ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
دره آدم خيل ۽ پشاور ۾مسجدن تي آپگهاتي ۽ بم حملا،

پشاور(رپورٽ: خدا ڏنو شاهه) دره آدم خيل ۾ مسجد ۾ جمعي نماز دوران آپگهاتي حملي ۽ پشاور ويجهو بڊبير ۾ مسجد تي دستي بم حملي ۾ 71 نمازي شهيد ٿي ويا آهن ۽ 151 زخمي ٿي پيا آهن، شهيد ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، آپگهاتي حملي جي سوڳ ۾ دره آدم خيل بند ٿي ويو، طالبان آپگهاتي حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. نيم قبائلي علائقي دره آدم خيل ۾ سپينا ٿاڻي جي حد ۾ اخوڙ وال واري علائقي ۾ ولي محمدمسجد اندر آپگهاتي بم ڌماڪو ٿيو، بم ڌماڪي سبب مسجد جي ڇت نمازين مٿان ڪري پئي ۽ مسجد سان گڏ واقع حجري جو اڌ حصو پڻ کنڊر بڻجي ويو، اکين ڏٺن شاهدن موجب ولي محمد مسجد ۾ 500 کان وڌيڪ نمازي جمعي جي نماز ادا ڪري رهيا هئا، جيئن ئي پيش امام فرض نماز جي ادائگي لاءِ الله اڪبر جي سدا بلند ڪئي ته مسجد اندر موجود آپگهاتي حملي آور پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن سبب 50 نمازي ٿڏي تي شهيد ٿي ويا ۽ مسجد مڪمل طور تي شهيد ٿي وئي، ڌماڪي بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ هر طرف آهون ۽ دانهون هيون، مسجد وارو هنڌ شهيدن ۽ زخمين جي رت سان رڱجي ويو، مسجد جي ديوارن ۾ سوين سوراخ ٿي ويا، هڪ ئي وقت ۾ 50 ماڻهن جي شهادت تي علائقي ۾ قيامت صغريٰ وارو منظر نظر اچي رهيو هو، ڌماڪي ۾ 115 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، ڌماڪي جي شدت ايتري گهڻي هئي جو ان جو آواز 20 ڪلوميٽر چورس تائين ٻڌڻ ۾ آيو، پشاور کان 40 ڪلوميٽر پري پشاور-ڪوهاٽ روڊ تي قائم مسجد اندر ٿيل زوردار آپگهاتي بم ڌماڪي سبب ڀرپاسي وارن ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو، جنهن سبب هڪ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت به شهيد ٿي وئي، بم ڌماڪي کانپوءِ ايف سي ۽ پاڪ فوج علائقي کي گهيري ۾ وٺي امدادي سرگرميون شروع ڪيون، علائقي واسين فورسز جي اچڻ کان اڳ ۾ پنهنجي مد پاڻ تحت شهيدن جا لاش ڪڍڻ ۽ زخمين کي اسپتالن ۾ پهچائڻ وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، بم ڌماڪي جي ڪجهه منٽن اندر پنجن ٻارڙن سميت وڌيڪ 17 نمازي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪو ٺيڪ هڪ لڳي 40 منٽن تي ٿيو، هوڏانهن ڌماڪي بعد پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال سميت سمورين وڏين اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي ۽ سموري اسٽاف کي هنگامي بنيادن تي طلب ڪيو ويو، پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ 10 زخمي عورتن ۽ 5 ٻارڙن سميت 70 زخمين کي آندو ويو ۽ وڌيڪ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوهاٽ منتقل ڪيو ويو، ڪمشنر ڪوهاٽ خالد عمر زئي موجب آپگهاتي حملي آور جي ڄمار 17 کان 18 سال هئي ۽ ڌماڪي ۾ 10 کان 15 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، ڪمشنر موجب آپگهاتي حملي آور نماز جي تڪبير لڳڻ وقت ئي مسجد اندر داخل ٿيو ۽ گيٽ واري پاسي کان ڌماڪو ٿيو، هوڏانهن اهو معلوم ٿيو آهي ته حجرو مقامي ملڪ ولي خان جو هو، ملڪ ولي خان علائقي جو چڱو مڙس ۽ دهشتگردن خلاف جوڙيل سرڪاري لشڪر جو اڳواڻ هو، آپگهاتي بم ڌماڪي سبب ڪيتريون ئي عورتون پنهنجن گهرن اندر زخمي ٿي پيون، هوڏانهن پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ داخل زخمين مان ڏهن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته سينيئر وزير بشير بلور ۽ سڌ سماءَ واري وزير ميان افتخار حسين ليڊي ريڊنگ اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي، بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته دهشتگردن جو ڪو به دين ايمان نه آهي، پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ امن افغانستان جي امن جي بحالي سان مشروط آهي، هنن چيو ته خواهشن موجب اڻ اعلانيل تي عالمي جنگ بنا رٿابندي جي ختم نه ٿيندي، سينيئر وزير چيو ته دهشتگردن سان ڳالهيون ڪرڻ جا حمايتي اهي آهن جيڪي يا ته هنن کان ڊڄن ٿا يا وري دهشتگردن سان مليل آهن، ميان افتخار چيو ته صوبي ۾وڌيڪ آپگهاتي حملن جو خدشو آهي. ٻئي طرف پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان دره آدم خيل آپگهاتي حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي. هوڏانهن پشاور جي بڊبير ٿاڻي جي حد ۾ سليمان خيل واري علائقي ۾ سومهڻي جي نماز دوران دهشتگردن جو نمازين تي دستي بمن سان حملو، 4 نمازي شهيد ۽ 36 زخمي ٿي پيا آهن، شهيد ٿيلن ۾ پيش امام به شامل آهي، اکين ڏٺن شاهدن موجب سليمان خيل واري علائقي ۾ ڳوٺاڻا سومهڻي واري نماز ادا ڪري رهيا هئا ته ٺيڪ ان وقت تي نقاب پوش شرپسندن 4 دستي بم نمازين تي اڇلايا، جنهن وقت نمازي فرض جي چوٿين رڪعت ادا ڪري رهيا هئا، بم حملي وقت مسجد ۾ 60 کان 70 نمازي موجود هئا، جڏهن ته شرپسند حملو ڪرڻ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، هوڏانهن ڌماڪي جي شدت سبب مسجد جو اڌ حصو شهيد ٿي ويو ۽ 36 نمازي زخمي ٿي پيا، جن مان 10 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، سمورن زخمين کي پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ڌماڪي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل نمازين کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ۽ ڪجهه نمازين کي ايڌي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ خيبر پختونخوا جي وڏي وزير امير حيدر هوتي مسجدن تي آپگهاتي ۽ دستي بم حملن جي مذمت ڪئي آهي.
اهڙا ڪم ڪندڙ کي ڇا انسان چئجي۔ ؟ اهيا ته انسانيت جي توهين آهي
بم بلاسٽ بابت علمي ۽ عقلي تاثرات ۽ مذهبي نقته نگاهه
http://www.youtube.com/watch?v=KmetZ625dVo