خيرپور ناٿن شاهه شهر جي ٻڏي وڃڻ کي هن وقت پورا ٻه مهينا ٿي ويا آهن، جڏهن ته تعلقي جي ٻڏي ويل 4 سئو ڳوٺن کي اڍائي مهينا گذري چڪا آهن، پر هن وقت تائين شهر جي شهباز ڪالوني، ڪريمداد لنڊ، گوليمار، رحمت الله ڪالوني، مير خان محلو، مدينا ڪالوني سميت اڪثر ڪالونيون ۽ پاڙا پاڻي هيٺ آهن. هن وقت تائين تعلقي جا اڪثر ڳوٺ جن جا رستا بحال ٿي سگهن ٿا، سي سرڪار جي بي حسي ۽ لاپرواهي سبب بحال ناهن ٿي سگهيا، جنهن ڪري تعلقي جا 4 لک کان وڌيڪ ماڻهو دربدر ٿي تڪليف ۽ ڏکن وارا ڏينهن گذارڻ تي مجبور آهن. شهر ۾ واپس ايندڙ وڏي آبادي بيمار ۽ سهولتن بجلي، گئس، پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائي، صحت جي سهولتن کان محروم آهي. ڪيترن محلن ۽ پاڙن ۾ هن وقت بجلي ۽ گئس ناهي، هر طرف گندگي جا ڍير نظر اچن ٿا. جنهن ڪري ماڻهو بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن. شهر ۾ انتظامي طور ڪو به ڍانچو ناهي، ڪو به آفيسر شهر ۾ موجود نه هجڻ سبب ماڻهن جي ڪير به دانهن ٻڌڻ ۽ ورنائڻ وارو ناهي، جنهن ڪري ڪيترا ماڻهو شهر ڏي واپسي چاهيندي به واپس نٿا اچن. شهر توڙي ٻهراڙين ۾ ڪيترا ماڻهو آهن، جن کي وطن ڪارڊ ناهن ملي سگهيا، توڙي جو اهڙن ماڻهن کي چار چار ۽ ست ست ٻار آهن. سندن گهر ڊهي تباهه ٿي ويا آهن، روزگار ختم ٿي ويا آهن. پر سرڪار هن وقت اهڙن متاثرن ماڻهن ڏي ڪا به توجهه ناهي ڏني، جيڪي احساس محرومي سبب نفسياتي مريض ٿيندا پيا وڃن. هي انساني الميو آهي، سرڪار هن اهم مسئلي ڏانهن ڌيان ڏئي، سڀني ماڻهن کي وطن ڪارڊ جي سهولت ڏئي انهن کي پريشاني کان بچائي. وطن ڪارڊ آفيسن ۾ 5 کان 10 هزار رشوت عيوض وفات ڪري ويل، ٻه شناختي ڪارڊ ٺهرايل، دبئي، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن جا وطن ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن. وطن ڪارڊ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙن جا ڪيترا ايجنٽ هوٽلن، بينڪن ۽ نادرا آفيس جي گيٽ تي بيٺل ماڻهن کي آسرا ڏئي هر روز لکين رپيا ڪمائين ٿا. جن جا وطن ڪارڊ ناهن آيا، انهن کي وري تپيدار دلاسا ڏئي ڪوڙا سرٽيفڪيٽ جاري ڪري سئو کان 5 سئو رپيا وٺي پنهنجا گهر ڀري رهيا آهن. ڄڻ ته هيءَ ٻوڏ انهن رشوتي ماڻهن لاءِ ڪمائڻ جي سيزن بڻجي پئي هجي. سيزن ته هتان جي چونڊيل نمائندن، ٽي ايم اي جي آفيسرن جي به آهي، جيڪي شهر توڙي تعلقي جي ڳوٺن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جي نالي تي مشينن هلائڻ جي مد ۾ تيل، مزدوري ۽ مشينن جي مرمت جي پئسن طور روزانو 4 کان 6 لک رپيا ڪاغذن ۾ خرچ ڪن ٿا. جڏهن ته انهن مشينن هلڻ جي شهر توڙي تعلقن جي سڀني ماڻهن کي خبر آهي. سيزن وري مختيارڪار، تپيدارن ۽ پ پ جي جيالن جي به آهي، جيڪي سرڪار پاران ملندڙ راشن پنهنجن ماڻهن کان علاوه ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه جي ڪمرن ۾ 10 ٽرڪن جو رکيل راشن، جنهن جي ماليت 50 لک کان وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي، سو اوچتو شهر ٻڏڻ سبب ٻڏي خراب ٿي ويو، پر جيالن اهو راشن ڪنهن غريب ٻوڏ متاثر کي نه ڏنو. اهڙي طرح هڪ مذهبي تنظيم جنهن عوام جي نالي تي پڪو ۽ ڪچو راشن ورتو آهي، ان تنظيم جي مقامي اڳواڻن پڻ سمورو سامان پنهنجي گهرن ۾ ذخيرو ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ٻوڏ جو ماحول ٽرڻ کان پوءِ اهو سامان وڪڻي سگهن. اهڙي طرح هڪ نالي واري سماجي تنظيم ورلڊ فوڊ پروگرام وارن سان گڏجي اهڙا ته چانور ماڻهن ۾ ورهايا آهن، جو اهي ڪنهن انسان جي کائڻ جي لائق ناهن. ماڻهو اهي چانور مال ۽ جانورن کي بهه ۽ ڪٽي ۾ ملائي کارائين ٿا، يا وري مال متاع وارن ماڻهن کي وڪرو ڪن ٿا. يعني سماجي تنظيم به عوام جي ايئن ئي خدمت ڪري رهي آهي، جيئن سرڪاري ڪامورا، جيالا ۽ چونڊيل نمائينده ڪري رهيا آهن. ڄاڻايل تنظيم 10 هزار خاندانن ۾ ان قسم جو راشن ورهائي مصيبتن جي ماريل ماڻهن جي واقعي به ”روح“ سان خدمت ڪئي آهي. اهڙي طرح ملاحن جي هڪ تنظيم آهي، جنهن جو ڪم خيرپور ناٿن شاهه کان ڪوٽري ۽ ڄامشورو تائين هلندڙ آهي، اهي به پنهنجن دوستن ۽ عزيزن جي نالي تي ٽوڪن جاري ڪري مال هضم ڪري رهيا آهن. پر حقيقت اها آهي ته جن ماڻهن جا گهر ڊهي ويا آهن، انهن کي خيما نٿا ملن، جن جا فصل پڻ لڙهي ويا، انهن کي راشن نٿو ملي، ماڻهو بک بدحالي ۽ بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن. شهر توڙي ٻهراڙين ۾ اهڙا هزارين ماڻهو ملندا، جيڪي کٽون اڀيون ڪري انهن جي ڇانوَ ۾ ويٺل آهن، پر ڪامورا توڙي چونڊيل نمائندا، سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جا ماڻهو پنهنجا پنهنجا ذاتي مفاد رکي بيوس ماڻهن کي آڱرين تي کيڏائي رهيا آهن. ۽ مصيبتن ۽ ڏکن جا ماريل بيوس ماڻهو پنهنجن معصوم ٻچڙن سان گڏ ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور آهن، ۽ دعائون گهرن ٿا ته ڪو اهڙو مسيحا اچي، جيڪو هنن جي حقيقي دردن جي واهر ڪري سگهي. مختيار چانڊيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪاوش جي ٿورن سان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔