مٺياڻي تاريخ جي آئيني ۾( مرتضيٰ مشوري)

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مٺياڻي تاريخ جي آئيني ۾( مرتضيٰ مشوري)​

    موجوده مٺياڻي ٽيون ڀيرو آباد آهي هن مٺياڻي شهر کي ڪنهن ڌارئي حڪمران يا ڪنهن زلزلي برباد ۽ ڀور ڀور نه ڪيو آهي پر درياءَ بادشاهه جو اهو ڪارنامو آهي. تاريخ گواهه آهي ته سنڌو درياءُ جيڪو وقت سان گڏ پنهنجو وهڪرو ۽ رخ بدلائيندو رهي ٿو.تنهن ٻه فعا مٺياڻي شهر کي پنهنجي پيٽ ۾ ڳڙڪائي ڇڏيو ۽ موجوده شهر جنهن جي آبادي چاليهه هزارن جي لڳ ڀڳ ۽ ٽيون ڀيرو هن وقت سنڌو درياءُ جي کاٻي ڪپ تي واقع آهي ۽ بچل بيوس جي هنن سٽن جيان:
    مٺا ماڻهو مٺياڻيءَ جا، مٺياڻي خود مٺي آهي
    خبر پـُـڇ هي تون "بيوس" کان اکين سان جنهن ڏٺي آهي.
    جنهن وقت به درياءُ ڍنڍون، ڍورا ٻوڙيندو آهي، ته مٺياڻي جي ماڻهن کي خوف ويڙهي ويندو آهي، جيئن نانگ جو کاڌل نوڙي کان ڊڄندو آهي. مٺياڻي جو بار بار ٻڏڻ ڪري هڪ عام چوڻي آهي، جيڪا گهڻي مشهور آهي "اڳيان مٺياڻي پويان پاڻي". ڪنهن بزرگ چواڻي ته سنڌو درياءُ اڃان هڪ دفعو مٺياڻي کي ڊوڙائي، ڊوڙائي ٻوڙيندو پر هن وقت سنڌو درياءُ جي حالت ڏسي يقين نٿو اچي ته ڪا وري مٺياڻي ٻڏندي.
    پهرين مٺياڻي موجوده مٺياڻي کان پنج ڪلوميٽر اولهه طرف وهندڙ درياءُ جي ڪپ تي هئي، جنهن ۾ اڪثريت سنڌي هندن جي هئي انهيءَ شهر ۾ سنڌي ثقافت موجب هندو درياءُ کان ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي خدمت ڪندا هئا ۽ هي هڪ مخصوص جاءِ مهمانن جي رهائش لاءِ هوندي هئي، جنهن کي "سراءُ" چوندا هئا. اتي رهندڙ ماڻهن جي خدمت "مٺي واڻياڻيءَ" نالي هڪ عورت ڪندي هئي ۽ اها ايتري مشهور ٿي جو ڏيهه پرڏيهه سندس نالو وٺجڻ لڳو ۽ اهو هيئن مشهور ٿيو ته "مٺي جي مياڻي" پڇيو ويندڙ نالو مٺي جي مٺياڻي جيڪو اڳتي هلي مٺياڻي ٿي پيو جيڪو هن وقت تائين مشهور ۽ قائم دائم آهي. پهرين مٺياڻي "مٺي جي مياڻي" سنڌو درياءُ جي کاٻي ڪپ تي هئي ۽ درياءُ جي ساڄي ڪپ تي دادو، ڦلجي، پيارو، ڀان ۽ سيتا شهر آباد هئا، جيڪي مٺياڻي پتڻ ذريعي مٺياڻي سان واپار، جنهن ۾ خاص ڪري سڳداسي چانور ۽ ڪاڇي جي اڇڙي جوئر مٺياڻي موڪليندا هئا ۽ مٺياڻي مان پتڻ ذريعي مذڪوره شهرن سان چڻن، مٽرن ۽ ٻين هٿ جي ٺهيل شين جو واپار هلندو هو . جنهن ۾ گيهه مکڻ جو پڻ واپار شامل هو انهيءَ مٺي جي مياڻي کي جڏهن درياءَ تاراج ڪيو ته ٻي دفعو وري هن شهر کي بگڙيل نالي سان ٻڌو ويو ۽ پوءِ مٺياڻي سڏيو ويو وري به 17 هين صدي جي پڇاڙي ۾ هڪ دفعو وري درياءُ جي مستي تي ور چڙهي ويئي، جنهن بعد موجوده شهر جي صورت مٺياڻي کي آباد ڪيو ويو، جنهن جي ڪجهه تاريخ زباني طور ماڻهن کي ياد آهي.
    مٺياڻيءَ جي هڪ رٽائرڊ بزرگ استاد علي محمد ملڪ چواڻي موجب موجوده مٺياڻيءَ جو چڱو مڙس "نيڪ مرد" شيوارام نالي هڪ هندو هو جنهن سرڪار سان گڏجي شهر جو نقشو ٺهرايو ۽ هڪ مضبوط پلاننگ سان شهر کي آباد ڪيو. شهر جي شاهي بازار اوڀر کان اولهه طرف آهي، جيڪا ڏيڍ فرلانگ ڊگهي آهي ۽ بلڪل سڌي لڪير وانگر آهي، جنهن جي هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين پيل شيءِ يا بيٺل ماڻهو کي ڏسي سگهجي ٿو ۽ هن شهر جو ٻيون چار بازارون يا گليون ڏکڻ کان اتر طرف آهن. وڌيڪ ڳالهه ته اهي بازارون جڏهن شاهي بازار کي ڪراس ڪن ٿيون، انهن جو مفاصلو شاهي بازار جي ٻنهي طرف هڪ جيترو آهي ۽ اهي به بلڪل سڌيون آهن ۽ چئني بازارن جي وچ مفاصل به هڪ جيترو آهي ۽ اهي جڏهن شاهي بازار کي ڪراس ڪري اڳي وڌن ٿيون ته چوسول بلڪل 90 درجه ڊگري جي برابر آهن. لڳي ٿو ته شهر ٺاهڻ وقت ڏسو صفحو 7
    بازارن ٺاهڻ جو بندوبست به هوا جي رخ مطابق ڪيو ويو. ڇو ته گرميءَ جي موسم ۾ به شهر جي بازارن ۾ هوا جو وهڪرو تيز هوندو آهي، جيڪو ڏکڻ کان اتر طرف هوندو آهي، جنهن ڪري شهر ۾ وڏين وڏين بلڊنگن ۽ جاين ڪري به گهـُـٽ ۽ ٻوسٽ بلڪل نه هوندي آهي پر گرمي به تمام گهٽ محسوس ٿيندي آهي، هي شهر اصلوڪي ٻڌل شهر ابجي جي ساڄي طرف اولهه ۾ ٻڌو ويو. ابجي به سنڌي هندن جو ٻڌل شهر آهي ۽ اهو تمام پراڻو شهر آهي ان ڪري مٺياڻي جديد طرز تي ٻڌل شهر آهي ۽ ابجي پراڻي طرز تي فرق صاف ظاهر آهي، قديمت ۽ جديديت جو موجوده مٺياڻي اڏڻ مهل ابجي ۽ مٺياڻي جي وچان هڪ موسمي واهه وهندو هيو، جنهن کي ابجي يا تلي واهه سڌيو ويندو هيو ۽ واهه جي هڪ پاسي ابجي ته ٻئي پاسي موجوده مٺياڻي ٻنهي شهرن جي وچ تي هڪ پل "موري" ٻڌل هئي، جنهن ذريعي ماڻهن جي هڪ ٻئي ڏانهن اچ وڃ هئي.
    18 هين صدي ابجي ۾ هڪ پرائمري اسڪول هيو جڪيو پي ايس ابجي طور مشهور آهي، موجوده بزرگن جي ياد مطابق جنهن ۾ هيڊ ماستر قاضي عبيد الله هيو، ان ڪري مٺياڻي ۾ جلدي هڪ هاءِ اسڪول 1880ع يا ان کان به اڳ کوليو ويو، جيڪو ڪندن مل منگهن مل هاءِ اسڪول طور مشهور آهي جنهن جو مشهور هيڊ ماستر هرچند راءِ نالي وارو ماڻهن جي ياد ۾ اچي ٿو، ان وقت هن ڪندن ملل منگهن مل هاءِ اسڪول مٺياڻي جي سائنس هال ۾
    هڪ انساني هڏائون ڍانچو اصل ماڻهوءَ جي شڪل ۾ موجود هيو، جنهن جي باري ۾ مشهور آهي ته ڪندن مل پنهنجي حياتيءَ ۾ وصيت ڪئي هئي ته منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجو جسم خاڪي هاءِ اسڪول ۾ محفوظ ڪيو وڃي، جنهن تي سائنس جا شاگرد سائنسي تجربا ڪن.
    ياد رهي ته ان هڏائين ڍانچي جا ڪجهه حصا اڃا تائين به موجود آهن، ان وقت ٻيا شهر جا مشهور استاد کٽڻ مل، ڄاڃي مل، استاد موٽو مل مشهور هيا. موجوده مٺياڻي جي اترين پاسي مسلمانن جا ڳوٺ ۽ پاڙا هئا، جن ۾ ملڪ، چاڪي، سما، ٻرڙا، سولنگي، ڪنڀر، ڀٽي ۽ شاهه هوندا هئا، انهن مسلمانن پاڙن ۽ سنڌي هندن جي وچ ۾ هڪ بازار آهي، جيڪا هنن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري ٿي، پوءِ به مٺياڻي شهر جو واپار ۽ اچ وڃ پتڻ ذريعي دادو، سيتا، ڀان کان ڦلجي ۽ پيارو پتڻ ذريعي ٿيندو هيو، جيڪو 60-1955ع تائين هلندو رهيو.
    مٺياڻي جي جوڙجڪ، اڏاوت ۽ ڪندن مل منگهن مل هاءِ اسڪول جي بلڊنگ، جيڪا بلڪه جديد طرز جي آهي ۽ ان ۾ هڪ ڊراماسٽڪ هال، جيڪو سينيما هال جي طرز مطابق اڃا به موجود آهي پر ڊٺل صورت ۾ جنهن جي ڇت هيٺ 500 ماڻهو آساني سان ويهي سگهن ٿا. ساڳي ڇت هيٺ ٺاهيل اسٽيج تي هلندڙ ڊرامي کي هر ماڻهو چڱي طرح ڏسي سگهي ٿو. ان هال ۾ اسٽيج جي سامهون بينچون فٽ ائين ٿيل آهن ته اسٽيج کان هيٺ ٻه فوٽ شروع ٿي فوٽ مٿي تائين پوريون ٿين ٿيون، جيئن ڪا به ڏاڪڻ هڪ ڏاڪي کان شروع ٿي بلڊنگ جي ڇت تائين پهچي ٿي. اهو هال 100 فوٽ ڊگهو ۽ 50 فوٽ ويڪرو هڪ ڇت هيٺ آهي ۽ سڄي هال جي ڇت کي وچ ڪو به ٺل يا ٿنڀو نه آهي، بلڪل سکر جي لئنس ڊائون پل وانگر آهي، جنهن جي ڇت جي اڏاوت هڪ يادگار ۽ ديده زيب آهي، ان هاءِ اسڪول جي جاءِ تي اڄ هڪ ايليمينٽري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج آهي، جنهن جون بلڊنگون ۽ ٺاهيل ڪلاس اڄ به جيئن جو تيئن آهن، مگر مسلمانن جي 1981ع ۾ ٺاهيل بلڊنگ ڀڄي ڀري تباهه ٿي ويئي آهي.
    مٺياڻي شهر ۾ اڄ به ديوانن جو ٺهرايل بلڊنگون ٻه ماڙ ۽ ٽي ماڙ جنهن هر هڪ عمارت ۾ 10 کان وٺي 25- 30 ڪمرا آهن، اهي اصلي حالت ۾ موجود آهن جيڪي مسلمانن جي قبضي ۾ آهن. شهر جي اهڙي جوڙجڪ مان لڳي ٿو ته هي شهر علم ۽ ادب جو هڪ عظيم گهوارو هو، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ دادو، لاڙڪاڻو، جڪيب آباد، خيرپور، سانگهڙ ۽ نوابشاهه استاد ٻن سالن جو ڪورس ڪرڻ ايندا هئا، جن ۾ احمد شاهه بخاري "استاد بخاري"، الهه نواز رڪڻائي، بچل بيوس، عبدالرحمان پياري ڳوٺ وارو مشهور آهن. هن ڪاليج پهريون پرنسپل رحيم بخش مولا بخش سرهيو هو. مٺياڻي ۾ هندن ۽ مسلمانن جو هڪ ٻئي ڏانهن رويو ڀائرن ۽ دوستن وارو هو. مياڻي خاص مکي شيوارام هيو ۽ مسلمانن ۾ امام علي شاهه ۽ سيد مهدي شاهه مشهور هئا.
    ان وقت مٺياڻي ۾ ملان اسڪول به هيا، جنهن ۾ هندن مسلمان گڏجي پڙهندا هئا مسلمان استاد مولوي محمد ڪامل دونگهه، مولوي پير محمد ابڙو دادوي قاري احمد چارڻ، مولهڻ وارو هيڊ معلم حاجي محمد جمن ملڪه مدراسته انوار العلوم مٺياڻي جو مشهور هئا.
    مٺياڻي ۾ سنڌي هندن وقت 4 مندر پڻ هيا، جيڪي هن وقت ڊهي چڪا آهن. ان وقت مٺياڻي ۽ ابجي ۾ شو جا ميلا لڳندا هئا، جن ۾ ڀڳت ڪنور رام چندر ۽ ٻيا ڀڳتي ڪندا هئا ۽ مسلمان ڳائڻا نانڪ شاهي ڪلام يڪتاري تي پيش ڪندا هئا ۽ مشهور سيتا جا ڪنڀر ڳائڻا پنهنجو راڳ به ڪهاڻي جي صورت ۾ پيش ڪندا هئا. مٺياڻي جي حڪمت ۽ ويڄ مشهوري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي، جنهن جا ثبوت آخر ميان محمد شريف قريشي، عبدالله ملڪ، دوار ڪومل، ابراهيم هجم مشهور هيا، جن ۾ ميان محمد حسن به نالي وارو حڪيم ٿي گذريو آهي. مٺياڻي شهر اڏجڻ کانپوءِ مسلمانن لاءِ پاڻي جا ٻه جدا کوهه هيا، جيڪو اوڀر طرف سمن وارو کوهه ۽ اتر طرف ۽ اتر طرف ۽ اولهه طرف پپر وارو کوهه جيڪو ملڪ محلا ۾ مشهور ٿيا. هندن جي گهرن ۾ کهيون هيون، هندن جون عورتون پاڻي ڀرڻ ٻاهر نه وينديون، باقي مسلمانن جون عورتون مٿين ٻنهي کوهن تان پاڻي ڀرينديون هيون. 1948ع سنڌو درياءَ ڪجهه ڳوٺن کي وري ٻوڙيو، جنهن ۾ مستوئين جو وڏو شهر مشهور آهي، جيڪي پوءِ پاڪستان ٺهڻ وقت مٺياڻي جا شهري هندو سڄي مٺياڻيءَ ۽ ابجي مطلب ٻئي شهر خالي ڪري هندستان هليا ويا ۽ پوءِ انهن خالي جاين ۾ درياءُ جا متاثر ٿيل مستوئي، ملاح، خاصخيلي، سيد ۽ خشڪ اچي آباد ٿيا. هوڏانهن ابجي شهر جا هندو به لڏو کڻي هندستان هليا ويا، جن جي خالي جاين ۾ اردو ڳالهائيندڙ مهاجر اچي آباد ٿيا ۽ ڪجهه مٺياڻي ۾ به اچي هندن جون جايون ڪليم ڪري اچي انهن ۾ ويٺا ابجي ۾ سنڌي مسلمان شيخ، سهتا، قريشي، سولنگي باقي رهيا.
    “ مسلمانن جو راڄ شروع ٿي ويو، جيڪو 1947ع جو پوءِ جو دؤر مٺياڻي جو آهي، پر مٺياڻي جو نالو پوءِ به ساڳيو رهيو ۽ آهي. 1948ع کانپوءِ مٺياڻي شهر ۾ مستوئين جي حڪمراني جو داٻو رهيو، جنهن ۾ سرائي بخشل خان مشهور آهي ۽ سرائي پٺاڻ خان مستوئي، رئيس پٺاڻ خان جي اوطاق مٺياڻي ۾ مشهور هئي مٺياڻي پتڻ ذريعي ڄڃون درياءُ کان پار اينديون هيون. چون ٿا ته ان کي به ماني پٺاڻ خان کارائيندو هو، اوستائين پاڻ ماني نه کائيندو هو، جيستائين مهمان نه ايندو هو. رٽائرڊ استاد غلام صديق پٺاڻ چواڻي ته 1960ع ڌاري سواري نه هئي ان ڪري مان نوڪري تان موٽي نوشهروفيروز آيس ۽ پوءِ رات جو نوشهري کان 15 ڪلوميٽر پنڌ ڪري مٺياڻي پهتس ان وقت رات جو هڪ ٿي هيو هو، مون ڏٺو ته رئيس پٺاڻ خان جي هٿ ۾ ماني ۽ ڀاڄي هئي، جيڪو گهٽي ۾ ويهي مهمان جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ پوءِ مون کي ڏسي هڪل ڪري چيائين ته ڪير آهين ۽ ڪٿان پيو اچين؟ پوءِ مون ٻڌايومانس ته مان نوشهرو کان اچان پيو ۽ پوءِ چيائين ته اچ ته ماني گڏجي کائون ان وقت رات جو هڪ ٿي رهيو هو.
    پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مٺياڻي جي ٻن ملڪ ڀائرن حاجي حسين ۽ حاجي رمضان سان هڪ واقعو پيش آيو، هڪ ٻئي همراهه سون جو واپار ڪندا هئا ۽ گهڻي دولت ۽ بسن ۽ اٽي جي انجڻين جا پڻ مالڪ ٿي ويا پر دولت جي هوس هن کان نه ويئي ۽ پوءِ جيئن ڪراچي ويا ته وري نه موٽيا اهو واقعو 1960ع ڌاري جو آهي ۽ مٺياڻي ۾ ٻي چوڻي به مشهور ٿي ته جن گهڻو گهڻو ڪيو سي موٽيا ئي ڪين.
    وري 1973ع ۾ سنڌو درياءُ ٻئي شهر جيڪي بچاءُ بند جي اندر هيا (ياد رهي انگريز سر ڪار مٺياڻي کي درياءُ کان بچائڻ لاءِ هڪ بچاءُ بند ڏياريو هيو) جيڪي پٺ ڪاريجا چانڊيا، مشهور هيا سي ٻڌي ويا. اها سڄي آبادي مٺياڻي ۾ اچي آباد ٿي مٺياڻي جي ڪک ۾ نئون ڳوٺ ٻڌائون ۽ ڪجهه مٺياڻي شهر ۾ آباد ٿيا. اهڙي طرح هڪ دفعو وري مٺياڻي جي آبادي ۾ واڌ ويجهه ٿي ۽ پوءِ مٺياڻي خوبصورت مٺياڻي هڪ گند جو ڍير ٿي پيئي آهي ۽ گهٽين ۾ پاڻي ٻوڏ جي صورت اختيار ڪيو بيٺو آهي. خوشبو ڏيندڙ مٺياڻي مان اڄ بدبوءِ ٿي اچي. جيتوڻيڪ اڄ جي مٺياڻي وڏا ماڻهو پڻ پيدا ڪيا آهن جن ۾ ايف آءِ اي جو ڊائريڪٽر محمد بخشڻ ميمڻ، ڪمشنر سيد بچل شاهه، سيڪريٽري زراعت ڊاڪٽر برڪت، وائيس چانسلر ٽنڊوڄام يونيورسٽي رحمت الله ملڪ، سيڪشن آفيسر محمد ايوب مستوئي، شير محمد شيخ، شرف الدين شيخ، شعيب ملڪ، استاد محمد علي ملڪ، استاد سبز علي مستوئي، استاد عبدالغفور مستوئي، اي سي ايريگيشن يار محمد مشوري 1970ع تائين مشهور آفيسر آهن. هن وقت مٺياڻي جا تمام گهڻا آفيسر ۽ ڊاڪٽر ۽ استاد آهن پر 1950ع کان بعد مٺياڻي ۾ نهايت لائق ۽ فائق ۽ شفيق استاد پيدا ٿيو، جن جو نالو نه وٺڻ ناانصافي ٿيندي. اهو استاد موريل ملڪ جيڪو انگريزي ۽ سنڌي جو ماهر استاد هيو، جنهن جي محنت شفقت گهڻن ماڻهن کي علم جي رنگ سان رنگي ڇڏيو.
    1950ع کانپوءِ ته مٺياڻي علم ۽ ادب ۾ نهايت گهڻي ترقي ڪئي جنهن ۾ استاد ۽ شاعر ۽ هڪ ئي وقت عالم به استاد قادر بخش ڀرٽ، مشهور شاعر شرف الدين "شرف" ڪلر، شاعر احمد ڀٽي، شاعر ۽ استاد علي محمد ملڪ استاد مولوي محمد عمر مستوئي، اديب ۽ عالم استاد محمد پريل اشرفاڻي پيدا ٿيا. وري 1980ع کان بعد ته ادبي ميڙو متل آهي؟ سنڌي ادبي شاخ به ڪم ڪري رهي آهي ان ڪري ڪافي شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا. جن ۾ آصف مٺياڻوي، حبيب مشوري، جبار جوش، مرتضيٰ مشوري، ارباب ملاح، مجن لانگاهه، گل بهار رباغائي، جمن شاد، گل ڀٽي جيڪو احمد ڀٽي جو پٽ آهي. راحب پنهور مشهور آهن. صحافت ۾ مشهور ماڻهو چاچو الاهي بخش ڀٽي عبرت وارو جڳ مشهور آهي سندس پٽ امتياز ڀٽي پڻ صحافتي دنيا ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي ۽ هن وقت مٺياڻي ۾ پڻ سگهڙن جي چوياري موجود آهي جنهن ۾ مٺل پٺاڻ، بشير مستوئي، حاجي قربان ملڪ ۽ غلام نبي پٺاڻ مشهور آهن. 1940ع کانپوءِ مٺياڻي جو مشهور ڳائڻو استاد سونو خان مستوئي جيڪو ريڊيو ۽ رڪارڊ جو مشهور فنڪار آهي جيڪو هن وقت مٺياڻي ۾ مدفون آهي. سياسي انقلابي لڏي جا ماڻهو ڪامريڊ محمد يعقوب ملڪ، عبدالله ملڪ، ڪامريڊ حبيب مشوري، برڪت ملڪ، مسرور چانڊيو، ڪامريڊ عرفان شيخ پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
    بشڪريه روزانه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو