زرعي انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هاري ۽ انهن جا مسئلا

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    زرعي انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هاري ۽ انهن جا مسئلا​

    غلام حسين لغاري
    ذڪر پئي ڪيوسين ننڍي آبادگار ۽ هاري جي مسئلن جو ته هن وقت به ڪافي اهڙا مسئلا آهن جيڪي زرعي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن جيڪڏهن انهن جو جائزو وٺبو ته انهن جو وچور ۽ لاڳاپيل حل ڪجهه هن ريت هوندو جنهن لاءِ حڪومت کي اثرائتا اپاءُ وٺڻا پوندا جيڪو زرعي انقلاب لاءِ واحد قدم هوندو،
    محدود زرعي ڄاڻ:
    اسانجي هاري کي جيڪو بنيادي مسئلو درپيش آهي اهو آهي محدود زرعي ڄاڻ جو هجڻ جنهن لاءِ اسان کي ڳوٺاڻي سطح تي مقامي تربيت يافته فيلڊ اسسٽنٽ کي مقرر ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته اهو مقامي هجڻ ڪري 24 ڪلاڪ ئي ڳوٺ ۾ موجود هوندو ۽ آبادگار خواهه هاري کي سولائي سان ملي سگهندو.هن وقت گهڻو ڪري بدين ، ٺٽي ، ڪراچي ، ڄامشوري ، دادو ، ٽنڊوالهيار ، ميرپورخاص ، سانگهڙ ضلعن ۾ مقامي گهٽ ۽ ٻاهريان فيلڊ اسسٽنٽ وڌيڪ آهن ۽ اهي گهٽ پگهارون ۽ ٻيون سهولتون نه هجڻ ڪري مقرري واري هنڌ ڊيوٽي ڏيڻ کان لنوائيندا رهن ٿا. جن ضلعن ۾ مقامي عملو ميسر ناهي ۽ کوٽ آهي ته اهڙي صورت ۾ اتان جي مئٽرڪ سائنس ۾ پاس نوجوان کي زرعي تربيت جا موقعا فراهم ڪري مقرر ڪرڻو پوندو . اهڙي طرح سنڌ جي ڪن هنڌن تي آءِ پي ايم طرز جي قائم ٿيل فيلڊ اسڪولن جو دائرو وڌائڻو پوندو جيڪو هارين تائين زرعي ڄاڻ پهچائڻ جو هڪ اثرائتو ذريعو آهي ۽ اهڙن اسڪولن وسيلي هاري ۽ زرعي ڪارڪن ۾ رابطو وڌندو رهندو. اهڙي طرح آبادگارن ۽ هارين جي زمينن تي مختلف فصلن جا نمائشي پلاٽ به رکڻ گهرجن ته جيئن ڀرپاسي جا هاري اهي ڏسي پنهنجي ڄاڻ وڌائي سگهن. گهڻي وقت کان زرعي اطلاعات شعبي پاران حيدرآباد خيرپور ۽ ٻين اسٽيششن تان زرعي پروگرامن جو روزانه ڪامياب سلسلو هلندڙ آهي جنهن کي ٽي وي چئنلن تائين تائين وڌائڻ گهرجي ته جيئن آبادگار هر روز زرعي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. هن وقت زرعي اطلاعات وارو شعبو محدود آهي تنهنڪري ان شعبي کي وسيع ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي اطلاعات آفيسر مقرر ڪرڻ سان گڏ زرعي موبائيل گاڏيون فراهم ڪرڻيون پونديون ته جيئن هر ڳوٺ جتي ريڊيو يا ٽي وي ناهي اتي زرعي فلمون ڏيکاري ۽ ڇپيل زرعي مواد تقسيم ڪري آبادگارن جي ڄاڻ وڌائڻي پوندي. ضلعي ۽ تعلقي سطح تي زرعي سيمينار ، ڪانفرنسون ۽ زرعي نمائشن جو انعقاد ڪرڻو پوندو، هارين کي ٻين صوبن جي زرعي فارمن ۽ ادارن جو دورو ڪرائڻ گهرجي جنهن سان به انهن جي ڄاڻ وڌندي ۽ هارين جا پاڻ ۾ رابطا وڌندا. آبادگارن ۽ هارين تائين زرعي ڄاڻ پهچائڻ ۾ زرعي توسيع واري اداري جي اهميت ۽ ڪردار کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي گذريل 60 سالن دوران جيڪي نيون جنسون منظرعام تي آيون آهن يا آبادگارن پنهنجي في ايڪڙ پئداوارا ۾ اضافو آندو آهي ان ۾ زرعي توسيع کاتي جي ورڪر جي ڪردار ۽ خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي پوءِ ڀلي ڪير به سندس مخالفت ڪري يا مٿس ڪنهن به قسم جي ڪا نڪتچيني ڪري. جيڪڏهن ٿوري به نظر وجهبي ته زرعي ورڪر جي ڪڏهن به هاري يا ننڍي آبادگار شڪايت نه ڪئي هوندي شڪايت صرف ئي صرف وڏا وڏا زميندار ۽ سياسي سوچ رکندڙ وڏيرا ئي ڪري سگهن ٿا ۽ ڪندا رهندا آهن. هن اداري کي ماضي ۾ ڌارين ۽ نان ٽيڪنيڪل ڪامورن گهڻو ڪجهه نقصان رسايو آهي جن کي ڊئريڪٽر جنرل جي عهدن تي مقرر ڪري زرعي ڊگري رکندڙ زرعي توسيع جي ملازمن سان نه صرف نا انصافي ڪئي وئي پر انهن جي صلاحيتن کي ختم ڪيو ويو. نان ٽيڪنيڪل زرعي ڪامورن گهٽ ڄاڻ هجڻ ڪري هروقت ٻڏتر جو شڪار رهيا ۽ پنهنجي ذاتي مفادن سبب ڪڏهن به ڳوٺن يا زمينن تي وڃي ڪري ڪنهن هاري ناري سان نه ملاقات ڪئي ۽ نه وري انهن جي مسئلن تي ساڻن ڪي ڏک ونڊيا يا همدردي ڪئي. هن وقت به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته زرعي توسيع کاتي ۾ امپورٽ ٿيندڙ نان ٽيڪنيڪل ۽ ٻاهران ايندڙ ماڻهن جي مقرري جي گهٽ ۾ گهٽ حوصله شڪني ڪئي وڃي ته جيئن کاتي جو مان مٿاهون رهي ۽ هاري سان هاري جي زبان ۾ ڳالهائيندڙ ڪامورن جي مقرري متاثر نه ٿئي ۽ خالي جاين تي تڪڙا پروموشن ڪرائي سينر آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ زراعت صحيح معني ۾ ترقي ڪري ۽ عام هاري جي رهنمائي ٿي سگهي . زرعي قرضن جي وقت سر فراهم ننڍن آبادگارن لاءِ جيڪو ٻئي نمبر تي وڏو مسئلو لاحق آهي اهو زرعي قرضن جي وقت سر فراهمي نه ٿيڻ جنهنڪري اهي ٻج ڀاڻ يا زرعي دوائون خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکي سگهن نتيجو اهو ٿو نڪري جو ننڍو آبادگار وقت سر پوکي ڪرڻ کان لاچار رهي ٿو. هن ڏس ۾ زرعي بئنڪن جو دائرو گهٽ ۾ گهٽ يونين سطح تائين وڌائڻ گهرجي ۽ جيڪي به قرض ڏنا وڃن اهي هر فصل جي پوکي وقت کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو اڳ بنا ڪنهن ڏيتي ليتي جي ڏنا وڃن ۽ اهڙن قرضن جي فراهمي مقرر ٿيل ڪاميٽي معرفت ڪئي وڃي جنهن ۾ بئنڪ جو موبائيل ڪريڊٽ آفيسر ، زراعت کاتي ۽ آبادگار تنظيم جو نمائندو کنيو وڃي ته جيئن ڪو غير واسطيدار يا غير هاري زرعي قرض حاصل ڪري نه سگهي ۽ جيڪو به قرض ڏنو وڃي انجي صحيح استعمال ۽ انجي وقت سر واپسي کي يقيني بڻايو وڃي.
    معياري ٻج جي دستيابي.
    حڪومتي سطح تي اها ڪوشش ڪجي ته هاري ناري جي ذهن تي اها ڳالهه آڻجي ته اهي هر فصل جي پئداوار حاصل ڪرڻ مهل پنهنجي بيٺل فصل جو چڱي ريت معائنو ڪري ان جي بهتر حصي مان پنهنجو ڀروسي جوڳو ٻج الڳ ڪري رکن ٻي حالت ۾ حڪومت کي پوکي واري مند شروع ٿيڻ کان مهينو اڳ تصديق ٿيل ٻج رعايتي اگهه تي فراهم ڪري ۽ ٻج فراهم ڪندڙ نجي ڪمپنين مٿان ڪرڙي نظر رکي ملاوت کان آجو ٻج فراهم ڪيو وڃي جنهن لاءِ پنجاب مان ايندڙ ٻج جي وڪري جي حوصله شڪني ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهڙو ٻج هڪ ته غيرمعياري رهي ٿو ۽ ٻيو سنڌ جي موسم ۽ زمين جي مناسبت سان نٿو ٿئي. اهڙي طرح ٻج جي چڪاس وفاق بدران صوبن جي زرعي کاتي حوالي ڪيو وڃي جنهن لاءِ ٻج چڪاسيندڙ ليباريٽريون کوليون وڃن. هن ڏس ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سڪرنڊ جي ٻج پئدا ڪندڙ پلانٽ کي به موثر بنائڻ گهرجي جيڪو ماضي ۾ نان ٽيڪنيڪل ڪامورن جي عدم توجهگي سبب غير موثر بڻيل آهي بهتر ته ايئن ٿيندو جيڪڏهن انتهائي مهارت رکندڙ زرعي گريجوئٽن کي پلانٽ ۽ انجي سيڊ فارمن تي مقرر ڪيو وڃي جيڪي نج ٻج جي حصول لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا..
    معياري زرعي دوائن جي فراهمي.
    اسانجي هارين کي ٻج بعد جيڪو وڏو مسئلو منهن ۾ اچي ٿو اهو معياري زرعي دوائن جو حصول پڻ آهي . جنهن هاري وٽ پيٽ پالڻ لاءِ ايڪڙ ٻه زمين آهي اهي زرعي دوا وٺڻ لاءِ ڳرا ڀاڙي ڀري شهرن جو رخ ڪن ٿا جتان وري کين مهانگيون ۽ غير معياري دوائون ملن ٿيون. جيڪڏهن ننڍي آبادگار يا هاري کي ڪو فائدو پهچائڻو آهي ته حڪومت کي ماضي جيان حڪومتي سطح تي هر يونين ڪائونسل ۾ فيلڊ اسسٽنٽ جي آفيس يا زرعي آفيسر جي آفيسن اندر سستين زرعي دوائن جا اسٽور قائم ڪرڻا پوندا اتي ڦوهاري واريون مشينون به رکڻيون پونديون ته جيئن هر ننڍو آبادگار پنهنجي ضرورت آهر ڳوٺ ويجهو زرعي دوا ۽ ڦوهاري واري مشين حاصل ڪري سگهي. هن وقت صوبي ۾ نجي طور هزارن جي انگ ۾ اسٽور قائم ٿيل آهن جيڪي وڏن شهرن تائين محدود آهن ۽ انهن جا مالڪ جن کي ڊيلر ڪري سڏجي ٿو زرعي دوائن بابت ڪا به ڄاڻ نٿا رکن ۽ اهڙن ڊيلرن جي حوصله شڪني ڪرڻي پوندي ۽ صرف انهن کي دوڪانن جا لائسنس ڏنا وڃن جيڪي زرعي گريجوئيٽ يا وري گهٽ ۾ گهٽ ٻه ساله زرعي سکيا واري ڪورس جو سرٽيفڪيٽ رکندڙ هجي جنهن سان هڪ طرف ته بيروزگاري جو خاتمو ٿيندو ته ٻئي طرف معياري زرعي دوائن جي وڪري ۽ صحيح استعمال جو سبب بڻبو. اهڙي طرح زرعي دوا ساز ڪمپنين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جيڪو وڏن آبادگارن بدران ننڍن آبادگارن ۽ هارين جي زمينن تي زرعي پلاٽ رکڻا پوندا هر دوا جي وڪري سان گڏ هارين کي لاڳاپيل دوا جو لٽريچر به فراهم ڪرڻ کي لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ هر ڊيلر کي سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا سکيا به ڏيڻ گهرجي ۽ ڪو به ڊيلر ڪنهن زرعي ڪارڪن جي سفارش ۽ نسخي بنا ڪا به دوا وڪرو نه ڪري. اهڙي طرح جيڪي ڪمپنيون غير معياري دوائن وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث هجن تن جا لائسنس رد ڪري کين بلئڪ لسٽ ڪيو وڃي . اهڙي طرح ڊيلرن کي حڪومت جي منظوري بنا ڪنهن به ڪمپني کان ڪا به دوا وڪري لاءِ حاصل ڪرڻ جي ممانعت هجي يعني ته دوا جي انڊينٽ کاتي جي ڊئريڪٽر پلانٽ پروٽيڪشن وسيلي ڪرڻ گهرجي جنهن سان صوبي ۾ استعمال ٿيندڙ زرعي دوائن بابت رڪارڊ رکي سگهبو يا وري ان سان ماحول يا انساني صحت تي اثرانداز ٿيندڙ زرعي دوائن جي وڪري تي ڪنٽرول ڪري سگهبو
    زرعي مشينري جي اڻهوند
    سنڌ جي هاري يا ننڍي آبادگار وٽ مشيني پوک جون گهٽ سهولتون ميسر آهن ۽ اڃا تائين گهڻن هنڌن تي اهي ڍڳن وسيلي پوکي ۽ ڳاهه ٿا ۽ وٽن اها حيثيت نٿي رهي جو کيتي ٻاڙي لاءِ ٽريڪٽر استعمال ڪري سگهن هن وقت سنڌ جي انجنيئرنگ کاتي وٽ آبادگارن جي ڀلائي وٽان ڪافي رٿائون هلي رهيون آهن پر انهن جو لاڀ وڏن آبادگارن تائين محدود آهي. جيڪڏهن زرعي مشينري جي سهولت هارين تائين پهچائڻي آهي ته ان ڏس ۾ ٺوس پاليسيون جوڙڻيون پونديون جتي جتي زرعي آفيسرن جون ڪشاده آفيسون آهن اتي مني ورڪشاپون قائم ڪرڻيون پونديون جتان هاري ناري زمين کيڙڻ لاءِ رعايتي اگهن تي ضرورت مهل ٽريڪٽر حاصل ڪري سگهن يا جن وٽ اهي ٽريڪٽر آهن اهي انهن جي مرمت لاءِ شهرن وڃڻ بدران مقامي سطح تي زرعي مشينري جي مرمت ڪرائي سگهن. جيستائين حڪومت ڪا اهڙي پاليسي جوڙي تيستائين زرعي مشينري رکندڙ آبادگارن ۽ هارين کي يونين سطح تي سکيا وارا پروگرام ڪري کين سکيا ڏيڻ گهرجي.
    پاڻي جي اڻاٺ
    پڇڙي تي آبادي ڪندڙ هاري ويچارو صدين کان پاڻي لاءِ تڙپندو ۽ وڏيرن جي عذاب ۾ رهندو پيو اچي ۽ ڪڏهن به کين پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه مليو آهي جو هو ايڪڙ اڌ آباد ڪري ملڪ جي زرعي انقلاب لاءِ ڪردار ادا ڪري يا پنهنجو پيٽ پالي تنهنڪري هاڻ هن عوامي دور ۾ جڏهن ملڪ ۾ پ پ جي جمهوري حڪومت قائم آهي هاري کي همٿائڻ گهرجي. هن وقت اهو بهانو ڏنو وڃي ٿو مٿان کان ئي پاڻي نٿو ملي جيڪو حقيقت آهي پر جيڪو به پاڻي چڪو ملي ٿو ان مان به هاري کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ملڻ گهرجي جنهن لاءِ پاڻي جي شيئر لسٽ واري نظام کي جاري رکڻ گهرجي ته جيئن هاري کي پنهنجي حصي جو پتو پئجي سگهي جنهن لاءِ آبپاشي حڪام جي ڪن مهٽ به ڪرڻي پوندي جيڪي وڏيرن جا ساٿي بڻجي هارين جي حقن کي يرغمال ڪن ٿا. پاڻي جي اڻاٺ ختم ڪرڻ لاءِ شاخن ۽ ڪئنالن جي صفائي وارو ڪم هر ڇهين مهيني مشينن وسيلي ڪرائڻ گهرجي نه صرف اهو پر ڪئنالن ۽ شاخن ۾ چوپائي مال جي گهڙڻ لاءِ تحرڪ وٺڻو پوندو جنهن سان ڪئنالن ۽ شاخن جا بند ڪمزور ٿي ٽٽن ٿا نتيجي ۾ گهارا پوڻ ڪري پاڻي ضايع ٿئي ٿو. سنڌ ۾ واٽرڪورسن جي اڏاوت وارو منصوبو ته جاري ساري آهي پر ان مان هاري کي ڪو خاطر خواهه فائدو نه پهتو آهي جنهن لاءِ ڪجهه سوچڻو ۽ عملي قدم کڻڻا پوندا ته جيئن عام هاري به واٽرڪورسن جي رٿا مان وس آهر فائدو حاصل ڪري سگهن. ان ڏس ۾ اهو به مشورو آهي ته پاڻي جي صحيح استعمال ۽ بچت بابت آبادگارن کي سکيا ڏيڻي پوندي ۽ گهٽ پاڻي جي استعمال واري اسپرنڪلر ۽ ڊرپ سسٽم تي ٻڌل ٽيڪنالاجي جيڪا وڏن آبادگارن تائين محدود آهي ننڍي آبادگار تائين به پهچائڻي پوندي جنهن لاءِ حڪومت کي ان ڏس ۾ ڪا موزون رٿا سامهون آڻڻي پوندي. حڪومت سنڌ جي ٿر ۽ ڪوهستان ۾ ننڍن ڊيمن جي اڏاوت وارو جيڪو منصوبو جوڙيو آهي زرعي انقلاب طرف هڪ اثرائتو قدم آهي پر ڊيمن جي تڪميل بعد ان ڳالهه کي به يقيني بنائڻو پوندو ته عام هاري به ان مان فيض حاصل ڪري ۽ کيس پاڻي جو پورو شيئر ملي سگهي. اهڙي طرح جتي جر جو پاڻي مٺو آهي اتي هارين کي ٽيوب ويلن جي سستي ۽ آسان اگهن تي فراهمي کي يقيني بنائڻ گهرجي جنهن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ به رعايت ڏيڻي پوندي ۽ زرعي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيوب ويلن کي لوڊشيڊنگ جهڙي آزار کان آزاد ڪرڻو پوندو. پاڻي جي چوري ۽ وڏيرن جي ڪامورن پاران ٿيندڙ حوصله افزائي کي به ٻنجو ڏيڻو پوندو تڏهن ئي وڃي ڪو هاري ڀاءُ پنهنجي حصي جو پاڻي حاصل ڪري سگهندو.
    زرعي مارڪيٽنگ جو نيٽ ورڪ :
    سنڌ اندر زرعي مارڪيٽن جو نيٽ ورڪ پڻ ايترو مظبوط ناهي جنهن سان عام آبادگار يا هاري کي سندن زمينن ويجهو جنسن جا صحيح اگهه ملن نتيجو اهو ٿو نڪري جو يا ته دلال يا وري حد جا وڏيرا انهن جي پئداوار ڀڳڙن مٺ تي وٺن ٿا جنهنڪري آبادگار پنهنجو خرچ پکو به لاهي نٿو سگهي. هن وقت جيڪي به زرعي منڊيون آهن اهي گهڻو ڪري وڏن شهرن ۾ يا وري لنڪ روڊ نه هجڻ ڪري آبادگارن جي پهچ کان پري آهن تنهنڪري جيڪڏهن آبادگارکي پئداوار جو مناسب ۽ صحيح اگهه ڏيارڻو آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ يونين سطح تي زرعي منڊي قائم ڪرڻي پوندي ۽ اهڙين منڊين جو انتظام آبادگارن حوالي ڪرڻو پوندو جيڪي بنا ڪنهن سياسي ۽ سرڪاري مداخلت جي آبادگارن کي صحيح اگهه ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿين.
    ڍلن جا ڳرا بل.
    ننڍو آبادگار ۽ هاري روينيو حڪام جو به گهڻي وقت کان ڏنگيل آهي ۽ اڃا به مٿس ڍلن ۽ ٻين زرعي ٽيڪسن جي صورت ۾ اهي ڏنگ لڳندا رهن ٿا. عام هاري جي اها راءِ آهي ته سندن پوکيل فصلن جي ڪا سروي ٿيڻ کانسواءِ تپيدار ڍل مڙهين ٿا ۽ ڳرا بل ڏئي مٿن عذابن جا پهاڙ ڪيرائين ٿا جيڪا هڪ حقيقت آهي. اهڙي طرح سندن حقن جو رڪارڊ وٺڻ ۾ به مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. رينيو ڪامورا بادشاهه آهن جيئن وڻين تيئن ڪن پر عوامي حڪومت جي دور ۾ آبادگارن ۽ روينيو حڪام وچ ۾ لاڳاپا بهتر ڪرڻا پوندا ۽ اهي تڏهن ئي ممڪن ٿيندا جڏهن روينيو جا ڪامورا ڪچهرين وارو پراڻو نظام ٻيهر بحال ڪن پنهنجي حدن ۾ وڃن ۽ هاري ناري جا مسئلا ٻڌي موقعي تي حل ڪن. ڪنهن به ڍل واري بل جاري ڪرڻ کان اڳ پوکيل فصل جي سروي ڪرڻي پوندي لاڳاپيل هاري کي انجو تفصيل ٻڌائڻو پوندو ۽ جيئن ئي فصل لهي ته کيس بل ڏنو وڃي جيڪو هاري حد جي بئنڪ يا وري سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي رسيد وٺي. جيڪڏهن تپيدار کان پڇبو ته اهو به ساڳيا سور سليندو ۽ چوندو ته کين مٿي رسائي ڪرڻي پوي ٿي بالا حڪام ۽ وزيرن جي دورن دوران کين ئي خرچ ڪرڻو پوي ٿو.
    بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ڳرا بل
    هن وقت بجلي جي غير ضروري ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ به آبادگار ۽ هاري کي رڻ ۾ رولي ڇڏيو آهي ان کي به ختم ڪرڻو پوندو ته جيئن ٽيوب ويل رکندڙ هاري ناري پنهنجا ٽيوب ويل وقت سر هلائي پنهنجي پوکيل فصلن کي پاڻي ڏئي سگهن. حڪومت کي هن ڏس ۾ جوڳا قدم کڻڻا پوندا جنهن ۾ بجلي اگهن ۾ لاٿ ، استعمال ٿيندڙ يونٽن جي آڌار تحت بل جو اجراءُ ، ٽيوب ويل ڪنيڪشن ۽ ٽرانسفارمر ڏيڻ ۾ آسان طريقو ۽ يونين ڪائونسل سطح تي بجلي عملو مقرر ڪرڻ جيئن خراب ٿيندڙ ٽرانسفارمر يا ڪنهن ٻي خرابي کي وقت سر دور ڪري سگهجي. اهڙي طرح بجلي جي غيرضروري ڳرن بلن جي به حوصله شڪني ڪرڻي پوندي تڏهن ي وڃي ڪو هاري سک جو ساه کڻندو.
    زرعي پاليسي جو وقت سر اعلان .
    حڪومت پاران وفاقي خواه صوبائي سطح تي جيڪي به پاليسيون جڙن ٿيون هڪ ته اهي وقت سر اعلان نٿيون ڪيون وڃن ۽ ٻيو ته انهن ۾ ڪنهن به ننڍي آبادگار يا هاري جي موقف کي ٻڌو نٿو وڃي ۽ اهڙيون پاليسيون جن کي ڪامورن جي حمايت يا اثر رهي ٿو زرعي انقلاب لاءِ اثرائتيون ثابٿ نٿيون ٿين تنهنڪري ڪنهن به پاليسي جوڙڻ کان اڳ ننڍي آبادگار جي راءِ کي به شامل ڪرڻ گهرجي انهن جي موثر نمائندگي ٿيڻ گهرجي جنهن لاءِ پاليسي ساز ڪامورن کي ايئرڪنڊيشنن مان نڪري زميني حقائق ڏسڻ ۽ پرکڻ لاءِ صوبن ۽ ڳوٺن جو دورو ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪا به پاليسي جڙي اها پوري ملڪ لاءِ هڪجهڙي هجي ۽ پوکي شروع ٿيڻ کان اڳ انجو اعلان ٿيڻ گهرجي. هن وقت اها حالت آهي جو سنڌ جو فصل لهي ٿو ۽ بعد ۾ پاليسي الان ٿئي ٿي نتيجو اهو ٿو نڪري جو پنجاب انجو فائدو وٺي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن ننڍي آبادگار يا هاري جي ڪا حوصله افزائي ڪرڻي آهي ته پوءِ وڌيڪ پئداوار حصل ڪندڙ هاري کي انعام ڏيڻ واري رسم کي بنا ڪنهن وقفي جي اڳتي آڻڻو پوندو ۽ آبادگارن جي پوکيل فصلن جي تحفظ لاءِ انشورنس وارو عمل وڌائڻو پوندو.
    آبادگار تنظيمن جو قيام
    جيڪڏهن ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي پنهنجا حق ۽ حڪومتي رعايتون وٺڻيون آهن ته پوءِ کين مخصوص سياسي اثر رسوخ رکندڙ ۽ پنهنجا مفاد رکندڙ تنظيمن مان ٻاهر نڪرڻو پوندو صوبي ، ضلعي ، تعلقي ۽ ڳوٺاڻي سطح تي پنهنجيون تنظيمون جيڪي امداد باهمي واري جذبي سان سرشار هجن قائم ڪرڻيون پونديون جيڪي سياست کان هٽي ڪري سندن مفادن جو حقيقي معني ۾ تحفظ ڪري سگهن. حڪومت کي به گهرجي ته قائم ٿيندڙ اهڙين تنظيمن جي حوصله افزائي ڪري ۽ انهن کي وفاقي خواه مقامي سطح تي ٺهندڙ حڪومتي پاليسين ۾ شريڪ ڪري انهن جي صلاحيتن ۽ تجربن جو استعمال ڪري . قائم ٿيندڙ اهڙين ننڍن آبادگارن جي تنظيمن وسيلي هاري ناري امداد باهمي جي اصولن تي هلي ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي جو سبب بڻجي سگهن ٿا نه صرف اهو پر اهي پنهنجو ڳاٽ اوچو رکي سوسائٽي ۾ عزت ماڻي سگهن ٿا . ٻيو اهو به طريقو آهي ته جيڪي به وڏيون تنظيمون آهن اهي ننڍن آبادگارن ۽ پيرين اگهاڙي هارين کي جن وٽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي مورثي زمين آهي ۽ هاري جي صورت ۾ آباد ڪندا پيا اچن تن کي به پنهنجي تنظيمن ۾ شامل ڪرڻو پوندو ۽ انهن جي حقن جي به ڳالهه ڪرڻي پوندي.
    بگڙيل امن امان
    بگڙيل امن امان به ننڍي آبادگار ۽ هاري ناري لاءِ انتهائي سنگين مسئلو آهي جنهنڪري اهو پنهنجيون زمينون ۽ وٿاڻ ڦٽا ڪري شهرن جا رخ ڪري ٿو ۽ پنهنجي زندگي عذاب بڻائي ٿو. حڪومت کي ان ڏس ۾ اثرائتا اپاءُ وٺڻا پوندا جنهن لاءِ ڳوٺن ۾ امن ڪاميٽيون ۽ ڳوٺ کان مارڪيٽ ويندڙ لنڪ روڊن تي پوليس چوڪيون قائم ڪرڻيون پونديون. پوليس ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ هم آهنگي وارو جذبو پئدا ڪرڻو پوندو جنهن لاءِ کين وڏيرن جي اوطاقن کان ٻاهر نڪري ڳاڙها ٻوڙ کائڻ بدران ڳوٺاڻن جي جهوپڙين وارن اوطاقن تي پهچي انهن جي پرگهور لهڻي پوندي. اهڙي طرح امن ۾ يقين رکندڙ ڳوٺاڻن کي پنهنجي تحفظ لاءِ بنا ڪنهن سفارش جي هٿيارن جا لائسنس به ڏيڻا پوندا ته جيئن اهي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ ۽ خوف هراس جي پنهنجيون زمينون آباد ڪري پنهنجي صوبي ۽ ملڪ کي سرسبز ۽ خوشحال بنائڻ ۾ پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪري سگهن.

    بشڪريه عوامي آواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو