آبادگارن جا زرعي مسئلا ۽ انهن جو حل

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    آبادگارن جا زرعي مسئلا ۽ انهن جو حل​

    سوال:ڪيلي جي فصل ۾ پاڻي، ڀاڻ ۽ گُڏ جو تمام سٺو خيال رکيو آهي پوءِ به ڪيلي جو ڦريون پڇاڙي واري چوٽي کان سڪي سڙي ڪاريون ٿي رهيون آهن ڪن ڇڳن ۾ گهٽ ۽ ڪن ڇڳن ۾ گهڻيون ڦريون خراب ٿين ٿيون اوهان ٻڌايو ته ڇو ۽ بچاءُ لاءِ ڇا ڪريون؟
    غلام نبي سهتو ڳوٺ رسول بخش سهتو، سانگهڙ
    جواب: ادا اوهان جي جيڪي نشانيون ٻڌايون آهن اهي ڦنگس جي ڪري ڪيلي جي ڦري جي چوٽي کي خراب ڪري ساڙڻ واري بيماري جون علامتون آهن هن بيماري کان بچاءُ لاءِ فصل جي صفائي سٿرائي جو وڌيڪ خيال رکڻ کپي ۽ زرعي ماهرن جي سفارش موجب پوٽاش وارو ڀاڻ ضرور ڏجي، جن ٻوٽن ۾ هي بيماري آهي اهي ٻوٽا ۽ انهن جي ڀر پاسي وارا ٻچا پاڙان ڪڍي ساڙي ڇڏجن ۽ ان خالي جاءِ تي نوان ۽ صحت مند ٻچا پوکجن.
    سوال: اسان جي وونئڻن جي فصل ۾ ڪجهه ٻوٽن جا پن سڙي رهيا آهن ظاهري ڪوبه جيت يا بيماري نظر نٿي اچي ان جو سبب ڇا آهي، ٻڌائيندا؟
    مداد علي بوزدار / گهوٽڪي
    جواب: ادا پن سڪڻ جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ پاڻي ۽ ڀاڻ جي کوٽ، جيتن جو حملو ۽ ڪيميائي دوائن جو غلط استعمال به ٿي سگهي ٿو جنهن ڪري پن سڪندا آهن. ان ڪري ڪنهن زرعي ماهر کي پن جو نمونو ڏيکاريو ان بعد ئي بيماري يا ڪنهن ٻئي سبب جي صحيح سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي.
    سوال: اسان جي سارين جي فصل تي ڪنهن بيماري جو حملو ٿيو آهي جنهن سبب چوٽيون سڪي وڃن ٿيون، ان مسئلي جي حل لاءِ صلاح ڏيندا؟
    منظور علي جسڪاڻي/ٽنڊوغلام علي
    جواب: پاڻي يا زمين ۾ موجود نامياتي ۽ غير نامياتي مرڪبن جي گهٽ وڌائي جي ڪري چوٽيون سڪنديون آهن. ان لاءِ سفارش ٿيل ڀاڻ وقت آهر استعمال ڪريو اميد ته اوهان جو مسئلو حل ٿي ويندو.
    آبادگار ڀائرو اوهان پنهنجي سوالن جي جوابن لاءِ اسان سان ڀلي رابطي ۾ رهو پر حد جي زرعي ڪارڪن کان پڻ معائنو ڪرائيندا رهو خاص طور تي ڀاڄين ۽ ميون ۾ جيڪڏهن ڪو جيت يا بيماري نظر اچي ته مهرباني ڪري تڪڙ ۾ زرعي زهر استعمال نه ڪريو. اهي هر ساهه واري لاءِ هڪجهڙا موتمار زهر آهن ان ڪري ٻي دنيا وانگر غير ڪيميائي طريقن تي اعتبار ڪريو.
    سوال: وونئڻن جي فصل مان گل ڇو ٿا ڪرن، سبب ۽ حل ٻڌائيندا؟
    ممتاز علي شاهه / بدين
    جواب: گل ٻاٽي ڇڻڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا پرجينياتي اثر يا موروثي، ماحولياتي اثر، ڪيميائي ڀاڻ جي استعمال، جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جي حملي ۽ موسمي تبديلين جي ڪري پڻ فطري حد کان وڌيڪ گل ٻاٽي ڇڻندي آهي، گل ٻاٽي ڇڻڻ جو پهريون سبب جيڪو ٻوٽي کي ورثي ۾ مليل آهي. سو جيتياتي اثر آهي. ٻوٽي جي اها خاصيت تبديل ڪرڻ سولو ڪم ناهي سائنسدان ان معاملي ۾ تجربا ڪري رهيا آهن جنهن جا بهتر نتيجا مليا آهن. وونئڻن جي گهاٽي ۽ ڪمزور هجڻ سبب به گل ۽ گوگڙا گهٽ لڳندا آهن ٻيو ته لڳل گل ٻاٽي جو ڪجهه سيڪڙو ڇڻي به ويندو آهي ان لاءِ ضروري آهي ته گهاٽي فصل جي ڇڊائي ڪري ٻوٽن کي مناسب وٿي تي آڻجي. ڪيميائي ڀاڻ جي غلط استعمال سبب به گل ٻاٽي ۾ ڇاڻو ٿئي ٿو ان ڪري ڪيميائي ڀاڻ جو صحيح استعمال ڪري گل ٻاٽي ڇڻڻ کان بچائي سگهجن ٿا. پاڻي جي کوٽ يعني سو ڪهڙي سبب به گل ٻاٽي جو ڇاڻو ٿئي ٿو ان لاءِ ضروري آهي ته وونئڻن جي فصل کي گل ٻاٽي وقت هلڪو پر جلد پاڻي ڏيڻ گهرجي. جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين سبب گل ٻاٽي ۾ ڇاڻو ٿئي ٿو. ان ڪري جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين تي ضابطو ڪبو رهبو ته گل ٻاٽي جو ڇاڻو گهٽ ٿيندو.
    سوال: اسان جي وونئڻن جي فصل تي سائي ۽ ڪاري مهلي جو حملو ٿيو آهي ٻڌايو ته ان تي ضابطو ڪيئن آڻجي؟
    منظور احمد جسڪاڻي/ ٽنڊوغلام علي
    جواب: ادا اڄ واري صفحي ۾ ڏنل مضمون” نم مان دوائون ٺاهڻ ۽ استعمال جا طريقا “ مان ڪو هڪ مرڪب ٺاهي فصل تي ڦوهارو ڪيو ته اها شڪايت دور ٿي ويندي.
    سوال: گوار جي پوک ڪهڙي وقت ڪري سگهون ٿا ان بابت ٻڌائيندا؟
    رجب ملاح / دولتپور
    جواب: گوار جون ٻه جنسون آهن” ڪاڇڻ“ جنس جنوري ۽ مارچ ۾ پوکجي” ڪنڍي“ جنس جولاءِ کان آگسٽ جي مهينن ۾ پوکي سگهجي ٿي.
    آبادگارن ڀائرن لاءِ هڪ ڳالهه جي به وضاحت ڪندا هلون ته جيڪڏهن اوهان جي فصل ۾ ڪنهن جيت، ڪينئن يا بيماري جو حملو آهي يا ٿي ته ان جو نشانيون واضع يا جيڪڏهن ڪنهن به مرض جو ڪارڻ بڻجندڙ هاڃيڪارن جون تصويرون به اوهان وٽ هجن ته سي به اسان کي ڏياري موڪليو ته جيئن اسين اوهان کي ان جو چڱو حل ٻڌائي سگهون.
    بشڪريه روزانه عبرت *
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو