍي ٻوڙ لاءِ تيار ڪندو هو. ماني ڪچي ڦڪي، ٻوڙ جهڙو تهڙو کائي ڍءُ ڪندا هئاسين، پر ان ماني ۾ ڏاڍو سواد هوندو هو ڇاڪاڻ ته ان ماني ۾ شوڪت جي محبت جو خلوص شامل هلندو هو. سبحان الله ڪهڙا نه عجيب ڏينهن هئا ۽ انسان زندگي ۾ ڪهڙن ڪهڙن مرحلن مان گذري ٿو. هاڻي شوڪت حسين کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪلارڪي جي نوڪري به ملي وئي. ان وقت سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس حيدرآباد گاڏي کاتي ۾ قبلا حضرت طالب الموليٰ جي بنگلي ۾ هئي. سائين طالب الموليٰ پاڻ وڏو شاعر ۽ سنڌي ٻولي جو ڄاڻو هو. تنهن چيو ته جيستائين بورڊ کي ڪا پنهنجي آفيس يا جاءِ ملي تيستائين هي بنگلو سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي آهي.
    سه ماهي مهران رسالو به ان بنگلي مان نڪرندو هو، جنهن جو ايڊيٽر سنڌ جو وڏو عالم سائين غلام محمد گرامي صاحب ۽ بورڊ جو سيڪريٽري محترم غلام رباني آگرو ۽ چيئرمين سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هو. انهيءَ دوران شوڪت تعليم مان به هٿ ڪونه ڪڍيا ۽ مختلف امتحان پاس ڪندو آيو ۽ لکڻ ۾ ڪٿي ساهي نه پٽيائين: مهراڻ، سهڻي، روح رهاڻ ۾ سندس ڪهاڻيون ڇپجنديون رهيون ۽ هي نوجوان ليکڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳو بلڪه سندس ڪهاڻين جي خوشبوءِ پوري سنڌ ۾ پکڙجي وئي. ان کان پوءِ ڪجهه وقت سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري ڪري وري هن اُتان بُل کاڌو ٺَڪ ڪراچي ٽيليويزن تي وڃي نڪتو ۽ اُتي وڃي نوڪري ڪيائين. ان دوران اسان جو ملڻ جلڻ تمام ٿورو ٿيندو هو، پر هي يار خط و ڪتاب سان ياد ڪندو آيو ۽ اهڙي طرح هڪٻئي جا حال احوال پيا معلوم ڪندا هئاسين.
    هاڻي شوڪت حسين جو ٽيون دور شروع ٿئي ٿو، جنهن هن کي نامور ڪهاڻيڪار ۽ مشهور ڊرامه نگار بڻايو. ٿيو هيئن ته ان دور ۾ پيپلزپارٽي جو وڏو اوج هئو. شهرن، ڳوٺن، واهڻن، پورهيتن، هارين، اوتارن، دڪانن، درگاهن، عورتن توڙي مردن ۾ رڳو جيئي ڀٽو جا نعر اهئا. آخر ڀٽو صاحب وڏي اڪثريت سان پنهنجن ساٿين سميت اليڪشن کٽي آيو ۽ ملڪ جو پهريون سنڌي وزيراعظم مقرر ٿيو. سنڌ يونيورسٽي ان وقت شآگردن جي گروهه بندين ڪري وڏن مسئلن جي وَر چڙهيل هئي. ڀٽو صاحب وڏو ذهين ۽ سياسي مدبر هو. هُن کي خبر هئي ته سنڌ جا نوجوان ۽ سنڌ جا شاگرد شيخ اياز جي سڳي ڌاڳي ۾ آهن، ڇو نه هن کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڪيان پاڻهين هنن کي ٿڌو ڪندو ۽ راهه تي به آڻيندو جيئن تعليم درست ٿي وڃي. آخر شيخ اياز يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو ۽ هن عظيم اداري جو انتظام سنڀاليائين. شيخ اياز کي اهڙا پنهنجا همدرد ۽ ٻانهن ٻيلي ماڻهو گهربا هئا. جيڪي هن جي انتظامي مدد ڪن. انهن ماڻهن مان هڪ شوڪت حسين شورو به هو جو ايز صاحب ڪراچ يمان گهرائي پاڻ وٽ سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري ۾ رکيو. اهڙي طرح شوڪت مختلف ڪرسين تي ڪم ڪندو رهيو. تنهن کان پوءِ پيپلزپارٽي جو دور ختم ٿي ويو، شيخ اياز با عزت با سلامت سنڌ يونيورسٽي ڇڏي وڃي گهر ڀيڙو ٿيو. ليڪن شيخ اياز جي مقرر ٿيل ماڻهن تي ڪنهن به هٿ نه کنيو ۽ اهي پنهنجا ڪم ذميواري سان نڀائيندا رهيا.
    اصل ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو هڪ اهڙو عظيم ۽ هاڪارو ادارو آهي جنهن ۾ هر فڪر جا عالم، اديب، شاعر، استاد، آفيسر، ڪلارڪ، ليڪچرار، پروفيسر ۽ ٻيا ڪامورا ڪم ڪن ٿا ۽ اتي شوڪت حسين جهڙو معصوم چهرو ۽ صبر وارو انسان انهن سان گڏ رهي وڌندو ويجهندو رهيو. اِهي هن جا تجربا، مشاهدا، صلاحيتون ۽ پنهنجون حڪمت عمليون آهن.
    مونکي ذاتي خبر آهي ته شوڪت حسين شوري جا پهريان وارا به دور وڏين مشڪلاتن ۽ پيڙائن ۾ گذريا، پر هن پنهنجي سچائي، محنت، جدوجهد ۽ صلاحيتن سان هر گرم ۽ سرد هوائن سان مقابلو ڪري پنهنجي زندگي جي منزل ۽ مومل ماڻي. نا اميديءَ جي نجهيري ۾ هن جو ڪڏهن به پلئو نه اٽڪيو. خدا تي ڀروسو رکي توڪل جي تُرهي تي ترندو رهيو. مان ته ائين به چوان ٿو ته هن محبوب شخصيت کي ماءُ پيءُ جون به دعائون آهن جو ڪوسي واءَ کان بچندو پيو اچي:
    ويٺي وَر نه پون، سُتي مِلن نه سُپرين
    جي مٿي رَندن رُئن، ساجن ملن تن کي (شاهه)
    ذاتي طرح شوڪت شهري ماڻهو ناهي، پر هڪ ڳوٺاڻو انسان آهي. ٻهراڙي ۾ سجاول ۽ بٺوري جي وچ تي پنهنجي وڏڙن شورن جو ڳوٺ ٻڌل اٿن، تنهن ڪري اتان جي پورهيتن، هارين، ظالم وڏيرن، تعليم جي ڪمي ۽ ماڻهن جي اٻوجهپائي جو پاڻ اکين ڏٺو شاهد آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندس ڊرامن ۾ اڪثر ٻهراڙي جي ثقافت وارا ڪردار نظر اچن ٿا. ملڪيت، ڏٻڻ، باک ۽ سونيتي ڊرامن ۾ پڻ هن ڳوٺاڻو ماحول ڀرپور انداز سان پيش ڪيو آهي. هنن ڊرامن کيس وڏي عزت ۽ شهرت بخشي، جو اڄ شوڪت حسين شورو سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪارن ۽ ڊرامه نگارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. البته انهن سڀني ڳالهين کان اڳ اٽڪل ويهه، پنجويهه ورهيه ٿيندا جو سندس هڪ ڪاب ڪهاڻين جو مجموعو ڇپيو هو. ڪتاب جو نالو هو: ”گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس“ ان ڪتاب جو مهورت انهن ڏينهن ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر، حيدرآباد ۾ مارڪيٽ جي ڀرسان ٿيو هو جنهن ۾ ڪافي دوست ۽ ادب ذوق ماڻهو آيل هئا. انهيءَ ڪهاڻين جي مجموعي ۾ به ٻهراري ۽ ڳوٺڻن جا منظر ۽ ڪردار هوبهو تحرير ٿيل آهن.
    هڪ ڀيري سال 2005ع ۾ مون شوڪت حسين شوري ۽ عبدالقادر جوڻيجي کي پنهنجي ڳوٺ ڪوٽڙي ۾ دال ماني جي دعوت ڏني. ٻئي منهنجا يار ۽ دلدار، ٻئي ڄڻا ساڳئي اداري ۾ وڏين پوسٽن تي، هڪڙو سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ٻيو ايڊيشنل ڊائريڪٽر. يارن دعوت قبول ڪئي، پر مون کي پنهنجو سمجهي ۽ حجت ڪري هڪڙو شرط وڌائون ته ڪوٽڙي جي ڀرسان درياهه بادشاهه وهي ٿو ان جو سير ضرور ڪرائيندين ته ڏاڍو لطف ايندو. مون هئوڪار ڪئي. تاريخ مقرر ٿي. ڪوٽڙي اچڻ سان مون پنهنجي سائين موليڏنو شاهه هڪ ادب ذوق، پڙهيل لکيل نهايت قابل احترام انسان ۽ پنهنجي خاندان جو وڏو ۽ گادي نشين آهي. ساڻس سڄو پروگرام اڳيان رکيم. چيائين سائين پرواهه نه ڪريو سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. پنهنجا دوست ۽ مريد آهن انهن کي چونداسي، ٻيڙين جو بندوبست ٿي ويندو.آخر مهمانن جي اچڻ جو ڏينهن اچي ويو. سائين موليڏني شاهه بخاري جي چوڻ تي ميربحرن ٻه ٻيڙيون ڏاڍيون سينگاري، ٺاهي، رليون ٽِڪن واريون ٻيڙين ۾ سجائي رکيون. مهمان آيا، سڄي سنگت ٻيڙين ۾ سوار ٿي، وچ سِير مان ٻيڙن هلڻ شروع ڪيو. ڏاڍا دلڪش ۽ من موهيندڙ نظارا نظر مان پئي گذريا. هڪ طرف ڪوٽڙي پل جو حسين نظارو، ٻئي پاسي درياهه جي ساڄي کاٻي طرف ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ( گدوءَ) جا پري کان پرڪشش نظارا، مطلب ته درياهه شاهه اسان جي لاءِ ڪينجهر هندورو ٿي پيو. اسان جي منزل درياهه جي ڪناري تي ڪوٽڙي کان ڪوهه کن پري هڪ باغ تائين هئي جنهن کي لال باغ سڏيو وڃي ٿو ۽ ان باغ ۾ ئي سڄو بندوبست ٿيل هو. البته هتي اوهان کي هي ٻڌائڻ ضوري سمجهان ٿو ته هي باغ ڪو پراڻو يا تاريخي ڪونهي، پر هڪ ڳوٺاڻي شوري فقير جي ڏيڊ ايڪڙ کن زمين آهي جنهن ۾ وڻ ٻوٽا پوکي باغ ٺاهيو اٿس. باغ ۾ ڪاٺين جا ننڍڙا گهر (ڪمرا) سهڻي نموني ٺاهيا اٿس جو ٻچڙيوال ماڻهو به اچي آرام وٺي سگهي ٿو. گهڻا فرصت جي لمحن ۾ ان باغ ۾ اچ دل وندرائيندا آهن. ان شوري فقير ٻين وڻن کانسواءِ هڪ ڊگهي وڻ تي هڪ اهڙي جاءِ ٺاهي آهي جو ٻه ماڻهو آرام سان ويهي سگهن ٿا. ان وڻ جي ڇٽيءَ تي جيڪو گهر ٺاهيو اٿس انجو نالو مومل جي ماڙي رکيو اٿس. شوڪت جو اهو وڻ ڏٺو سو يڪدم الائجي ڪيئن مٿي چڙهي مومل جي ماڙي تي پهچي ويو. مان ته اڌ مان ئي هيٺ لهي آيس ۽ مٿي چڙهي نه سگهيس. شوڪت گهڻو ئي چيو ته هاڻي ٿورو پنڌ آهي پهچي ويندين، چيو مانس ته يار مون کي پنهنجو سِرُ وڃائڻو ڪونهي، تون ئي مومل جي ماڙي ماڻ، اسان ڄن حج کٽيو. مون ڏٺو ته شوڪت وڻ تي ائين چڙهي ويو جيئن ڪو نوريئڙو وڻ تي ڦڙتائي سان چڙهي وڃي.
    مان وري هن کي وڻ تي ئي ڇڏي ٻي سنگت سان گپ شپ ۾ ويهي رهيس، پر ذهن۾ اهائي اُڻ تڻ ته هي همراهه هيڏي ساري خطرناڪ وڻ جي چوٽيءَ تائين ڪيئن پهچي ويو. هي هڪ نفيس ماڻهو، آفيسراڻي طبع، جواني ماڻي پوئتي هٽي رهيو آهي، پوءِ ڀي جهڙو ڪر لاهوت جا جبل سَرُ ڪري آيو آهي، پر پوءِ گهڻي سوچ ويچار کان بعد ذهن ۾ آيو ته هي يار اصل نبار ڳوٺاڻو آهي جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان. ڳوٺ ۾ ٻٻرن، ٻيرن ۽ نِمن جي وڻن تي چڙهيو لٿو آهي، وڻن جي لامن، ٽارين ۽ ڏارن تي چڙهي ڳوٺاڻا بيت ڳاتا اٿس، تنهن ڪري اڄ تائين هو ڪنهن به ڏکي وڻي تي چڙهي سگهي ٿو. هونءَ به قدرتيطرح اهو انسان جو فطري عمل آهي ته جنهن ڳوٺ ۾ يا شهر۾ ڄائو نپنو آهي ته ان ماحول جو اثر ماڻهوءَ کي پيريءَ تائين رهي ٿو. زندگي ۾ هر انسان کي پنهنجي جيئڻ جا طور طريقا ۽ اصول هوندا آهن. هيءَ دنيا ڏاڍي بيرحم، ڏکي، ادا ڀائو، هڙ کائو، اڪثر ماڻهو ٻيڙيءَ چاڙهي هڪ ٻئي جا تختا ڪڍندا آهن. تمام ٿو را انسان نظر اچن ٿا، جن ۾ انسانيت، انسان دوستي، خوف خدا، همدردي، پيار ۽ پنهنجائپ وارا گڻ آهن. مون اهڙيون شيون شوڪت ۾ ڏٺيون آهن.
    مثال طور: درگذر ڪرڻ، ڏکئي مهل دوستن سان وِهي وڃڻ، پنهنجن پراون سان مُرڪي ملڻ، هيڏي وڏي عهدي تي رهندي نه تڪبر، نه غرور، نه هٺ نه وڏائي، نه منجهس انتقامي جذبو، جي انتقام وٺبو ته مخالف کي احسان سان ماري وٺبو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته جيڪو ماڻهو گهڻو ڳالهائيندو آهي سو سمجهي نه سگهندو آهي تنهن ڪري اسان جو يار شوڪت حسين به ٿورو ۽ مختصر نه گفتگو ڪندو آهي. ان کانسواءِ هي به عرض ڪري ڇڏيان ته شوڪت ڪو فرشتو يا ملائڪ ڪونهي جو هن کان به غلطيون نه ٿيون هجن، هو نانگ ته ناهي جو مٽي کائيندو. لطيف سائين جي چوڻي مطابق ”هو وجهي منهن مونن ۾، نِوڙت ساڻ نِهار“ وانگر ڪونهي. هن ۾ به ڪوتاهيون هونديون يا آهن. انسان ته خطا جو گهر آهي جيستائين خطا نه ڪندو تيستائين عطا ڪٿان ٿيندي، جيستائين ماڻهو ڪنهن کڏ ۾ نه ڪرندو، تيستائين سڌي رستي جي خبر ڪٿان پوندي! جيستائين ماڻهو، انسان، ڪائنات ۽ تخليق تي غور ۽ فڪر نه ڪندو تيستائين هن سڄي مانڊاڻ جي ٺاهيندڙ (الله) جي سُڌ ڪٿان پوندي. بهرحال شوڪت هڪڙو آهي ٻيو شوڪت نه ٿي سگهندو ” يه تو تقدير اپني اپني هي، سب کا قد بڙا نهين هوتا“.
    آخر ۾ هي عرض ڪندوهلان ته دل ۾ اهوئي خيال ته شوڪت تي مختصر مضمون لکي فرض پورو ڪريان ۽ سائين محمد عثمانمنگي جي حڪم جي تعميل ڪري، مٿو ڪوڙائي قلندرن ۾ شامل ٿيان، پر جڏهن شوڪت تي لکڻ شروع ڪيم ته اکر واڳون ٿي وري آيم. شوڪت هر دور ۾ منهنجي دردن جو درمان رهيو آهي تڏهن هيڏو سارو مضمون لکجي ويو آهي. خليل جبران جو قول آهي ته : ” جنهن سان تون گڏ کليو آهين ان کي ته وساري سگهين ٿو، پر جنهن سان تون گڏ رنو آهين ان کي وساري نٿو سگهين“.
    بشڪريه سنڌي ڪتاب ڊاٽ نيٽ
    “.
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,394
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: شوڪت حسين شورو شخصيت ۽ فن

    شوڪت حسين شورو هڪ ڪهاڻيڪار​

    هري پنڪج
    مان نقاد ڪونه آهيان ۽ نه ئي مقالا لکڻ جو اڀياس اٿم. نقاد جون باريڪ – بينيون، ڇنڊڇاڻ ڪندڙ ذهن ۽ خارجي احساس کڻي مان ڪابه ڪهاڻي ڪونه پڙهندو آهيان. مان خود تخليقي رچنائن رچڻ جو عادي آهيان. ان ڪري ڪهاڻيءَ جي تخليق ڪندڙ جي جذبن سان کيڏڻ بجاءِ سندس جذبن ۾ پاڻ سمائي، اُن مان کٽا – مٺا انگور چوسڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
    شوڪت شورو هڪ ڪهاڻيڪار جي روپ ۾ منهنجي سامهون آيو آهي. هونئن مون کي ساڻس ملڻ ۽ ماڻڻ جو موقعو نصيب ڪونه ٿيو آهي، پر ڀارت جي ساهتيه اڪادمي جي پروگرام موجب، سندس لکيل ڪهاڻين جو مجموعو ”اکين ۾ ٽنگيل سپنا“ 1983ع ۾ سنڌ (پاڪستان) ۾ شايع ٿيل منهنجي سامهون آهي. اڄ کان 25 سال اڳ شايد ڪامپيوٽر پوري طرح زور ۾ ڪونه آيو هو، جو ادبي رچنائون اُن جي آڌار تي ڇپجي سگهجن، ان ڪري ڪيترا اکر – لفظ ڀڳل ۽ اڻچٽا آهن.
    ائين ته سندس پهرين ڪهاڻي ”روح رهاڻ“ (سنڌ) ۾ تڏهن ڇپي هئي، جڏهن هو پاڻ سترنهن سالن جو هو ۽ سندس پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ”گونگي ڌرتي... ٻوڙو آڪاش“ 1981ع ۾ سنڌ ۾ ڇپيو هو. هند ۾ پڻ 1989ع ۾ ”گم ٿيل پاڇو“ سنڌي ٽائيمس ڇپي پڌرو ڪيو هو، جنهن ۾ چار – پنج ڪهاڻيون ”اکين ۾ ٽنگيل سپنا“ ۾ اچي چڪيون آهن. سدا حيات شري هري موٽواڻيءَ جي تمنا پوري ڪندي، نند ڇڳاڻيءَ ”ڪونج“ رسالي جو هڪ خاص پرچو 2007ع ۾ ”شوڪت حسين شورو“ انڪ شايع ڪري، سندس باري ۾ تمام گهڻي ڄاڻ ڏني آهي ۽ سندس ٽي ڪهاڻيون ٻيون به اسان جي اڳيان آنديون اٿائين. ان انڪ ۾ نند جويريءَ جي قابل سمپادڪيءَ هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 14 ليکڪن جا سندس زندگي، سڀاءَ ۽ تخليقي قوتن جي باري ۾ دل لڀائيندڙ تاثرات ڏنا ويا آهن. ”گم – شم“، نه جي برابر ڳالهائيندڙ، داخليت سان اظهار ڪندڙ اديب شوڪت شوري جي صحيح شدت واري تصوير پيش ڪرڻ لاءِ اسحاق سميجو پنهنجي سڄي ۽ سچي دل ”خاموشيءَ جو اسٽئچو“ ۾ اوتي ڇڏي آهي.
    شوڪت شورو جون لڳ ڀڳ سٺ کن ڪهاڻيون الڳ الڳ رسالن ۾ ڇپيون آهن ۽ پاڪستان ۾ ريڊيو/ ٽي ويءَ تي به سندس ڪيتريون رچنائون ناٽڪن وغيره جي روپ ۾ پرسارٿ ڪيون ويون آهن. سندس پنهنجين يا سندس باري ۾ ٻين جي لکڻين مان مون کي ڪٿي به اُهڃاڻ ڪونه مليا آهن ته هو صاحب ادب کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ ڪرت ۾ به لڳو هجي. سندس سڄي زندگي ادبي ماحول ۾ گذري آهي. ادب ۾ پنهنجي دين ڏيندي، هو صاحب هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌالاجيءَ ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
    (اُن جي ابتڙ هند جا اديب گذريل 60 سالن کان سنڌيت لاءِ پاڻ پتوڙيندي به پنهنجي آوجيوڪا لاءِ غير ادبي وسيلن سان نڀائيندا پئي رهيا آهن.)
    جڏهن کان انسان ذات وجود ۾ آئي آهي، ڪهاڻيءَ جو جنم به اُن وقت ئي ٿيو هو. احساسن ۽ گهٽنائن کي اظهارڻ جي ان فن، ان ڪلا وقت بوقت پنهنجا رنگ روپ ۽ رويا پئي بدلايا آهن. پکين، مِرن، راڻين، راجائن، ٻارن، پَرين، جنن، ڀوتن، جاسوسي ۽ سماجڪ ڪهاڻين ۽ ناولن سماج جو بدلجندڙ روپ پئي پيش ڪيو آهي.
    حقيقت ۾ هن دنيا ۾ هن پرٿويءَ تي صرف هڪ چيز دائما آهي. هڪ ئي سوچ ۽ هڪ ئي ڪرم Permanent آهي ۽ سو آهي The Change، باقي جيڪو هڪ هنڌ بيٺل آهي، اُهو اڄ نه سڀاڻي مري ويندو.
    ڪهاڻيءَ کي پاڻ بدلائڻ جي توفيق آهي، ان ڪري اڄ تائين زنده آهي. هر تخليقي رچناڪار پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ پنهنجي چؤڌاري ٿيندڙ گهٽنائن کي پنهنجين نظرن، احساسن ۽ اُڌمن سان ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آهي. پوءِ اُهي جڏهن سندس ذهن کان ورندي، من کي محسوس ٿيندي، دل تي اثر ڪنديون آهن، تڏهن ازخود هڪ رچنا تيار ٿي ويندي آهي.
    شوڪت شورو جون ٻيون به لکيل ڪهاڻيون هاڻي ته پڙهڻ جو موقعو ملي ويو آهي، پر مان هن مقالي کي سندس هڪ مجموعي ”اکين ۾ ٽنگيل سپنا“ تائين محدود رکندس، جنهن جي ڪهاڻين کي مان ٽن حصن ۾ ورهائڻ ٿو چاهيان. هڪ احساستمڪ ڪهاڻيون، ٻيون احساسن سان ڀرپور گهٽناتمڪ ڪهاڻيون ۽ ٽيون رواجي پاٺڪن جي دل ۾ پيهجي ويندڙ گهٽناتمڪ ڪهاڻيون.
    ڪي ڪهاڻيون برابر شروعات، وچ، پڇاڙي ۽ ڪلائيميڪس جي اڳواٽ هڪ ئي ٺهيل – ٺڪيل، جڙيل فارمولا جي آڌار تي تيار ڪيون وينديون آهن، جن کي مان Factory Manufactured Stories چوندو آهيان. شوڪت جي هن مجموعي ۾ اهڙي هڪ به ڪهاڻي ڪونه آهي. مان ڪن ڪهاڻين کي گهٽناتمڪ ڪهاڻي ته ڪن کي احساستمڪ ڪهاڻي چئي سگهڻ کان ڇرڪان ڪونه ٿو.
    زندگيءَ جي وهڪري ۾ ڪيترائي اهڙا احساس ايندا آهن، محسوس ڪبا آهن، پوءِ به اُنهن کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏيئي نه سگهبو آهي. ڇو ته اُن ۾ گهٽنا جي ڪمي هوندي آهي. من جي ديوتائن کي گهٽنائن جي آڌين يا تعبيدار ٿيڻ کان سواءِ به هڪ تمام سٺي ڪهاڻي تخليق ڪري سگهجي ٿي ۽ اُن کي نئين ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو.
    پر ڪهاڻي اُها جيڪا ذهني احساسن ذريعي من کي پڪڙي – جڪڙي دل تي ڇانئجي وڃي ۽ پاٺڪ پاڻ کي اُن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڪردار جي روپ ۾ ڏسي. شوڪت جي احساستمڪ يا احساس هلڪي گهٽناتمڪ ڪهاڻين ۾ هڪ خاص ڳالهه جيڪا مون کي نظر آئي آهي، سا اِها ته سندس لکڻين ۾ جيڪا رواني آهي، Flow آهي، سو سمنڊ جي لهرن وانگر بلڪل نئچرل آهي. دل تخليق ڪندي ٿي وڃي، من محسوس ڪندو ٿو وڃي، ذهن سوچيندي سٽون ٺاهيندو ٿو وڃي ۽ هٿ لکندا ٿا وڃن. نقلي جدوجهد ڪرڻ يا ڊڪشنريون واچڻ جي هتي ڪائي گنجائش ئي ڪانه ٿي رهي. اِها هڪ قدرتي ڏات آهي.
    مان شوڪت جي احساستمڪ – ڪهاڻين کي پهرين ڇُهندس.
     گم ٿيل پاڇو
    اسان ڪهاڻيون لکون ڇو ٿا؟ پنهنجي من ۽ ذهن تان ٻوجهه هٽائڻ لاءِ؟ ۽ اُهو ٻوجهه پاٺڪن جي پلئه وجهڻ لاءِ؟ پاڻ نجات پائي ٻين کي جڪڙڻ لاءِ؟ هر سوچيندڙ انسان جي ذهن ۾ پنهنجا پنهنجا ٻوجهه هوندا آهن، پوءِ هو ليکڪ جا ٻوجهه ڇو پنهنجي سر ۾ سانڍي؟ ليکڪ جي لکڻ موجب ”چريا مست کڻي ڪيئن به هجن، پر وِيچارن جي عذابن کان آجا آهن. ذهن منهنجي لاءِ جهنم آهي.“ ليکڪ ههڙي ”نئين ڪهاڻي“، ”اڪهاڻي“ يا ڪهڙيءَ به صف ۾ بيهاريل ڪهاڻي لکي، ڪاميابيءَ سان ثابت ڪيو آهي ته ”ماڻهو جهنم ۾ ڪونه ويندا آهن، پر جهنم ماڻهن ۾ پيهي ويندو آهي.“
     ڊهندڙ ديوارون
    ڊهندڙ ديوارون- ۾ به ساڳئي نموني مبهم ۽ نج شخصي ويڌنا جي قلم بازي آهي.
     منجهيل لڪيرون
    پهرئين ناڪامياب پيار کي دل ۾ سانڍيندي، پنهنجن هٿن جي لڪيرن ۾ صرف (x) منڌيئڙا پسندڙ ڪردار پنهنجن احساسن ۽ سوچ سان پاٺڪن کي به Negativety ۾ گهلي ٿو وڃي. ساٿ ڪنهن جو به ڪونه ملندس. انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي:
    If you laugh, world will laugh with you
    If you cry, world will laugh louder.
     اَڻ کٽ پڇاڙي
    هيءَ به هڪ رچنا آهي (ڪهاڻي چئو يا اَڪهاڻي يا بهَ ڪهاڻي) جنهن مان مونکي ڪجهه به هڙ حاصل ڪونه ٿيو آهي. شخصي، اَڻڀي ۽ اُداس زندگيءَ جو اظهار ڪرڻ ائين ٿو لڳي ته ليکڪ ڪنهن کي جوابدار ٺهرائي رهيو آهي.
     هيسيل هانءُ... اُٻهرا اُلڪا
    هيءَ ڪهاڻي هن مجموعي مان عدم موجود آهي، پر اُن جي هلڪي ذڪر ڪري مون کي ٻئي مجموعي مان پڙهڻ جو چاهه ٿيو، پر هڙ پلئه اُهائي ذهني پيڙا پيئي. جيتوڻيڪ ذهني پيڙا کي بلڪل گهرائيءَ سان، باريڪيءَ سان محسوس ڪرائڻ ۾ ليکڪ ڪامياب ويو آهي.
    هاڻي مان شوڪت جي لکيل ڪهاڻين جي ٻئي حصي ”احساسن سان ڀرپور گهٽناتمڪ ڪهاڻين“ جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو.
     سمنڊ ۽ هيڪلو روح
    جيتوڻيڪ ليکڪ پنهنجي مهاڳي مضمون ۾ ”سمنڊ“ کي دنيا جي معنيٰ ۾ ڪم آندو آهي، پر هڪوار ڪهاڻي ڇپجي پاٺڪن اڳيان آئي ته پاٺڪن کي هرڪو حق آهي ته ليکڪ جي اندر ۾ خلقيل ويچارن کي پاسيرو ڪري، پنهنجي نڪتهءِ نظرن سان رچنا کي تڪن تورن. مان هڪ پاٺڪ جي حيثيت ۾ هن ”سمنڊ“ کي ”دنيا“ نه سمجهي، ”سمنڊ“ ڪري کڻان ته به هن ۾ جا گهٽنا آهي، سا دل ۽ من تي گهرو اثر ٿي ڇڏي. زندگيءَ ۾ ڪي گهٽنائون اهڙيون اچي ٿينديون آهن، جن کي ماڻهو صرف محسوس ڪندو آهي. ذهن سوچيندو آهي ۽ من پيو لڇندو آهي، پر ڪنهن کي ٻڌائي ڪونه سگهبو آهي، جو ڪوبه ساڻ ڪونه هوندو آهي.
    گهٽنا: جهاز جو ٽُٽڻ، ڪردار جو لهرن ۾ تختي جي آڌار تي لڙهڻ، ٽڪريءَ تائين اُڇلجي وڃڻ، ٻئي جهاز جو لنگهڻ، اُميد جو ترورو، تروري جو اوجهل ٿيڻ، هٿ جي ٺاهيل ترهي جي آڌار تي سمنڊ ۾ وري پوڻ ۽ آخر ۾ طوفان جي زور تي وارياسي ڪناري تي پهچڻ ۽ ٽُٽل بدن جي ذهن ۽ اکين اڳيان آخري انڌڪار ڇانئجڻ ۽ The End.
    سامونڊي زندگي جيئڻ وارن لاءِ هيءَ هڪ دل دهلائيندڙ ڪهاڻي آهي. سامونڊي زندگي نه جيئڻ وارا جڏهن فلمن ۾، ناولن ۾ يا اخبارن ۾ آيل وارداتن کي ڌيان ۾ رکي، اُن ماحول مان پيدا ٿيندڙ داخلي تن جي بيوسي، ذهن جي سوچ ۽ جيئڻ جي تمنا انسان جي من کي ڪهڙين ڪهڙين ويدنائن ۾ گهلي وڃي ٿي، اُن جو اندازو محسوس ڪندي دل ويهجي ٿي وڃي.
     آخري ڏينهن
    نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ وداعيءَ جي گڏجاڻيءَ واري موقعي تي ڪهڙو ماحول ٺهي ويندو؟ ڇا چيو ويندو؟ جواب ۾ کيس ڇا چوڻ گهرجي يا ڇا نه چوڻ گهرجي؟ ڏهن سالن جي ساٿ ڇڏڻ وقت، ساٿي دک جو اظهار ڪيئن ڪندا ۽ موٽ ۾ سندس من ڀرجي روئڻهڪارڪو ٿي وڃي ته .... سڄي رات من جي ان سوچ ۽ ڊپ کان پيڙجندڙ نائڪ لاءِ پڙهندڙ اُميد رکندا ته ضرور ڪجهه وڻندڙ – اڻوڻندڙ ٿيندو.... پر ٿئي ڪجهه خاص ڪونه ٿو. رواجي نموني فوٽو ڪڍائي، موڪلائڻ جي ماني کائي، نائڪ بس پڪڙي هليو ٿو وڃي. بنا گهٽنا جي صرف ليکڪ جي آنڌ مانڌ تي آڌارت هيءَ نئين ڪهاڻي هڪ عمدي دين آهي.
     اهڙيءَ طرح ”سرنگهه“ ڪهاڻي به هڪ نوڪريءَ تي آڌارت آهي. اڳئين ڪهاڻي استعيفيٰ جي ماحول تي آهي، پر هن ڪهاڻيءَ ۾ نوڪري کانئس کسجي ٿي وڃي، يعني برخواست ڪيو ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته اُها آفيسري کيس سفارشي نوٽ (Influance) ڪري ملي هئي. ڪلارڪ هو ته پيار هوندي به نسرين جو سڱ ڪونه ٿي مليس، آفيسر ٿيو ته ساڳيو سڱ مليس، پر شاديءَ کان اڳ آفيسري کسجي ويس ته مڱڻو به ٽُٽي پيس. نسرين جي unattached پيار ڪري، نائڪ جي من ۾ هڪ سٽ چڀي ٿي وڃي، ”محبت سڃن سان ڪنديون ۽ شادي شاهوڪار سان...“ ۽ پوءِ پنهنجي من جي ويدنا ۽ سوچ کڻي نائڪ اڻ کٽندڙ رستي تان هلندو ٿو، هلندو ٿو وڃي.
     رات جو رنگ
    ڄڻ فريز ۾ بند، بي رنگ، بي جان، بنا جنبش ۽ بنا چاهه واري زندگيءَ کان نجات پائڻ لاءِ نائڪ ڪلفٽن جي وشال سمنڊ ۾ پاڻ کي غرق ڪرڻ/خودڪشي ڪرڻ جي ارادي سان پهچي ٿو.... پر هڪ جوڙي، استري پرش جي پيار ڀريل گفتن سندس من بدلائي ڇڏيو ۽ محسوس ڪرائي ڇڏيو ته زندگي ڪيتري نه حسين آهي. ان ڪري موت مهمل ڪري حسين زندگيءَ جا عشق ڀريا ڀن ڀن ونگ پائڻ جي تمنا سانڍي، پنهنجن ئي ويچارن ۾ محو رستو پار ڪندي، ڪار جي ڦيٿن هيٺان اچي، اَکٽ اونداهي رات جي رنگ ۾ لين ٿي ٿو وڃي. ليکڪ جي Positivty جيتوڻيڪ داد لائق آهي، پر ڪردار کي پڇاڙيءَ ۾ مارڻ سان ڊرامائي ڌماڪو ٿي پيو آهي.
     دهراءُ
    استريءَ کي جسماني ڪجهه کپي ته پنهنجي مرم کي سنڀالي رکندي، سڌو نه چئي ڪاوڙ ڪري، هروڀرو اجايا سجايا انومان ڪڍي، دٻيل الزام هڻي، ڳالهه کي مروٽي – سروٽي، مرد سان رسڻ جو ڏيکائي بهانو ڪري، چيڙائي ۽ وري پرچي وڃڻ سان سڀ ڪجهه حاصل ڪري وٺڻ جي هڪ عجيب ڏات آهي، جيڪا شرميلي ۽ حياءُ رکندڙ استرين ۾ وڌيڪ ٿيندي آهي. استريءَ جي ان ڪردار سان ليکڪ خوب نباهيو آهي.
     اڌ مڙهيل سئيٽر
    ڪا ڪهاڻي پڙهي پوري ڪرڻ تي من مان ازخود نڪري ويندو آهي ”واهه....“ ۽ ڪتاب بند ڪري، اکيون پوري، سڄي جي سڄي ڪهاڻي من ئي من ۾ وري دهرائيندي، ماڻهو پاڻ ۾ کوئجي ويندو آهي. پڇڻ تي ٻڌائي ته سگهندو ته ڪهاڻي سٺي آهي، پر ڪيئن سٺي آهي، اِهو ٻڌائي ڪونه سگهندو آهي. ان جو سبب شايد اِهو هوندو آهي ته پاٺڪ اُن ڪهاڻيءَ جي ڪيترين ڪنڊن ۾ پاڻ پائيندو آهي.
     اکين ۾ ٽنگيل سپنا
    دنيا داري، لوڪ لڄا، مال ملڪيت، تن جي بک، گهر ٻار جون جوابداريون سنڀالڻ هڪ ڳالهه آهي، پر حساس من جي اندر جي لوڇ، آشائن جي سپنن جو وچڙجڻ ۽ دلين جي آنڌ مانڌ سان نڀائڻ هڪ ٻي ڳالهه آهي. پهرين حالتن سان بي جان نموني منهن ته ڏيئي سگهجي ٿو، پر مانسڪ پيڙا کي اندر ئي اندر ۾ سانڍي، من تي پٿر رکي جيئڻ، ڄڻ پاڻ کي جيئري ئي مارڻ برابر آهي ۽ اُهو به تڏهن جڏهن وڇڙي، وري ملي ۽ وري وڇڙڻ جهڙيون گهڙيون اچي وڃن. پهرين نهار مان ئي احساس ٿي وڃي ته وري وڇوڙو، تنهائي شامون ۽ سرد راتيون نصيب ۾ آهن.
    استري ڪردار جو نڀاءُ من کي بيحد ڇهندڙ آهي.
    شوڪت جي لکيل ڪهاڻين جي هن مجموعي کي پڙهندي، منهنجي اڳيان هر هر خليل جبران جون رچنائون اچي ٿيون بيهن، جن ۾ ڪردارن جي اوسي – پاسي، اندر – ٻاهر هيٺ- مٿي ٿيندڙ سڄيءَ هلچل جو باريڪيءَ سان بيان ڪندي، ليکڪ سڄي تصوير سامهون رکي محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ڪردار ڪهڙي ماحول مان لنگهي رهيا آهن ۽ پاٺڪ اُن محسوسيت ۾ کوئجي ويندو آهي.
    خليل جبران کي مون ڏٺو ڪونه هو ۽ نه ئي شوڪت حسين شوري کي ڏٺو اَٿم، پر قمر شهباز (ڪونج 2007ع) موجب شوڪت جو چاهه اُهوئي آهي ته ”ڪير مون کي سمجهي، مونکي سنڀالي، مونکي سهارو ڏئي.“
    حقيقت ۾ هن جهان ۾ سڀ اڌورا ماڻهو، اڻپورا انسان ئي رهندا آهن، مون کي هن وقت هڪ ليکڪ جي ننڍڙي ڪويتا ياد ٿي اچي:
    Dreams fade, Delusions Die,
    Life is not what it seems to promise
    It is every body’s story
    It is mine.
    ”اڌورا ماڻهو “ جي ڳالهه ڇڙي آهي ته مان هينئر شوڪت جي لکيل هن مجموعي جي ٽئين حصي کي ڇيڙيندس، جنهن ۾ باقي هڪ ڪهاڻي آهي ”اڌورا ماڻهو.“ سڀ ڪهاڻيون سڀني کي پسند اَچن، اِهو ممڪن ڪونه آهي. ڇو جو هر ڪنهن جي رُچي، من جو ماحول ۽ سوچ جي ڪيفيت الڳ الڳ وقتن تي الڳ الڳ ٿيندي آهي. ائين ته سندس ”هڪ ڊنل ماڻهو“ ۽ ٻيون به ڪهاڻيون آهن، پر مان هن وقت سندس لکيل صرف ان ڪهاڻيءَ تي پنهنجا ويچار پيش ڪندس.
    منهنجي لاءِ شوڪت جي لکيل هيءَ ڪهاڻي سڀني کان علحدي، گهٽناتمڪ نه هوندي، گهٽنائن سان ڀرپور، احساستمڪ نه هوندي به احساس جتائيندڙ هڪ بهترين ڪردارنگاريءَ جي اَڻ وسرندڙ ڪهاڻي آهي، جنهن کي مان ور ور پڙهي، وري وري کلي، Enjoy ڪري سگهان ٿو. پوءِ توهان ڀل مونکي هڪ تمام رواجي ۽ دهري پاٺڪ جي درجي ۾ آڻيو. مسٽر ”A“ جي ڪردار ۽ مس ”Z“ جي ڪردار جي وچ ۾ جيڪي به الفابيٽ جا اکر آهن، سي پاٺڪ بڻجي پيا هيڏانهن هوڏانهن نهاري، ٻاهرئون کلي کيرا ٿين ۽ اندر ۾ احساسن وس ٿي هنجون هارن.
    ستائيندڙ زندگيءَ مان زبردستيءَ عيش حاصل ڪرڻ اهڙين ڇوڪرين جي لامحدود ڪوشش پئي رهي آهي، جيڪا هو پوريءَ طرح حاصل ڪري ئي وٺنديون آهن. کاکڙ – کوکڙ کان سواءِ ڏيڻ لاءِ ته هنن وٽ ڪجهه بچيو ئي ڪونه هوندو آهي. ڪجهه وڃائڻ جو ته سوال ئي نٿو اُٿي.
    آخر ۾ نند جويريءَ سان انٽرنيٽ (ڪونج 2007 ) تي، ”ڪهاڻي ڪالهه، ڪهاڻي اڄ ۽ ڪهاڻي سڀاڻي“ جي جواب ۾ شوڪت پاڻ ٿو چوي ته ”ڪهاڻي جيڪا ڪالهه هئي، سا وڌيڪ سگهاري هئي، اها ڳالهه اڄ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪانهي.“
    باقي هڪ ڳالهه: شوڪت جون لکيل ڪهاڻيون اسان جي پنهنجي مايعدار اباڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ انساني جذبن ۽ رشتن تي ٻڌل آهن، جن ۾ دين – ڌرم جو پاڇو به گم آهي، پوءِ اسان کي ائين ڇو ٿو محسوس ڪرايو وڃي ته اسان ٻئي ٻن ملڪن جا پکيئڙا آهيون؟.( بشڪريه سارنگا )
    شوڪت حسين شورو جي ڪاوش ڪالمن کي پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو
     
    عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو