هڪ شاعر

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2010۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    هڪ شاعر هوٽل تي پريشان ويٺو هو
    بيري اچي سوال ڪيس سائين توهان پريشان ويٺا آهيو خيئر ته آهي ؟؟؟
    شاعر جواب ڏنس يار شاعري تي خراب وقت اچي ويو آهي وڏا وڏا شاعر فراز ، جوش ، احسان دانش گذاري ويا آهن اڄ ڪلهه مون جي طبيعت به سهي نه ٿئي رهي =))=))=))=))​
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ شاعر

    ها سائين! شاعرن جون به وڏيون سوچون هونديون آهن، فقير سائين ڀلي چئو، جهڙا اوهان جا حال آهن، ڪڏهن ته اوهين به شاعر ٿيندا۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ شاعر

    =))=))=))=))=))=))=))
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هڪ شاعر

    ها ها ها ها ها ها ها ها ........
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هڪ شاعر

    ادا ڦلپوٽه ٻيلي ڏاهو ٿي سنڌ سلامت ته شاعرن سان ڀري پئي آهي۔

    الائي ڪنهن ڏانهن اشارو آهي۔ يار اسان جي مڙئي کوڙ شاعرن سان ياراڻي آهي۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شاعر

    پو مٺا سليمان اهو پڪ سان مون جهوني شاعر ڏانهن اشارو آهي، لڳي ٿو فقير وحيد ڦلپوٽو کي ڪشف ٿي پيو آهي يار اسان به هيلوڪو سيارو ڪڍيو ته نوان ڄاياسين۔
    قمبراڻي انور جو هڪڙو شعر ياد پيو اچي ته:
    جڏهن هن دنيا مان گُذاري وينداسين
    گهڻن کي اسان به رُئاڙي وينداسين

    گهڻن جي هٿن مان ڪري ٿانو پوندا
    گهڻن جا ته يارو ڇڄي هانوَ پوندا
    پٿر جو دليون به پِگهاري وينداسين

    اسان جي مرڻ تي رُوئندو اوڙو پاڙو
    چوندا ته حاجي انور ماڻهو هو موچارو ​

    ان کان پو مونکي اها ڪافي نٿي اچي جهونو مڙس آهيان يادگيريون اصل جواب ڏيو بيٺيون آهن ان مان ثابت آهي ته فقير وحيد ڦلپوٽي جو ڪشف هڻي وڃي هنڌ ڪندو۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هڪ شاعر

    سائين فقير ته ڳاله ڪري ڇڏي پر اوهان به اڄڪله هر ڳاله جو پاڻ ڏانهن ڳانڍاپو ٿا سمجهو۔ اصل ڳنڍ ٻڌيو بيٺا آهيو۔

    سائين الله اوهان کي سٺي صحت ڏي اڃان ته سنڌ سلامت کي اوج تي پهچائڻو آهي۔ اهو به اوهان جي سرپرستي ۽ ڇانو ۾
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شاعر

    جي پوڙها پنهنجا پير پچاريو ويٺا آهن،اهڙين ڳالهين تي ڳنڍ اڄ يا سُڀان لازمي ٻڌڻي پوندي پو مون اها ڳنڍ هيئنر کان ئي ٻڌي آهي۔ باقي سليمان تنهنجون دعائون به لکڻ جهڙيون اصل ڳنڍ ٻڌڻ جهڙيون آهن ان جي جواب ۾ مان سکڻو شاعر تنهنجي ۽ تنهنجي پيارن لا دعائن کان سوا ڪجهه به ڏئي نٿو سگهي ته شال الله سائين توکي سدا سلامت رکي ۽ تنهنجي پيارن کي آباد رکي شاد رکي آمين
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ شاعر

    اڙي ادا وساڻ، پوڙهپ مطلب ته پنجاهي ٽپڻ کانپوءِ بس موت جا پاڇا گهرا ۽ واضح ٿيڻ لڳندا آهن، ٻيو ته موت به ڀلا اسانجي زندگيءَ جو ٻيو پاسو آهي ۔۔۔ موت کان ڪير آهي جو بچي سگهيو آهي ۔۔۔؟ نثار ناز هجي يا غازي نثار هڪ ڏينهن ته شهيد ٿيڻو آهي ۔۔۔

    بلڪه اسانجي صوفي بزرگن ته موت کي محبوب قرار ڏنو آهي ۔۔۔۔ ۽ ذات حقيقيءَ سان ملڻ جو هڪ مرحلو بيان ڪيو آهي ۔۔۔ انڪري موت تي ڪهڙو مهڻو ۔۔۔

    باقي ادو نثار ناز اسانجي سر جو سائين آهي، رب کيس وڏي ڄمار ڏي ، پنهنجا ڏهٽا، پوٽا ۽ انهن جي اولاد جون خوشيون ڏسي ۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت سان ائين ئي جڙيل هجي جيئن گل سان خوشبو، جيئن سج سان روشني، جيئن سنڌ سان مهراڻ ۔۔۔

    فقير جو اشارو هڪ اهڙي شاعر ڏانهن آهي، جنهن کي هريڙ هٿ اچي ته حڪيم ٿي وڃي ۽ پنهنجي موت تي شاعريءَ جي تباهي سمجهي ويهي ۔۔۔

    رب اوهان سڀني دوستن کي ڪامياب ۽ صحتمند زندگي عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هڪ شاعر

    سائين پهريان هڪ نثار ناز اهي ڳالهيون ڪندو هو ، هاڻي ته نثارن جي جوڙي ئي اهي ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون آهن۔

    ادا نثار ابڙا سنڌي ۾ چوڻي آهي ته مڙس ۽ گهوڙو ڪڏهن پوڙهو ڪونه ٿيندو آهي ۔ سائين اهي پوڙهائپ واري ڳالهين کي ڇڏيو ۔ ڪم کي جاري رکو۔ 76 سالن جي عمر ۾ 54 سالن کان مسلسل لکندڙ امر جليل ته ڪڏهن اهڙي ڳاله ڪونه ڪئي آهي۔

    سائين جي اوهان اهي ڳالهيون نه ڇڏيون ته پوء اسان ناراض ٿي وينداسون۔ اوهان اسان جا ڇپرڇانو آهيو۔ الله اوهان کي سٺي صحت ۽ ڊگهي عمر عطا ڪري۔ آمين ثم آمين
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شاعر

    ڀلا ڙي وساڻ راڻا، نيٺ ڪاوڙجڻ واريون ڌمڪيون به ڏئي ڇڏيئي ، سائين امر جليل جون لکڻيون جوان ۽ سدا بهار آهن ۔ سائين امر جليل جهڙيون شخصيتون سندن نالي وانگر تاريخ ۾ سدائين امر رهنديون، باقي اسان جهڙا ٽي درجي وارا شاعر جيئرا آهيون تڏهن به ڌوٻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نه گهر جا نه گهاٽ جا، مرڻ کان پو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ به ڪير ياد ڪونه رکندو، سائين نثار ابڙي جي ڳالهه سورهان آنا سچ آهي ته موت محبوبه آهي، لازمي آهي ته پنهنجي حقيقي محبوبه جي هنج ۾ وڃڻ جون ڳالهيون ايڊوانس ۾ ڪيون وڃن۔ سائين امر جليل سان هڪ دفعو ملي ڏسو پنهنجي پوڙهائپ جون ڳالهيون نه ڪري ته مان سزاوار آهيان، باقي تون ڪاوڙجي وين ته اسان جي سنڌ سلامت جِي سموري مينيجنگ اچي پٽ تي پوندي انهي ڪري يار ڪاوڙجڻ واريون ڳالهيون اسان جهونن سان نه ڪندو ڪر۔
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ شاعر

    سائين موت جو ذائقو ته هر ڪنهن کي چکڻو آهي۔۔۔۔۔۔ پر هتي دوستن جي وٺ وٺان لڳي پئي آهي، موت ڪا ڊيڄارڻ‌واري شئي نه آهي، موت ڪا اهڙي شئي آهي نه جنهن کي الله ذائقي سان تشبيهه ڏني آهي۔۔ اسان چوندا آهيون نه ته هن شئي جو ذائقو مٺو آهي، هن جو ڪڙو آهي، ته موت به هر ڪنهن لاءِ ايئن ئي ذائقو آهي۔۔۔ جنهن جو جيڪو ڪم ڪيل هوندو، ذائقو به ان کي ان ئي حساب سان ملندو۔۔۔
    منهنجي هڪ استاد محترم مون کي مثال ڏيندي سمجهايو ته ڪڏهن مٺي شئي کائي پوءِ چانهه پيتي اٿئي، مون چيو ها، چيئين پوءِ ڇا محسوس ٿيندو آهي؟؟ مون چيو سائين چانهه ڦڪي لڳندي آهي، جڏهن ته اصل ۾ مٺي هوندي آهي، استاد محترم چيو ته بلڪل ۔۔۔ ان کي اسان انساني غلطي چوندا آهيون، يعني غلطي چانهه يا مٺائي جي ناهي پر اها غلطي انسان جي آهي۔۔۔ اهڙي طرح موت جي ذائقي چکڻ‌مهل ڪا تڪليف آئي ته اها تڪليف موت جي نه پر انساني عمل جي هوندي۔۔
     
  13. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ شاعر

    سائين نثار ناز صاحب

    مون هڪ اهڙي شاعر جي ڳالهه ڪئي هئي جيڪو بلڪل نئون آهي پاڻ کي وڏن شاعرن ۾ پيو شمار ڪرائي

    باقي ادا سليمان وساڻ چواڻي تي توهان هر ڳالهه پاڻ ڏي نه ڇڪيو الله توهان کي وڏي حياتي عطا ڪري

    باقي موت ڪو مهڻو نه آهي هي ٿريڊ مون کل ڀوڳ لا۽ شروع ڪيو هيو ان کي سنجيده ٿئي نه ورتو وڃي

    ٻيلي سائين ڪجهه رحم ڪريو فقير تي

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو