روشني جا ٻوٽا

'مختلف موضوع' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [​IMG]

    ڪجهه عرصو اڳ مقبوليت حاصل ڪندڙ هڪ سائنس فڪشن واري انگريزي فلم اواتار جتي نه صرف فلم جي لکين شوقينن کي تجسس ۽ دلچسپيءَ سان ڀرپور تفريحي فلم ڏني آهي، پر نئين ايجاد جي لاءِ سائنسدانن کي نيون راهون به ڏيکاريون آهن فلم جي هڪ منظر ۾ روشني ڏيندڙ ٻوٽا ڏيکاريا ويا آهن جنهن کان پوءِ تائيوان جي هڪ ريسرچ سينٽر جي سائنسدانن کي جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال جي ذريعي اهڙن ٻوٽن پيدا ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو آهي. جيڪو نه صرف عمارتن جي اندروني آرائش ۽ سونهن ۾ واڌارو ڪندا پر انهن کان عمارتون روشن رکڻ جو ڪم به ورتو ويندو، يعني گل، سانواڻ ۽ روشني سڀ گڏ.
    ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري سڄي دنيا جا سائنسدان بجليءَ جي قوت پيدا ڪرڻ جي اهڙي ذريعي جي ڳولا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. هڪ طرف جتي سج جي روشني ۽ هوا جي قوت سان بجلي پيدا ڪرڻ جا وڏا وڏا پلانٽ لڳايا پيا وڃن اتي تائيوان جي سائنسدانن جي هڪ ٽيم روشني ڏيندڙ ٻوٽن کي مرچائي بلب ۽ ٽيوب لائيٽن جيان ٻرندڙ بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ اهڙي روشنيءَ لاءِ بجليءَ جي ضرورت نه پوندي. تائيوان جي گاديءَ جي هنڌ تاءِ پي ۾ واقع ريسرچ سينٽر فار اپلائيڊ سائنسز جي سربراهه ين سن سو جو چوڻ آهي ته باڪو پاڪار ولينيانا جي چونڊ ڪري ماهرن جي ٽيم پنهنجي تجربن جي لاءِ هڪ پاڻيءَ جو ٻوٽو چونڊيو آهي جيڪو پاڻيءَ جي هيٺان ترندو رهندو آهي. ان جا پن نرم ۽ رسدار هوندا آهن جيڪڏهن انهن کي پنوڙيو وڃي ته اها ليمي جهڙي خوشبو ڏيندڙ آهن. نيري رنگ جو اهڙو وڻندڙ گل آهي جنهن جون پنج پتيون هونديون آهن هو وڌيڪ خوبصورت هئڻ جي ڪري ماڻهو انهيءَ کي پنهنجي گهر ۾ پاڻيءَ ۾ پاليندا آهن جيڪڏهن انهيءَ پاڻيءَ ۾ روشنيون لڳل هونديون آهن ته پوءِ اهي ان کي وڌيڪ خوشنما ڪنديون آهن ين سن جو چوڻ آهي ان جي ٽيم ٻوٽي کي هڪ اهڙي ڳار ۾ ٻوڙيو جنهن ۾ سون جا نينو ذرڙا موجود هئا جيڪي هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ٻوٽي جي گهرڙن ۾ داخل ٿي ويا. ان کان پوءِ ٻوٽي کي الٽرا وائليٽ روشني ۾ رکيو ويو. جنهن سان ٻوٽن جي گهرڙن ۾ نينو ذرڙن ۾ اليڪٽرانڪ پيدا ڪيا ويا آهن جنهن سان ٻوٽي مان نيري رنگ جي بنفشي روشني خارج ٿيڻ شروع ٿي ويئي. بعد ۾ ٻوٽي جي اندر پيدا ٿيل ڪيميائي تبديلين جي ڪري ان جون پتيون ڳاڙهي روشني خارج ڪرڻ لڳيون ريسرچ سينٽر جي سربراهه ين سن جو چوڻ آهي ته نينو ذرڙا ٻن هفتن کان وٺي ٻن مهينن تائين پنن ۾ موجود هوندا آهن. ان عرصي جي دوران ٻوٽا لڳاتار روشني خارج ڪندا رهندا آهن. ٽيم جي هڪ ٻئي سائنسدان وي من زانگ جنهن جو تعلق تائيوان جي نيشنل جنگ ڪنگ يونيورسٽي جي فزڪس سان لاڳاپيل آهي. چوي ٿو ته ٻوٽا نينو ذرڙن جي ڪري روشني خارج ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن انهن کي مخصوص شڪل ڏيئي وڌيڪ طاقتور روشني حاصل ڪري سگهجي ٿي. ٽوڪيو ۾ واقع اليڪٽرو ڪميونيڪيشنز يونيورسٽيءَ جي هڪ بائيو آرگينڪ سائنسدان هر وڪي نيوا جو چوڻ آهي ته جاندار شين تي نينو ذرڙن جو تجربو اڄ جي دور جو سڀ کان وڌيڪ پسنديده موضوع آهي ۽ مستقبل ۾ اهو شعبو ڪيتريون ئي ئي حيران ڪندڙ ايجادون سامهون آڻي سگهي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته ان شعبي ۾ استعمال ٿيل شيون مهانگيون آهن جيڪڏهن انهن جو سستو ڪو رستو ڳوليو وڃي. ته ٻوٽن ۽ ٻين مختلف شڪلين ۾ نئين طرح جا جاندار ايل اي ڊي مارڪيٽ ۾ عام طور تي دستياب ٿي سگهنديون جن کي آرائش سان گڏوگڏ روشنيءَ لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

    جميل اختر

    (عوامي آواز)
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: روشني جا ٻوٽا

    سائين اوتار نالي اها فلم مان ڏٺي آهي، ان ۾ ٻرندڙ ٻوٽن سان گڏ ٻيا به ڪيترائي اهڙا نوان آئيڊيا متعارف ڪيا ويا آهن جو اسان جهڙي مستن جو وات پٽجيو وڃي۔۔
    ڪا به سائنسي ايجاد انهيءَ‌طريقي سان ئي جنم وٺندي آهي، يا ته ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي يا وري ڪنهن سائنس فڪشن فلم ۾ ان جو آئيڊيا ڏنو وڃي ٿو، جنهن کي ڏسي سائسدان ان جي ٺاهڻ لاءِ مختلف زاوين تي سوچڻ‌۽ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن ۽ نيٺ اها ايجاد اسان جي سامهون حقيقت ۾ اچي وڃي ٿي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو