Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
موتيءَ جهڙو ماڻهو ناليواري سماج سڌارڪ ۽ سگا جو باني
ڊاڪٽر سليمان شيخ
نصرت لاشاري ڪي فرد قومن سان سُڃاتا ويندا آهن! ڪي قومون فرد جي نانءُ سان سڃاتيون وينديون آهن ۽ اهي فرد پنهنجي ماڻهپي جي حيثيت ٺپي، مسلسل جهد ڪري، پنهنجن محنتن ۽ روشن خيالي ڪري بهترين انسان بڻجي پوندا آهن، اُنهن مان هڪ املهه انسان جنهن جو نالو ڊاڪٽر سليمان شيخ آهي، هن جهان منجهه ٻن قسمن جا ماڻهو آهن، هڪڙا جن لاءِ الله تعاليٰ پاڻ فرمائين ٿا ”ترجمو؛ اي ماڻهووء جن ايمان آندو آهي منهنجا مدگار بڻجو.
ڊاڪٽر صاحب جهڙن انسانن تي الله سائين اها ذميداري وڌي ته پنهنجي خلق جي خدمت ڪيو ۽ اها ذميواري ڊاڪٽر صاحب کلندي مرڪندي گذريل پنجٽيهن سالن کان سگا جي پليٽ فارم تان نڀائيندو رهي ٿو.
مرڪندڙ مُک واري ڊاڪٽر صاحب ان مرڪ پٺيان سوين درد ڏاڍي خوبصورتي سان لڪائي رکيا آهن جن جو هو اظهار به ناهي ڪندو، پر هو ان مهل ڏاڍو اُداس هوندو آهي جڏهن سنڌ جي حالتن تي ڳالهائيندو آهي، ان جي باوجود سندس اکين ۾ هڪ اميد مون چمڪندي ڏٺي آهي سا آهي سندس ايندڙ نسل ۾ يقين، شايد اُنڪري ئي ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي ڪيترن ئي نوجوانن جو استاد آهي، ڪيريئر ڪيئن ٺاهجي، ان ۾ ٽارگيٽ طئه ڪجن ۽ اُنهن کي ڪاميابي سان حاصل ڪيئن ڪجي، انهن شين ۾ ڊاڪٽر صاحب ايئن وٺي ويندو آهي، جيئن ننڍڙي ٻار کي چيچ کان جهلي پيءُ جيان هلڻ سيکاريندو آهي، پوءِ اهو ادارو ڪينيڊين ايس پي او هجي يا جناح اسپتال م سندس ڊاڪٽري جو پيشو يا وري سندس هاڻوڪي نوڪري زيبسٽ جنهن ۾کيس مهيني جا پندرنهن ڏينهن سفر ۾ رهڻو پوي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهو سفر روڊ ته ڪڏهن وري جهاز ذريعي ڪرڻو پوي ٿو پر سندس چهري تي ڪڏهن ٿڪاوٽ جو تاثر ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ڊاڪٽر سليمان شيخ به ظاهر هڪ عام سادو سودو انسان آهي پر هو هلندڙ ڦرندڙ ادارن جو انسائيڪلوپيڊا آهي، هو هڪ شخص پر هزارين ڳڻن جو مالڪ آهي، اچو ته سندس ارتقائي زندگي جا ڪي پنا پڙهي ڏسون، ورهاڱي کان پنج سال اڳ 1942ع جو سال، جون جو مهينو، تاريخ چوٿين، ڊاڪٽر صاحب جي جيجل امڙ ٻڌايو ته ”سج لهڻ کان ٿورو اڳ ۾ شام جا پهر هئا، ڏينهن اربع جو هيو ان مهل سليمان ڄائو“ ان تي منهنجي سُهري جو نالو رکيو ويو، جيئن اسان سنڌين جي روايت آهي، ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا ۾ پرائي جيڪو اصلي پراڻو هالا آهي پوءِ هالا شهر وڏو ٿيڻ لڳو ۽ نوان هالا ٺهيو. ڊاڪٽر صاحب پنجن سالن جو هيو جو پاڪستان ٺهيو، هتان هندو لڏي ويا ۽ ڏکڻ ايشيا هڪ دردناڪ دور مان گذريو ڊاڪٽر صاحب ۾ هزارين ڳڻ شايد ان ڪري به آهن جو شاهه لطيف جي نگري سندس جنم ڀومي آهي، سندس ننڍپڻ مخدوم غلام حيدر (رح(، مخدوم طالب الموليٰ جن جي سايه ۾ گذريو. ڊاڪٽر صاحب جي ذهني اوسر ۾ بزم طالب موليٰ جيڪا هالا جي ان وقت جي نوجوان شاگردن جي ادبي تنظيم هئي، ان جو وڏو هٿ رهيو، ان ۾ هر خميس جي شام جو مشاعره ۽ ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون، اهڙي علم جي روشنين جي شهر مان نڪتل نوجوان پنهنجي پروفيشنل ڊگري لاءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ اچي داخل ٿيو. ان وقت پاڪستان ۾ فقط ست ميڊيڪل ڪاليج هئا، هڪ ڄامشورو، ڪراچي، ملتان، لاهور، پشاور ۽ هڪڙو ڇوڪرين جو ايف جي ۽ ستون ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج هيو، ڊاڪٽر صاحب ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا فارم ڀريا هئا، سندن داخلا لياقت ۾ ٿي، اهو ون يونٽ جو زمانو هو جيئن ته اسڪول واري زماني کان ئي ڊاڪٽر صاحب هڪ بهترين مقرر ۽ حالتن تي گهري نظر رکندڙ باشعور شاگرد هئا، سو سندن ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردي وارو زمانو به گهڻن دوستن کي ياد هوندو جيڪي سندس ڪلاس ميٽ هئا. ڊاڪٽر شريف ميمڻ (مرحومه) ٻڌايو هو ته ڊاڪٽر صاحب ڪرنل نجيب کي ٽوٽا چٻرايا هئا. جنهن جي ڪري کين پڙهائي دوران ڏاڍيون سختيون سهڻيون پيون. ميڊيڪل ڪاليج جي ٽئين سال جي پڙهائي دوران ڊاڪٽر صاحب کي موڙ ٻڌي سڳي سئوٽ سان کيس لائون ڏنيون ويون، اهو تاريخي ڏينهن ست ڊسمبر 1962ع جو هو، ڊاڪٽر صاحب کي اولاد ۾ ٻه ڌيئر ڊاڪٽر ياسمين (مرحومه) چمبيلي، حسين سليم ۽ ساگر لطيف آهن دوستي نڀائڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جو جواب ناهي، نظر ميمڻ، ڊاڪٽر شريف ميمڻ (مرحوم) ڊاڪٽر قاضي اسد، شوڪت حسين شورو ۽ ٻيا نه ڄاڻ ڪيترائي دوست آهن ڊاڪٽر صاحب جا جن سان سندن دوستي کي چاليهن کان پنجاهه سالن جو عرصو ٿيو آهي. پر سندن دوستي ۾ ڪوبه فرق ناهي آيو، اڄڪلهه ماڻهو مطلبي دوستيون ڪندا آهن پر ههڙا مثال ڪي انسان ئي قائم ڪندا آهن، دوستن سان شادي، غمين هر حال ۾ شريڪ رهندا آهن ڊاڪٽر سليمان شيخ جي جنم ڏينهن تي سنڌ ان ڪري به سرهي ٿئي ٿي جو هي شخص جتي جتي ويندو آهي اتي ڄڻ ته سنڌ پاڻ موجودهوندي آهي، سو هي قوم ۽ سنڌ پنهنجي هن سدوري پٽ جي جنم ڏينهن تي هڪ ٻئي کي سندس امڙ جيجل کي، جيون ساٿياڻي، سندس ڌيءَ، ٻن پٽن، ٻن نُنهن، ٻن پوٽن ۽ ٻن ڏوهٽن کي مرڪي مبارڪون ڏيون ٿا.
۽ ڌڻي در دعاگو آهيون ته مولا کين صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري. (آمين).
بشڪريه عوامي آواز
جواب: موتيءَ جهڙو ماڻهو ناليواري سماج سڌارڪ ۽ سگا جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ
مهرباني ادا ممتاز
ڊاڪٽر سليمان شيخ جي شخصيت اسان لاء تمام عزت واري ۽ مانوري حيثيت ٿي رکي۔ معاشري کي ٺاهڻ ۾ جن ماڻهن جو ڪردار رهيو آهي منهنجي نظر ۾ ڊاڪٽر صاحب جو نالو انهن ۾ سڀني کا مٿاهون آهي۔
سنڌي معاشري لاء ترقي ، تعليم ۽ سماجي قدرن جي ڄاڻ ڏيڻ ۾ ۽ ان جدوجهد ۾ ڊاڪٽر صاحب جو نالو ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي۔