• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پٿر ميڙي رکو گهر ۾ (غزل) نثاراحمد ناز

نثارناز

سينيئر رڪن
ساري دنيا جا سنڌي دوستو هڪ غزل شيطانن کي پٿريون هڻڻ وارو توهان سان ونڊ پيو ڪريان، ڇا ڪيون هر جڳه تي هرڪنهن جي آس پاس شيطانن جون ٽوليون اصل گهر ڪري ويهي رهيون آهن ، ۽ اها پُراڻي ريت آهي ته شيطانن کي پٿريون هڻي ڀڄائبو آهي، دوستو اڄڪلهه جا شيطان الائي خبر ڪانهي ته پٿرن سان ڀڄندا يا نه ! اهو سوال توهان تي ڇڏيان ٿو۔ ان کان علاوه توهان جي واڌو ڪاٽو راين جو شدت سان منتظر رهندس

72794_465101068215_794048215_5472019_3423325_n.jpg
 
جواب: پٿر ميڙي رکو گهر ۾ (غزل) نثاراحمد ناز

يار ناز! اوهانجي پٿرين ميڙڻ واري ڳالهه تان هڪ ڳالهه ياد آئي، ڪجهه سال اڳ هڪ همراهه هت حج تي آيو ۽ شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ ويو، شيطان کي پٿرين هڻڻ لاءِ تمام گهڻي رش ٿيندي هئي (اڄڪلهه تمام گهڻي آساني ڪئي وئي آهي ۽ شيطان کي پٿريون هڻڻ سولو ڪم ٿي پيو آهي) سو همراه پٿريون هٿ ۾ ڪري زور ۽ ڌڪا کائي اڃان شيطان جي ويجهو ٿئي ته اچانڪ ماڻهن جي پيهه ۽ زور سبب پوئتي هليو وڃي ۽ پٿريون هڻي نه سگهي، ٻه ٽي دفعا اها ڪوشش ڪرڻ کانپوءِ ٿڪجي پيو ۽ پريان ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو ۔۔۔ هڪ دوست اچي پڇيس ته ڇو ادا خئير ته آهي، تنهن تي همراهه جواب ڏنو؛ ” شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ به شيطان ٿيڻو پوندو نه ته ممڪن ناهي ته شيطان کي پٿريون هڻي سگهجن“

سو ادا سائين! اڄڪلهه شيطان ايترو ته طاقتور ۽ زورآور آهي جو انکي پٿريون هڻڻ لاءِ به دل جگر جي ضرورت آهي ۽ پاڻ نثار ڪرڻ جي ڳالهه آهي ۔۔۔ !!! باقي اسان ڪمزور ماڻهون شيطان جون مستيون ڏسي اچي گهر ڀيڙا ٿيون ٿا ۽ شڪر ڪريونٿا ته جان بچي ته لک ٿيو ۔۔۔

باقي پاڻ سياڻا آهيو ۔۔۔ سماجي حالتن تي انساني ضمير کي چهنڊڙيون وجهندڙ شاعري ڪرڻ ته اوهانکي جس هجي ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
سائين لا جواب اظهار جو طريقو آهي پلس ۾ لا جواب ڊزائين
الله تعالي اوهان & اسان کي انهن شيطانن کان پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي
 
پيارا نثار اهي چهُنڊڙيون سڀ کان پهرين معاشري طرفان نگيٽوِ لهجي ۾ شاعر جي دل کي پونديون آهن ، اسان جي سنڌ سلامت جو هڪڙو دوست اهڙي چهنڊڙين کي سدائين چهنڊڙا ۽ رانڀوٽا چوندو هو، ۽ جڏهن شاعر اهو آئيني جو عڪس واري معاشري ڏانهن ڪري ڇڏيندو آهي۔ بس اهڙي هڪڙي تمام ننڍڙي ۽ معمولي وزن واري هن غزل ۾ ڪوشش ڪئي آهي۔ باقي ضمير ٿي سگهي ٿو ته شيطانن جا هُجن پر هاڻي هن دور ۾‌جيڪي منهنجي خيال ۾ ٻن ٽنگن وارو انسان جنهن کي الله سائين اشرف المخلوقات ڪري هن دنيا ۾ لاٿو آهي ان انسان ۾ ضمير نالي ڪي شي ئي ڪانهي۔ اهي انسان جڏهن شيطان ٿِي پوندا آهن ته واقعي پٿرن سان مرڻ جهڙا ئي ڪونه آهن۔ ڪري انسان مٿان گاريون کائي شيطان، عجب فلسفو آهي، اسان شاعر به الائي ڇا مان ڇا لکي ويهندا آهيون۔ تنهنجي مهرباني ڀائو
 
جواب: پٿر ميڙي رکو گهر ۾ (غزل) نثاراحمد ناز

واھ سائين تمام بهترين شاعري ساڻ سهڻي ڊزائين سان ونڊ ڪئي آهي اوهان۔۔۔۔۔مهرباني
باقي اڄ ڪل وارا شيطان پٿرن سان ڪان ڀڃندا۔
 
جواب: پٿر ميڙي رکو گهر ۾ (غزل) نثاراحمد ناز

سائين لا جواب اظهار جو طريقو آهي پلس ۾ لا جواب ڊزائين
الله تعالي اوهان & اسان کي انهن شيطانن کان پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي

ادا محترم طاهر سنڌي مهربانيون شاعري ته هر شاعر جي اظهار جو ته طريقو ئي ته هوندي آهي۔ پيارا اصلي شيطان ته خبر ناهن ڪٿي آهن پر اڄ جا انسان شيطان جا پوئلڳ ٿيو، انسانيت جي توهين ڪرڻ ۾ پورا آهن ، ڪڏهن دهشت گردي جي روپ ۾ ته ڪڏهن بي حيائي، جي روپ ۾ ، اسان جهڙا ٽي درجي وارا شاعر سکڻيون شاعريون ڪريو، دل جي باهه کي ٿڌو پيا ڪريون۔ توهان جي پرخُلوص دعائن جي لا شڪر گذار آهيان۔
 
جواب: پٿر ميڙي رکو گهر ۾ (غزل) نثاراحمد ناز

واھ سائين تمام بهترين شاعري ساڻ سهڻي ڊزائين سان ونڊ ڪئي آهي اوهان۔۔۔۔۔مهرباني
باقي اڄ ڪل وارا شيطان پٿرن سان ڪانه ڀڄندا۔
پيارا عاشق سولنگي، مهرباني جو توکي منهنجي شاعري ۽ ڊزائن سُٺي لڳي، باقي شيطان ڇا شيطانن جو پي به ڀڄندو تون صرف لاحول ولا قوة وارو وظيفو پڙهه ۔ اصل شيطان بُنڊ پٽائي ڀڄي ويندا۔
 
جواب: پٿر ميڙي رکو گهر ۾ (غزل) نثاراحمد ناز

ساري دنيا جا سنڌي دوستو هڪ غزل شيطانن کي پٿريون هڻڻ وارو توهان سان ونڊ پيو ڪريان، ڇا ڪيون هر جڳه تي هرڪنهن جي آس پاس شيطانن جون ٽوليون اصل گهر ڪري ويهي رهيون آهن ، ۽ اها پُراڻي ريت آهي ته شيطانن کي پٿريون هڻي ڀڄائبو آهي، دوستو اڄڪلهه جا شيطان الائي خبر ڪانهي ته پٿرن سان ڀڄندا يا نه ! اهو سوال توهان تي ڇڏيان ٿو۔ ان کان علاوه توهان جي واڌو ڪاٽو راين جو شدت سان منتظر رهندس

72794_465101068215_794048215_5472019_3423325_n.jpg

ماشاء الله موقعي محل سان اوهان جي ونڍ لاجواب آهي
 
جواب: پٿر ميڙي رکو گهر ۾ (غزل) نثاراحمد ناز

پيارا عاشق سولنگي، مهرباني جو توکي منهنجي شاعري ۽ ڊزائن سُٺي لڳي، باقي شيطان ڇا شيطانن جو پي به ڀڄندو تون صرف لاحول ولا قوة وارو وظيفو پڙهه ۔ اصل شيطان بُنڊ پٽائي ڀڄي ويندا۔

پيارا سر....بلڪل شيطان جو پيء ته ڇا پر ماءُ به ڀڃندي قرآن ۾ اُها طاقت آهي.

پر عمل ۽ يقين هجي.
 
Back
Top