• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فاصلو گهڻو ناهي!

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
فاصلو گهڻو ناهي!
سامنو گهڻو ناهي!!

دل اڃان اڃايل آه،
تذڪرو گهڻو ناهي،

زندگي به ٿوري آ،
ماجرو گهڻو ناهي،

ڇا اُميد ڇا انسان،
فرق ڪو گهڻو ناهي

مَير من ۾ ڏاڍو آه،
ماڻهپو گهڻو ناهي،

حرص ٿو چئي هر هر،
هاگهڻو گهڻو ناهي،

مست تون به سمجهين ٿو،
وقت ڪو گهڻو ناهي،
 
جواب: فاصلو گهڻو ناهي!

مست تون به سمجهين ٿو،
وقت ڪو گهڻو ناهي،

مست پنهنجي ڪالمن ۽ شاعري سان پنهنجي جذبات جو اظهار پيو ڪري۔ جيڪا هڪ سٺي ڳاله آهي۔ اوهان وقت جي اهميت کي سمجهي ان کي اجاگر ڪيو آهي۔ اسان کي وقت جو قدر ڪرڻو پوندو۔ ڇو ته ويل وقت واپس ڪو نه ايندو آهي۔

مهرباني مست جو پنهنجا ويچار شاعري جي روپ ۾ به پيو ونڊ ڪرين
 
ادا سُليمان مست زبردست هاڻي فل مستي ۾ آهي، جو فاصلو جو ڪافيو هم آواز ”سامنو “کي کڻي آيو آهي، سامنو هڪ هزار في صد اردو جو لفظ آهي مزي جهڙي ڳالهه ته اهو لفظ خبر ناهي ڇو مست جي هن غزل ۾ اوپرو اوپرو پيو لڳي، حالانڪه اسان جي سنڌي ٻولي ايتري وشال جهولي رکندڙ ٻولي آهي جو هر لفظ کي پنهنجي سيني اندر سمائي ڇڏيندي آهي۔ ان هوندي به ننڍن لفظن وارو هي غزل انتهائي خوبصورت آهي، وڏي ڳالهه آهي ته مست پنهنجي بي پناهه مصروفيات مان سنڌ سلامت لا وقت ڪڍي پيو، ۽ پنهنجي حقيقي تخليق کي اسان سڀني دوستن سان ونڊ ڪري پيو، ان سلسلي ۾ اسان جون دعائون سدائين مست سان گڏ آهن الله سائين کيس سدائين سوڀون ڏي آمين
 
سائين! اهڙي حوصلا افزائي سان غلطيون ڪڍندو ته انشاءَ‌الله مست گهڻو ئي ڪجهه سکي ويندو، سامنو هڪ ته هم قافيه لفظ آهي ٻيو وري مون شايد پهرين به ان کي ڪاٿي سنڌي شاعري ۾ استعمال ٿيندي پڙهيو آهي، نه ته ٻي صورت ۾ ان کي منهنجو تجربو ئي ليکيو وڃي۔۔۔ ڇو ته هي قافيو ٿورو ڏکيو آهي۔۔ خاص ڪري مون جهڙي ڪم علم ماڻهو جي لاءِ
 
Back
Top