کنڊ جو وڌندڙ بحران ۽ محڪوم عوام، ذميوار ڪير؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    کنڊ جو وڌندڙ بحران ۽ محڪوم عوام، ذميوار ڪير؟​


    وارث رضا / زلف پيرزادو

    پاڪستان جي ٺهڻ وقت 1947ع ۾ ٻه شوگر ملون ڪم ڪري رهيون هيون ۽ اهي ملون خانگي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ناڪافي هيون، کنڊ جي ڏس ۾ پرڏيهي ملڪن مان کنڊ گهرائڻ تي تمام گهڻو پئسو خرچ ٿيندو هو، کنڊ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت 1957ع ۾ ڪين ڪميشن قائم ڪري ملڪ ۾ شوگر مل لڳائڻ جو پروگرام ٺاهيو، پاڪستان هاڻي دنيا جي 105 ملڪن ۾ چوٿين نمبر تي کنڊ ٺاهڻ وارو ملڪ آهي.
    کنڊ جي استعمال جو رجهاڻ پاڪستان ۾ گذريل 17 سالن کان ڏينهن و ڏينهن وڌندو ٿو وڃي، آبادي جي اضافي ملڪ ۾ کنڊ جي ضرورت کي وڌائي ڇڏيو آهي، 07_2006 ۾ پاڪستان جي هڪ گهر ۾ 8. 28 ڪلو گرام کنڊ خرچ ٿيندي هئي جيڪا هاڻ 30 ڪلو گرام تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته کنڊ جي ملن کي سڀ کان وڌيڪ فائدو 05_ 2004 جي دوران ٿيو، کنڊ جي بحران جو جائزو وٺبو ته هي بحران اصل ۾ 6_2005 کان آمر مشرف جي حڪومت ۾ شروع ٿيو، آمر مشرف جي حڪومت ۾ انهن جي اتحادين جي شوگر ملون هيون سو انهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ کنڊ جو بحران تي ان وقت جي حڪومت قابو نه ڪيو.
    مشرف، شوڪت عزيز حڪومت کنڊ جي انڊسٽري جي بحران کي ختم ڪرڻ يا کنڊ جا وڌيڪ ڪارخانه لڳائڻ بدران انهي جو آسان طريقو کنڊ جي اگهن ۾ اضافي وارو ڪڍيو، جنهن سان هڪڙي پاسي کنڊ مالڪن کي فائدو ٿيو ته ٻئي پاسي عام ماڻهو مهانگائي هيٺ اچي مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور ٿيو، انگ اکرن موجب آڪٽوبر 2006 ۾ کنڊ جي مارڪيٽ قيمت 20.78 رپيا هئي جيڪا مشرف، شوڪت عزيز حڪومت جي پاليسين جي ڪري وڌي فيبروري 2006 ۾ 42 رپين تائين پهتي جنهن کي پرڏيهه مان کنڊ گهرائي 26 رپيا ڪيو ويو.
    کنڊ جي پيداوار ۾ صوبن جو ڪردار:
    ملڪي کنڊ جي پيداوار ۾ پنجاب طرفان 60 سيڪڙو سنڌ 30 سيڪڙو جڏهن ته سرحد مان 10 سيڪڙو کنڊ حاصل ڪئي ويندي آهي پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب 77 کنڊ جي ملون ڪم ڪري رهيون آهن، جن ۾ پنجاب اندر 39 ملون سنڌ ۾ 32 ۽ سرحد ۾ 6 ملون کنڊ جي پيداوار ۾ مصروف رهنديون آهن، پاڪستان ۾ ڪمند جي پيدوار لاءِ پنجاب جو تقريبن 906.30 هيڪٽر ايراضي استعمال ٿيندي آهي جڏهن ته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ ڪمند جي پيدوار لاءِ 28968 هيڪٽر ايراضي استعمال ڪئي وڃي ٿي. پنجاب ۽ سرحد ۾ 90 سيڪڙو ڪمند جي پوک بهار موسم جڏهن ته 10 سيڪڙو سرهه موسم ۾ ڪئي ويندي آهي. ڪمند جي فصل جي حوالي سان سنڌ ۾ سرهه جي موسم ۾ 70 سيڪڙو پوک جڏهن ته بهار موسم ۾ 30 سيڪڙو پيداوار ٿيندي آهي. اهڙي طرح پنجاب ۽ سرحد ۾ کنڊ جي پيدوار 8 کان 10 مهينن تائين هلندي آهي جڏهن ته سنڌ ۾ کنڊ جي پيداوار 12 کان وٺي 14 مهينن تائين ٿيندي آهي. ڪمند جي ڪٽڻ جو سيزن پنجاب ۾ نومبر جڏهن ته سنڌ ۾ آڪٽوبر ۾ شروع ٿيندو آهي.
    پنجاب جي مقابلي ۾ سنڌ جي کنڊ جي پيداواري صلاحيت ڪيترو قدر بهتر آهي، سنڌ ۾ ڪمند جي فصل پاڻي جي ڪري بهتر ٿيندي آهي. اهو سبب آهي جو سنڌ جي قومپرستن ڌرين ۽ سنڌ جا آبادگار پاڻي جي ورڇ جي حوالي سان دانهون ڪري رهيا آهن. پر وفاقي حڪومت توڙي نوڪر شاهي سنڌ جي پاڻي جي کوٽ تي ڪا به توجهه نه ڏيئي رهي آهي.
    کنڊ جي بحران جو اصل سبب :
    ملڪ توڙي صوبن ۾ کنڊ جي بحران جي اصل ذميدار آمر مشرف ۽ شوڪت عزيز جي پرڏيهي طاقتن کي خوش ڪرڻ واري پاليسيون رهيون آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ کنڊ جي بحران جي اصل وجهه مشرف دور ۾ کنڊ جي افغانستان ۾ اسمگلنگ کي چيو ويندو آهي، مشرف جي سڄي آمراڻي دور ۾ پرڏيهي سرمائيدارن کي خوش ڪرڻ جي پاليسي تحت کنڊ ٻاهران گهرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ کنڊ جي امپورٽ تي ڪڪ بيڪس وٺڻ جو نوڪر شاهي نظام عروج تي پهتو ۽ ملڪ ۾ کنڊ يڪدم 18 رپين کان 2006 ۾ 42 رپين تائين پهچي ويئي. جڏهن ته دهشتگردي ۾ ملوث افغانستان کي کنڊ سپلاءِ ڪرڻ ۾ مل مالڪن کي فائدي جي لالچ ڏيئي سموري پيدا ٿيل کنڊ کي افغانستان مهانگن اگهن تي فروخت ڪئي ويئي. کنڊ جي اسمگلنگ جو رجهان اڄوڪي جمهوري دور ۾ به جاري آهي جنهن ته ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ نوڪر شاهي حڪومت سان ملي ڪري انهن مل مالڪن کي هٿي ڏيئي رهي آهي.
    کنڊ جي بحران جو اصل ذميدار ڪير:
    پ پ جي جمهوري حڪومت ۾ ويٺل اڳواڻن ڪڏهن به ميڊيا ۽ پروپيگنڊا تي ڪا به پاليسي نه ٺاهي آهي ۽ ميڊيا پروپيگنڊا جي حوالي سان پ پ 1974ع کان وٺي اڄ تائين ناڪام آهي، انهيءَ ڏس ۾ پ پ جي قيادت کي اها خبر ئي نه آهي ته انهن جا سڄڻ ۽ دشمن ڪير آهن، هي پ پ جي اها تنظيمي خرابي آهي جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ميڊيا جي شعبي ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪميٽي ٺاهڻ گهرجي جيڪي صحافت جي عظيم پيشي سان لاڳاپيل آهن ۽ جن جو ماضي، حال بي داغ آهي، نذير ناجي ۽ شاهد مسعود جهڙن ماڻهن تي اعتبار ئي پ پ جي پروپيگنڊا مهم جي شڪست رهيو آهي.
    کنڊ جي بحران جي اصل ذميدارن کي پ پ جي حڪومت اڃا تائين پڌرو نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته تاريخي طور کنڊ جو بحران 2005 ۾ آمر مشرف، شوڪت عزيز حڪومت ۾ شروع ٿي ويو هو. انهيءَ زماني ۾ کنڊ 18 رپيا هئي ۽ ملڪي کنڊ جي بدران پرڏيهي ڪمپنين کي توازن لاءِ کنڊ پرڏيهه مان گهرائي وئي. جڏهن ته آمر مشرف جي حڪومت ۾ انهن جي اتحادين مسلم ليگ ق ۽ ايم ڪيو ايم انهيءَ مسئلي تي ڪو احتجاج نه ڪيو، انهيءَ جو سبب هي هو ته کنڊ جي مالڪن ۾ گهڻو ڪري اهي ماڻهو شامل هئا جيڪي آمر مشرف جي حڪومت جا اتحادي هئا. انهن کي فائدو وٺرائڻ لاءِ آمر مشرف، شوڪت عزيز، اسمگلنگ جي غير سرڪاري اجازت ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مشرف جي ساٿين پنهنجي کنڊ کي افغانستان اسمگل ڪيو ۽ جڏهن انهيءَ تي گوڙ ڪيو ويو ته ساڳين ئي ملڪ مالڪن آڪٽوبر 2006 ۾ کنڊ جا اگهه 42 رپين تائين پهچايا، هن سڄي صورتحال ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ملڪي ضرورتن لاءِ ڪ ابه پلاننگ نه ڪئي وئي ۽ پوءِ جڏهن پ پ حڪومت آئي ته انهيءَ کي اهو مسئلو اڳوڻي حڪومت کان ورثي ۾ مليو.
    تجزئي نگارن جو هڪ خيال اهو به هو ته آمر مشرف ملڪ جي اڪانامي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي تنهن ڪري پ پ کي حڪومت کان ٻاهر رهڻ گهرجي. پر شايد پ پ ۾ ويٺل سياسي ڏاها صورتحال جو صحيح جائزو نه وٺي سگهيا ۽ پ پ جي حڪومت وجود ۾ آئي. پ پ جي جمهوري حڪومت جو خيال هو ته هو عوام لاءِ ڪجهه رليف ڏياري ملڪ جي معاشي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري وٺندا. پر اڳوڻي آمر مشرف جي معاشي مسئلو پ پ حڪومت جي عوام ۾ ناڪامي جو هڪ اهم سبب ٿي رهيا آهن. پ پ جي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت آمر مشرف جي حمايتين کي پنهنجو اتحادي ٺاهڻ تي مجبور آهي، جيتوڻيڪ ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ، کنڊ جي بحران جا اصل ذميدار آمر مشرف جا ساٿي آهن. اڄ پ پ جي حڪومت جو نوڪر شاهي تي ڪنٽرول ڏسڻ ۾ نٿو اچي ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ حڪومتي فيصلن تي عمل ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندو ٿو وڃي. پ پ کي گهرجي ته هو جمهوري سياسي ۽ کاٻي ڌرين سان تعلقات ٺاهي ۽ پنهنجي تنظيمي ڍانچي کي عوام جي تڪن تائين ڦهلائي، نوڪر شاهي تي اعتبار ڪرڻ بدران سياسي ڪميٽين ذريعي کنڊ ۽ ٻين بحرانن تي قابو آڻي، ان سلسلي ۾ عوام ان سان سهڪار ڪندو. نه ته پوءِ عوام جو انتقام جمهوريت کي لڏائي ٿو سگهي، انهيءَ سان گڏ اهو ياد رکجي ته ملڪي بحرانن جي ذميداري حڪومتن تي ئي هوندي آهي، انهيءَ ڏس ۾ بحرانن کان ڪيئن نڪرجي اهو ڪم پ پ جي حڪومت جو آهي، ڇو ته پ پ هاڻي عوام جي منتخب ٿيل حڪومت آهي.
    کنڊ جو بحران ڇا لٺين تي دنگ ڪندو!
    ملڪ ۾ جمهوري حڪومت جي اچڻ شرط جتي دهشتگردي ۽ اقتصادي تباهيءَ جا چئلينج سامهون آيا اتي اٽي ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽائڻ جو به چئلينج مليو، جڏهن ته بيروزگاري به سنڌ جو ته خاص طور ناسور بڻجي ويل مسئلو آهي، حڪومت هر عوامي مسئلي کي ماضيءَ جو تحفو قرار ڏيندي جلد حل ڪرڻ جا اعلان ڪندي رهي آهي پر اڃان تائين ان ڏس ۾ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل نه ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري عوام جي اهڙي بيچينيءَ جو اسٽيبلشمينٽ حامي پارٽيون فائدو حاصل ڪرڻ ۽ حڪومت خلاف عوام کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن، گذريل رمضان شريف ۾ جڏهن حڪومت اٽو 10 رپيا في ڪلو وڪڻڻ جو اعلان ڪيو ته ماڻهن جون قطارون لڳي ويون جن کي لٺيون هڻي ڀڄايو ويو فائدو وري به وڏن ماڻهن ۽ واپارين کي ٿئي ٿو. جن روايت موجب ڳجهه ڳوهه ۾ مڻن جي حساب سان اٽو خريد ڪري اسٽاڪ ڪيو ۽ وڏي اگهه تي وڪڻي وڏو نفعو ڪمايو، مسڪين ماڻهن فقط هڪ ويلو اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ زندگين جو نذرانو ڏنو. ڪراچيءَ ۾ کوڙي گارڊن وارو سانحو ته وسرڻ جوڳو ئي نه آهي جتي ڪيتريون ئي عورتن اٽي لپ لاءِ حياتي وڃائي ويٺيون ۽ سندن معصوم ڳڀي جو انتظار ئي ڪندا رهجي ويا نه امڙ موٽي نه کين ڳڀو نصيب ٿيو، انتظار ڪندڙ لکين معصومن کي مائرن، ڀينرن، ڏاڏين ۽ نانين جا مڙهه مليا، هاڻي به اٽو مسڪين جي خريد کان چڙهيل آهي، عام واهپي واري هر شئي جي اگهه ۾ 200 سيڪڙو واڌ ٿي وئي آهي، ان ڪري غريب ماڻهن کي پنهنجن ٻچن لاءِ 2 ويلا پيٽ ڀرڻ ۾ به پريشان ٿي رهي آهي، هاڻي وري گذريل ٻن مهينن کان کنڊ اڻلڀ آهي، شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ هوٽلن وارن جو ڪاروبار نه هجڻ ڪري چانهه جو ڪوپ سان نيرن ڪري مزدوري لاءِ ويندڙ پورهيت به پريشان آهن، ڏسندي ئي ڏسندي 25 رپيا ڪلو واري کنڊ 100 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي، سا به سفارش تي وڏن ماڻهن کي ميسر آهي، حڪمرانن فرمايو ته ڳڙ ۽ مٺائي استعمال ڪيو، کين اها به خبر نه آهي ته ڳڙ ۽ مٺائي ته اڳ ئي کنڊ کان به مهانگي آهي، هاڻي وري اٽي وارو تجربو هجڻ باوجود روزانو 2 ڪلاڪ يوٽيلٽي اسٽورن تان 38 رپيا في ڪلو کنڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ غريبن هڪ ڀيرو ٻيهر قطارن ۾ بيهي لٺيون کائڻ لاءِ پٺن کي تيل مالش شروع ڪئي آهي، سول اهو آهي ته حڪمران اهڙين سازشن کي سمجهڻ ۽ ناڪام بڻائڻ لاءِ پاليسيون ڇو نه جوڙي رهيا آهن. چوڻ وارا ته چون ٿا ته حڪومت ۾ ويٺل اڪثر قومي ۽ صوبائي وزيرن جون پنهنجو شگر ملون آهن. افسوس ته حڪومت مخالف شگر ملز مالڪن جيان اهي به پنهنجون شگر ملون وقت کان اڳ نه سهي مقرر مدي ۾ به چالو ڪري کنڊ جو اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ آڻي سازش ناڪام بنائي نه سگهيا آهن. اهڙي صورتحال آخر ڪٿي دنگ ڪندي؟ ان جو انت ڪا ٿي ٿيڻو آهي؟ فائدو ڪنهن کي ۽ نقصان ڪنهن جو ٿي رهيو آهي؟ خبر ناهي ڇو حڪومت ۾ ويٺلن کي ان جو احساس نه آهي، ڇاڪاڻ ته خبر ناهي ته جمهوري حڪومت جي مخالفن جو اٽي ۽ کنڊ بحران کان پوءِ ڪهڙو هدف آهي، ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته اهڙي سازش ۾ لڪل ڳجهن هٿن کي وائکو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ پهچائي ان کان اڳ جو کنڊ بحران کان پوءِ مرچن يا لوڻ جو بحران پيدا ٿئي. کنڊ جي اسمگلنگ جي ڏس ۾ ڪا ميپٽيشن ڪميشن جي چيئرمين سپريم ڪورٽ آڏو موقف رکي چڪو آهي ته کنڊ جي ڪڻي لاءِ کنڊ کي فري مارڪيٽ ڪري پرڏيهه ملڪن کي کنڊ موڪلڻ ۽ گهرائڻ جي اجازت ڏني وڃي. انهيءَ باوجود حڪومت اڃا تائين ڪا اهڙي پاليسي نه ٺاهي سگهي آهي جنهن سان کنڊ جي اسمگلنگ کي روڪي سگهجي.
    سنڌ ۾ کنڊ جو بحران، رپورٽرن جي نظر سان​

    نعيم ملاح
    بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ته ملڪ جي مشهوريءَ ۾ ڀلوڙ ڪردار ادا ڪيو آهي، هاڻي حڪومت کنڊ جي لوڊشيڊنگ ڪري ان مشهوريءَ ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ گهري ٿي، پر کنڊ جي لوڊشيڊنگ به تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن کنڊ هجي، في الحال ته ملڪ کنڊ نه هجڻ ڪري مشهور آهي.
    اخبار ۾ ڊگهي قطار واري تصوير کي پري کان ڏسي هڪ دوست چيو ته يار گلگت ۾ ٿيندڙ چونڊن جي تصوير مان پتو پوي ٿو ته اتي چونڊ مهم ڀرپور نموني ٿي آهي، ڏس ته ڪيڏا ماڻهو ووٽ پيا ڏين، خير گلگت ۾ ڀلي ووٽ سٺا ڇو نه پيا هجن، پر جڏهن تصوير جو ڪيپشن پڙهيو ته خبر پئي ته اها قطار گلگت ۾ ووٽنگ جي نه پر سنڌ ۾ دڪان ٻاهران کنڊ وٺڻ لاءِ بيٺل ماڻهن جي هئي.
    حڪومت کنڊ جي بحران کي نظر ۾ رکندي يوٽيليٽي اسٽورن تي روزانو صرف ٻه ڪلاڪ کنڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ملڪ ۾ هن وقت کنڊ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، ماضيءَ جيان هن سال به حڪومت کنڊ جي بحران کي منهن ڏئي نه سگهي آهي، عام دڪانن تان کنڊ غائب ٿي وئي آهي ۽ جن دڪانن تي ملي ٿي، اتي ڳاٽي ٽوڙ اگهه ورتا پيا وڃن، جنهن ڪري ماڻهن يوٽيليٽي اسٽورن جو رخ ڪن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت پاران يوٽيليٽي اسٽورن تي مخصوص وقت مقرر ڪرڻ سان ڪي سٺا نتيجا نه نڪرندا، بلڪي حالتون رمضان ۾ اٽي دوران جهڙپن وارو رخ اختيار ڪنديون، ڇو ته ٻن ڪلاڪن دوران سوين ماڻهن جي قطار مان 20 ڄڻن کي کنڊ ملي ته به غنيمت! في الحال ته دڪانن تان ئي کنڊ غائب آهي ۽ جن دڪانن تي موجود آهي اهي حڪومتي اگهه 40 روپيا في ڪلو بجاءِ 70 کان 80 روپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته دڪاندارن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته کنڊ جي لاءِ هو به ڪو خاص وقت مقرر ڪندا، ڇو ته کنڊ تي رش هجڻ ڪري دڪان تي ٻيون شيون وٺڻ لاءِ ڪو گيرهاڪ نٿو اچي، جنهن سبب کين نقصان ٿي رهيو آهي.
    سنڌ ۾ هر سال شگر مل مالڪ پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي ڪمند جي آبادگارن کان گهٽ اگهه تي ڪمند وٺڻ جو زد ڪندا آهن ۽ حڪومت سندن اڳيان پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندي آهي، هيل به سنڌ ۾ شگرمل مالڪن حڪومت جي فيصلي کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو آهي، اڃا تائين 31 شگرملن مان 24 شگر ملن ڪمند جي پيڙائي شروع نه ڪئي آهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ کنڊ جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ ڪري ڪڻڪ جو فصل متاثر ٿيڻ سميت سنڌ جي آبادگارن کي اربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪومت پهرين نومبر کان سنڌ ۾ سموريون شگرملون هلائي ڪمند جي پيڙائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، اهڙي حڪمنامي کي 13 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر ان تي به عمل نه ڪيو ويو آهي ۽ هن وقت تائين سنڌ ۾ 31 شگرملن مان صرف ۷ شگرملن ڪمند جي پيڙائي وارو عمل شروع ڪيو آهي، جن ۾ مٽياري، ڊگهڙي، گهوٽڪي، راڻيپور، ٿرپارڪر، مهراڻ ۽ العباس شگرملون شامل آهن. جڏهن ته باقي شگرمل اڃا تائين بوائلر ئي نه ٻاريا آهن، جنهن ڪري آبادگار سخت پريشان آهن، کين اربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، وقت سر شگرملون نه هلڻ ڪري هڪ طرف ڪڻڪ جي پوکي متاثر ٿيندي ته ٻئي طرف وقت کان وڌيڪ زمين ۾ ڪمند جو فصل بيهڻ سبب ڪمند جو وزن گهٽ ٿي رهيو آهي. آبادگار اڳواڻ عبدالمجيد نظاماڻي چواڻي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ شگرملون وقت سر نه هلايون ويون ته ايندڙ سال آبادگار ڪمند جي پوکائي بند ڪري ڇڏيندا.
    ڪمند جي پيڙائي وقت سر نه ٿيڻ ۽ کنڊ تيار نه ٿيڻ سبب سنڌ ۾ کنڊ جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، جنهن جو واپارين فائدو وٺندي کنڊ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت جي فيصلي تحت 40 روپيا في ڪلو جي حساب سان کنڊ وڪرو ڪرڻ تي عمل نه پيو ٿئي ۽ حيدرآباد توڙي سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ هن وقت في ڪلو کنڊ 70 کان 80 روپين تائين وڪرو ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري شهري سخت پريشان آهن، کنڊ مهانگي ٿيڻ کان پوءِ هوٽل وارن چانهن ۽ دڪاندارن کنڊ مان ٺهندڙ شيون تمام گهڻيون مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن. حيدرآباد ۾ مٺائيءَ جي دڪاندارن پڻ مٺائي جا اگهه ٻيڻ تي وڌائي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ماڻهن مٺائي کائڻ ۽ تحفي طور ڏيڻ بند ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته يوٽلٽي اسٽورن تان پڻ کنڊ غائب ٿي وئي آهي، اسٽور وارا اهو چئي ته کنڊ اچڻ واري آهي جا ٺلها آسرا ڏئي شهرين کي سڄو سڄو ڏينهن اسٽور ٻاهران ويهاري ڇڏين ٿا، خاص ڪري اسٽورن ٻاهران سڄو ڏينهن عورتون ويهي کنڊ جو انتظار ڪن ٿيون، جن کي شام جو کنڊ ڏيڻ بنا ئي گهر واپس ڪيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن اسٽور تي کنڊ پهچي ٿي ته اها به تمام گهڻو مشڪل سان ملي ٿي، ماڻهن کي قطارن ۾ بيهاري ڌڪا ڏنا وڃن ٿا، جنهن ڪري ڪيترن ئي هنڌن تي پيرسن عورتن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع ملن ٿا يا ته وري اسٽور ٻاهران بيٺل پوليس اهلڪار ماڻهن کان رشوت وٺي کنڊ وٺي ڏئي ٿو، جيڪا رقم بعد ۾ يوٽلٽي اسٽور جي انتظاميا تائين پهچائي وڃي ٿي.
    اهڙي صورتحال ۾ حڪومت کي گهرجي ته کنڊ جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ پهريون ته مل مالڪن تي سختي ڪن ته جيئن هو آبادگارن کان ڪمند وٺي پيڙائي وقت سر شروع ڪن، ڇو ته کنڊ جي بحران جي جڙ ملون وقت سر نه هلڻ ئي آهي، کنڊ ٺهندي نه ته لازمي طور ان جي قلت پيدا ٿيندي، ٻيو ته کنڊ جي زخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اسان وٽ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جنهن شي جي وڌيڪ ڊمانڊ ٿيندي آهي، اها مارڪيٽ مان غائب ٿي ويندي آهي ۽ اوچتو مهانگائي جي راڪاس جو ڏيک ڏئي سامهون ايندي آهي، حڪومت پنهنجا فيصلا ته ٻڌائي ڇڏي ٿي، پر ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ الاءِ ڇو مشڪل بڻجي ويو آهي،کنڊ حڪومتي فيصلي جي ابتڙ 70 کان 100 روپين تائين وڪرو ٿي رهي آهي، تنهن لاءِ به ماڻهن کي وڏين وڏين قطارن ۾ بيهڻو پوي ٿو، ان صورتحال ۾ سنڌ مان غربت جي خاتمي جي دعويٰ ۽ ٺلهن آسرن بجاءِ ڪي عملي قدم کڻي ان بحران کي ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن ته وڌيڪ بهتر هوندو.
    خيرپور مان مختيار ڦلپوٽو لکي ٿو ته خيرپورضلعي جي 8 ئي تعلقن ۾ کنڊ جو بحران وڌي ويو آهي. خيرپور جي شگرمل مالڪن سپريم ڪورٽ جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري کنڊ جي واپارين پاران ڳجهن هنڌن تي کنڊ جو ذخيرو کنڊ ڪري ڇڏيو آهي 70 رپين کان 80 رپيا في ڪلو وڪامڻ لڳي آهي. خيرپور جي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽي اگهور ننڊ ۾ ستل آهي ضلعي انتظاميا به واپارين اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن، شهري ۽ ڳوٺاڻا پريشانيءَ جو شڪار روڊن تي نڪرڻ لاءِ مجبور آهن. ڇو ته گذريل 2 مهينن کان وٺي خيرپور ضلعي جي 8 ئي تعلقن خيرپور، ڪنگري، گمبٽ سوڀوديرو، راڻيپور، ڪوٽڏيجي، فيض گنج، ٺري ميرواهه، نارو ۽ ٻين علائقن ۾ کنڊ جو شديد بحران آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان کنڊ جي اگهه بابت ڏنل حڪم کي خيرپور جي شگرملز مالڪن ۽ کنڊ جي واپارين ٿڏي ڇڏيو آهي ۽ کنڊ جي واپارين شگرملن کان کنڊ خريد ڪري ڳجهن هنڌن تي ذخيرو ڪري رکي آهي جيڪي رات جي اونداهيءَ ۾ اها کنڊ دڪاندارن کي سپلاءِ ٿا ڪن جڏهن ته دڪاندار اها کنڊ 70 رپين کان 80 رپيا في ڪلو وڪرو ٿا ڪن، غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جا ميمبر اگهور ننڊ ۾ ستل آهن کين ان وقت جاڳ ٿئي ٿي جڏهن دڪاندارن جو ايجنٽ سندن در تي رشوت جا پئسا کڻي ٿو اچي. هوڏانهن ضلعي انتظاميا خيرپور جي عوام جون مهانگائي بابت شڪايتون ٻڌڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي ۽ پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه جا ٻوڙا وجهي ڇڏيا آهن اهڙي صورتحال کانپوءِ خيرپور جو عوام ٻڏتر جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. جڏهن ته خيرپور ضلعي ۾ 2 شگرملز آهن جن ۾ خيرپور شگرمل ۽ راڻيپور شگرملز شامل آهن جنهن جي پيداوار روزانو 2 هزار ٻوريون آهي پر اهي شگرملز مالڪ خيرپور ضلعي بدران ٻين ضلعن ڏانهن کنڊ وڪرو ڪن ٿا. خيرپور ضلعي جي ٻين شگرملن جي کنڊ سنڌ جي ٻين شگرملن کان وڌيڪ بهتر ۽ داڻيدار ٿئي ٿي جڏهن ته خيرپور ضلعي ۾ سانگهڙ شگرملز ۽ گهوٽڪي شگرملز جي کنڊ وڪرو ٿئي ٿي جيڪا تمام سنهي آهي جيڪا ڪيترا حصا خيرپور جي شگرملن کان گهٽ ۽ ريٽ ۾ گهٽ ٿي ملي، ان ڪري خيرپور جا واپاري سانگهڙ ۽ گهوٽڪي شگرملن کان کنڊ گهرائي ذخيرو ٿا ڪن ۽ بعد ۾ رات جي اونداهي ۾ دڪاندارن کي وڪرو ٿا ڪن. خيرپور ۽ ڀرپاسي مختلف علائقن ۾ حڪومت طرفان قائم ڪيل يوٽيلٽي اسٽور به خيرپور ضلعي جي عوام لاءِ بي فائدي بڻيل آهن حڪومت طرفان جيڪا کنڊ يوٽيلٽي اسٽورن کي فراهم ڪئي ٿي وڃي اها کنڊ يوٽيلٽي اسٽور جا انچارج دڪاندارن سان ملي ڀڳت ڪري وڌيڪ اگهه وٺي کنڊ جون ٿيلهيون ڪٽن ۾ وجهي گڏهه گاڏن تي رکي سپلاءِ ڪن ٿا ۽ دڪاندار ساڳئي کنڊ شهرين کي 70 کان 80 رپيا في ڪلو وڪرو ڪري ٻنهي هٿن سان لٽين ٿا. نتيجي ۾ مهانگائيءَ غريب ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، هڪ ويلو کائن ٿا ته ٻئي ويلي جي ڳڻتي ۾ آهن. غريب ماڻهو صرف کنڊ ۽ چانهه جي پتي وٺڻ ۾ پورو آهي. هوڏانهن خيرپور شهر اندر کنڊ جي هٿرادو کوٽ سبب خيرپور شهري اتحاد ۽ اين جي اوز جي اڳواڻن جي هڪ گڏجاڻي امجد لاشاري، آزاد انصاري، محمد علي ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ضلعي انتظاميا خيرپور کان گهر ڪئي وئي ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر کنڊ جو هٿرادو بحران ختم نه ڪيو ويو ۽ 40 رپيا في ڪلو کنڊ کلي عام نه ڏني وئي ته خيرپور جا شهري روڊن تي نڪري ايندا، جنهن جي ذميوار ضلعي انتظاميا هوندي.
    ٺٽي کان مليل رپورٽ مطابق ٺٽي ضلعي ۾ چار وڏيون شگرمل هوندي به ضلعي مان کنڊ غائب، عوام لاءِ شگرملون ناڪاره بڻيو 90 کان 110 رپيا ڪلو کنڊ وڪرو، عوام سخت پريشان، پ پ حڪومت به ڪي اپاءَ نه ورتا. ٺٽي ضلعي ۾ چار وڏيون شگرملون ديوان شگرمل ٻڍو ٽالپر، شاهمراد شگرمل جهوڪ شريف، لاڙ شگرمل جاتي ۽ آل آصف شگرمل ڳاڙهو هوندي به ضلعي مان کنڊ غائب ٿي ويئي آهي. سٺي ضلعي ۾ کنڊ جو في ڪلو 90 کان 110 تي وڪرو ٿي رهي آهي جڏهن ته ضلعي جي نون ئي تعلقن ٺٽو، سجاول، ميرپور بٺورو، جاتي، شاهبندر، ڪيٽي بندر، گهوڙاٻاري، ميرپور ساڪرو ۽ ڳارهو ۾ کنڊ اڻلڀ ٿي ويئي آهي دڪاندارن پنهنجا من گهڙت اگهه مقرر ڪري غريب عوام جون کلون لاهڻ لڳي آهي جڏهن ته ضلعي جي يوٽيلٽي اسٽورن تان به کنڊ غائب ڪئي ويئي آهي يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ نه هئڻ ڪري ضلعي جي دڪاندارن کنڊ جا اگهه چوٽ تي چاڙهي ڇڏيا آهن اٽي بجلي ۽ پاڻي جيان غريب عوام هاڻي کنڊ لاءِ تڙپي رهي آهي کنڊ جيڪا عوام جي پهچ کان پري ٿي ويئي جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ مختيارڪار ٺٽو فدا حسين شورو ٺٽو لڳ پٺاڻ ڪالوني ۾ 600 ٻوريون ۽ ڊي ڊي او روينيو سجاول ٺٽو لڳ دم دمون تي 1300 ٻوريون ڇاپو هڻي ٽرڪ مان هٿيڪيون ڪيون هيون. پر ان جي باوجود عوام کي کنڊ ملڻ تمام مشڪل ٿي ويئي آهي جڏهن ته جمهوريت هوندي به عوام ڪڏهن اٽي لاءِ ته ڪڏهن پاڻي لاءِ يا وري کنڊ لاءِ تڙپي ٿي. جڏهن ته ضلعي ۾ ڳڙ به مهانگو ٿي وڃڻ ڪري عوام جي خريدڻ جي پهچ کان پري ٿي ويو آهي ضلعي جي عوام پاران صدر پاڪستان آصف علي زرداري، وزيراعظم پاڪستان يوسف رضاگيلاني، وزيرارعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ۽ ضلعي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت پاران اعلانيل 40 رپيا ڪلو کنڊ کي وڪرو يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام کي کنڊ مهيا ڪئي وڃي.
    ميرپور بٺورو جي نمائندي مطابق شهر ۾ کنڊ جو في ڪلو 80 کان 90 رپيا بليڪ تي سرعام وڪرو مختيارڪار بٺورو 600 ٻوريون پڪڙڻ بعد ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيون. ڊي ڊي او بٺورو، ڊي ڊي او ٺٽو جي هدايتن تي کنڊ جون پڪڙيل بوريون واپس ڪيون آهن، مختيارڪار بٺورو جون صحاين سان ڳالهيون. ميرپور بٺورو ۾ حڪومتي اعلان باوجود کنڊ جو في ڪلو 80 کان 90 رپيا بليڪ تي دڪاندارن پاران سرعام وڪرو ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته عوام جي سهولت لاءِ حڪومت جو لڳايل سستي 40 رپيا في ڪلو واري اسٽال تي صرف من پسند ماڻهن کي کنڊ ڏيڻ ڪري شهري سخت عذاب ۾ وٺجي ويا آهن جڏهن ته گذريل ڏينهن مختيارڪار بٺورو پاران ٻن سوزڪين پڪ اپ تي ڇاپو هڻي سجاول جي واپاري جي 600 کنڊ جون ٻوريون پڪڙي بٺورو ٿاڻي تي ٻه ڪلاڪ بيهارڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيون آهن ذريعن جو چوڻ آهي ته مختيارڪار بٺورو ۽ ڊي ڊي او بٺورو سجاول جي واپاري کان ڳري رشوت وٺڻ بعد کنڊ اسٽالن تي سستي اگهه ۾ وڪڻڻ بجاءِ کنڊ جون پڪڙيل 600 ٻوريون آزاد ڪري ڇڏيون آهن رابطو ڪرڻ تي مختيارڪار بٺورو ٻڌايو ته ڊي ڊي او بٺورو، ڊي ڊي او ٺٽو جي چوڻ تي سجاول جي حلوائين کي 600 ٻوريون ڏنيون آهن باقي وڌيڪ مون کي ڪابه خبر نه آهي جڏهن ته کنڊ جي بليڪ تي وڪرو خلاف سياسي، سماجي اڳواڻن ڊي سي او ٺٽي کان مطالبو ڪيو آهي ته ميرپور بٺورو مان کنڊ جو بحران ختم ڪيو وڃي.
    بشڪريه عوامي آواز

    پاڪستان ۾ کنڊ جي پيداوار هڪ رپورٽ​

    http://www.youtube.com/watch?v=fQm-AxYbwbc
    کنڊ جو بحران ۽ ڪجهه سوچون ( وڊيوز )​

    http://www.youtube.com/watch?v=X3EVUf-qUTw
    کنڊ جي بحران ۾ سياستدانن جو ڪردار ​

    http://www.youtube.com/watch?v=uWIPbiUrXJI
    هڪ هئي غريب جي کائڻ جي کنڊ ( هڪ ڪهاڻي )​

    http://www.youtube.com/watch?v=d-EN6rj-VCk
    http://www.youtube.com/watch?v=0WNSicZboJU
    http://www.youtube.com/watch?v=3n9v5o2jpMU
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: کنڊ جو وڌندڙ بحران ۽ محڪوم عوام، ذميوار ڪير؟

    بس ادا ڇا ڪجي ........
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: کنڊ جو وڌندڙ بحران ۽ محڪوم عوام، ذميوار ڪير؟

    ادا اسان جا سياستدان انهن جون ئي شگر ملون آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    اهي سڀ عوام جو رت به نپوڙي ڪڍندا ڪجهه وقت صبر ڪيو ڏسجو ته ڇاٿو ٿئي
    بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ته ملڪ جي مشهوريءَ ۾ ڀلوڙ ڪردار ادا ڪيو آهي،
    هاڻي حڪومت کنڊ جي لوڊشيڊنگ ڪري ان مشهوريءَ ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ گهري ٿي،۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو