پاڪستان، ۾، واپار ڪرڻ تمام ڏکيوآهي؛ ورلڊ بئنڪ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    پاڪستان جي خراب مالي حالتن ۽ سياسي ڪمزورين جي نتيجي ۾ ۽ تيزي سان وڌندڙ ڪرپشن جي ڪري پاڪستان ۾ واپار ڪرڻ تمام ڏکيو، مهانگو ۽ خراب آهي. عام شخص معاشي بدحالي جو شڪار آهي جڏهن ته حڪومت جو سڄو ڌيان غير ترقياتي مامرن تي آهي جن سان عوام يا معيشت کي سنئون سڌو فائدو ناهي. اِها ڳالهه ورلڊ بئنڪ جي تازي رپورٽ ڊونگ بزنس ۾ ڄاڻائي وئي آهي. جنهن موجب ڏکڻ ايشيا ريجن ۾ پاڪستان ۾ واپار ڪرڻ تمام ڏکيو ۽ مهانگو ٻڌايو ويو آهي. پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن جي گرافڪ پريزنٽيشن ڪاٽو 3 آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي ملڪيت جي رجسٽريشن ۾ ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس جي شرح ۾ چار ڀيرا اضافو ڪيو ويو آهي. ورلڊ بئنڪ وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ واپار ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ 10 مشڪل مرحلن مان لنگهڻو پوندو آهي اِها ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته علائقي جي وڌيڪ ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ منافعي ۽ ٽئڪس جي شرح تمام گهٽ آهي جيڪا 31.6 سيڪڙو آهي. پر ان باوجود پاڪستان ۾ واپار ڪرڻ کي تمام ڏکيو قرار ڏنو ويو آهي.
    انهيءَ سلسلي ۾ اقتصادي ماهرن چيو آهي ته هن مهل ملڪ ۾ ڪيترا ئي بحران آهن هڪ پاسي ڪرپشن تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ ٻئي پاسي سياسي ڪمزوريون ۽ اقتصادي صورت حال تيزي سان خراب ٿي رهي آهي. ڪجهه سالن کان پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپ ڪاري ٿي آهي پر مقامي سرمائيدار ملڪ ۾ سيڙپ ڪاري ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. واپارين ۽ صنعت ڪارن چيو آهي ته موجوده حڪومت معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ مثبت ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي.
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پاڪستان، ۾، واپار ڪرڻ تمام ڏکيوآهي؛ ورلڊ بئنڪ

    جي ادا بلڪل ...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو