تاريخدان، محقق ۽ اديب پروفيسر عبدالله مگسي نعيم ملڪ پروفيسر عبدالله مگسي تي مون جهڙي لاءِ ڳالهائڻ ائين آهي جيئن سج کي آئينو ڏيکارڻ، اسين ڪڏهن اهو سوچيو به ڪو نه هو ته عبدالله مگسي جهڙو مٺڙو مڻيادار انسان اسان کان ايترو جلد جدا ٿي ويندو. اهو ڪچهريون قائم ڪندڙ ۽ محبتون ونڊيندڙ انسان 17 ڊسمبر 1947ع تي ڌڻي بخش مگسي جي اڱڻ تي ڳوٺ گل محمد مگسي ۾ تولد ٿيو. ڌڻي بخش مگسيءَ کي ست پٽ ۽ ٽي ڌيئر ڄايون جن ۾ پروفيسر عبدالله مگسي، غلام نبي وڪيل، ڊاڪٽر لياقت مگسي، اقبال احمد مگسي، دين محمد مگسي (جج)، سڪندر اعظم ۽ سهيل احمد مگسي ترتيب وار ڀائر آهن. عبدالله مگسي ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ پرائيويٽ طور امتحان ڏنو ۽ ان ۾ سيڪنڊ ڪلاس حاصل ڪيائين. 1976ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران کيس ڪامياب اميدوار براءِ ليڪچرر شعبو پوليٽيڪل سائنس قرار ڏنو ويو. 1976ع ۾ ئي کيس نوابشاهه ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. جتي هو وڏو عرصو نوڪري ڪندو رهيو. بعد ۾ هو ڊگري ڪاليج دادو بدلي ٿي آيو ۽ وفات تائين انهيءَ اداري سان ئي وابسته رهيو. پروفيسر عبدالله مگسي کي علم ۽ ادب ورثي طور مليو. سندس خاندان ۾ مولوي عبدالرحيم مگسي جيڪو سنڌ مدرسته السلام ۾ استاد ٿي رهيو هو، جنهن ڪجهه تصنيفون پڻ ڇڏيون آهن. پروفيسر مگسي جو ڏاڏو سرائي قادر بخش، پير الاهي بخش جو هم ڪلاسي هو، جيڪو پهريان ريلوي ۾ گارڊ هو ۽ جڏهن سرجان مارشل مهين جي دڙي جي کوٽائي پئي ڪرائي ته سرائي قادر بخش کي اوور سيئر مقرر ڪيو. هن مهين جي دڙي جي کوٽائي متعلق ٻه پيش بها ڪتاب لکيا هئا، جيڪي اڻ ڇپيل رهجي ويا. پروفيسر مگسيءَ جو والد ڌڻي بخش مگسي هڪ سٺو استاد ۽ بهترين اديب ٿي گذريو آهي. ان پڻ ڇهه ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جيڪي اڻ ڇپيل صورت ۾ آهن. جن مان قابل ذڪر ڪتاب دادو ضلعي جي تاريخ ۽ جاگرافي بابت آهي ۽ ٻيو مگسي قبيلي جي تاريخ بابت آهي. سندس خاندان مان ابوبڪر مگسي جيڪو بهترين وڪيل، سٺو صحافي، وڏو ليکڪ ٿي گذريو آهي، جيڪو دادوءَ جي ستارن مان هڪ ستارو ليکيو ويندو هو. ان عربي پاڪستان جي قومي زبان جهڙو ڪتاب لکي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. جنهن ڪتاب کي پوءِ اولهه پاڪستان حڪومت ضبط ڪري ڇڏيو. سندس خاندان ۾ هڪ وڏي آفاقي شخصيت محمد سليمان مگسي جي پڻ هئي جيڪو اولهه پاڪستان ۽ اوڀر پاڪستان ۾ هڪ جيترو مقبول هو، جيڪو قائداعظم جو ساٿي، خواجه ناظم الدين، قاضي فضل الله، ايوب کهڙي جو پڳ مٽ يار، فضل الحق، پير علي محمد راشدي، يوسف هارون، محمود هارون جو ساٿي هو. پروفيسر مگسي ڪارلس مارڪس ۽ لينن جي فلسفي کي تمام گهڻو متاثر هو، اهو ئي سبب هو جو ڄام ساقي ڏانهن گهڻو لاڙو رهيس. باقي جن شخصيتن کان پروفيسر مگسي متاثر ٿيو انهن ۾ ابوبڪر مگسي، عبدالحڪيم ارشد، مولانا غلام محمد گرامي ۽ شيخ اياز جن جو ذڪر هن زندگي ۾ ائين ئي ڪندو هو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهن تي ڳالهائڻ جي باوجود به نه ٿڪبو هو. پروفيسر مگسي جيڪي ڪجهه لکيو اهو سڀ نثر ۾ لکيو. سندس مقالا ۽ مضمون ناميارين ۽ وڏين اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾ ڇپجندا رهيا. سندس مضمون هلچل ۽ آدرشڪ ڪراچي مان شايع ٿيندا هئا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ عالمي امن ۽ سنڌي اديبن جو حصو، سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو ”جان جان هئي جيئري“ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ سنڌو ڪناري تهذيب جي ارتقا قابل ذڪر آهن. پروفيسر مگسي سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ادبي ميڙاڪن ۾ پهچڻ جي ڪوشش ڪندو هو، جنهن ڪري هن جي فڪر ۽ شخصيت جا گهڻا اديب پرستار هئا. پروفيسر مگسي جي زندگيءَ جو سڀ کان سونهري ڪارنامو اهو آهي ته ان سرائيڪي خطي جي رهواسين ۾ سجاڳي آندي، کين پنهنجا حق گهرڻ ۽ وٺڻ سيکاريا، جنهن ڪري سرائيڪي خطي جا اڳواڻ پروفيسر مگسي کي پنهنجو سچو ۽ محبوب اڳواڻ ڪري مڃيندا آهن. پروفيسر مگسيءَ جي دوستيءَ جو حلقو تمام وسيع هو. پروفيسر مگسي سماجي خدمتن ۾ اڳڀرو رهيو جن ۾ هي ٽي سال سنڌ يونيورسٽي جي سينيٽ جو ميمبر رهيو. سخي ڄام ڏاتار ايڊيوڪيشنل سوسائٽي نوابشاهه جو نائب صدر جنرل سيڪريٽري سوسائٽي نوابشاهه، آل سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري، ميان يار محمد ڪلهوڙي يادگار ڪاميٽي جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن، سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررس ايسوسيئيشن جو سرگرم ڪارڪن ۽ سنڌي ادبي سنگت دادو جو روح روان هو هميشه بنا مقابلي سنڌ ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو. هي ناميارو اديب ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا رهندي، اپريل 1993ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. کيس محمد مراد قبرستان لڳ عيدگاهه وٽ دفن ڪيو ويو، جتي ابدي آرامي آهي بشڪريه عوامي آواز