ترن جي پوک ، گهٽ خرچ ، وڌيڪ آمدني

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ترن جي پوک ، گهٽ خرچ ، وڌيڪ آمدني​

    ڊاڪٽر اسلام الدين مجيداڻو
    ترن جي فصل کي خريف جي موسم ۾ گرم ۽ خشڪ علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ هن فصل جي پوک ڪافي وقت کان ٿئي ٿي ۽ ان جو تيل اسين ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي چڱو ناڻو ڪمايون ٿا. باراني علائقن ۾ برسات جي پاڻي تي به هي فصل سٺو ٿيندو آهي. ٿر جي علائقي ۾ هن فصل کي سانوڻي جي مند م فصلن سان گڏ توڙي الڳ طريقي سان پوکيو وڃي ٿو.
    موسم:
    هي گرم موسم جو فصل آهي. تنهن ڪري خشڪ ۽ گرم آبهوا هن فصل جي سٺي پيدوار ۽ واڌويجهه لاءِ وڌيڪ موزون آهي.
    زمين جي چونڊ ۽ تياري:
    هن فصل جي لاءِ وارياسي ۽ لٽياسي زمين جنهن ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت موجود هجي اها زمين وڌيڪ بهتر آهي. هن فصل جي لاءِ ڪنهن خاص قسم جي زمين تيار نه ڪرڻي پوندي آهي. پر زمين کي پوکي کان اڳ ۾ ٻه ٽي هر ڏيئي اڳئين فصل جون ٿٻيون ۽ گندگاهه ڪڍي هموار ڪري پوءِ پوکي ڪجي ته جيئن فصل سٺي واڌويجهه ڪري ۽ پيداوار به سٺي ڏئي.
    پوکي جو وقت ۽ طريقو؛
    ترن جي فصل پوکڻ لاءِ اسان جي اتر وارن علائقن ۽ آبپاشي وارن علائقن ۾ 15 جون کان 15 جولاءِ تائين پوکي سڪري ٿو پر باراني علائقن ۾ سانوڻ جي برساتن کان پوءِ پوکڻ گهرجي. ترن جي فصل جي سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ ناڙي وارو طريقو بهترين آهي ۽ قطار کان قطار جو مفاصلو ڏيڍ فوٽ رکجي ۽ قطارون (اوڙون) ڪوشش ڪري سڌيون ڪڍڻ گهرجن. جيئن گندگاهه ڪڍڻ ۾ سولائي ٿئي. ٿر واري علائقي ۾ گهڻو ڪري هن فصل کي ناڙي رستي پوکيو ويندو آهي.
    ٻج جو مقدار:
    هن فصل کي ناڙي رستي پوکڻ لاءِ ڏيڍ ڪلوگرام ٻج في ايڪڙ استعمال ڪجي ۽ ڇٽ کيو ويسلي 2 ڪلو گرام استعمال ڪندا آهن پر ناڙي رستي پوکيل فصل وڌيڪ پيداوار ڏئي ٿي.
    ڀاڻ جو استعمال:
    جيڪڏهن زمين زرخيز آهي ته پوءِ ڪنهن خاص ڀاڻ جي ضرورت نه پوندي آهي پر ڪمزور زمينن ۾ هڪ ٻوري ڊي اي پي پوکيءَ وقت ۽ مني ٻوري يوريا پهرين پاڻي تي ڏيڻ گهرجي پر باراني علائقن ۾ هن فصل کي ڪو خاص ڀاڻ نه ڏيندا آهن پر ڪٿي ڪٿي ڪمزور زمينن ۾ 5 کان 8 ٽراليون وٿاڻ جو ڀاڻ استعمال ڪندا آهن. جيڪي هن فصل لاءِ ڪافي آهن ۽ باراني فصل ۾ اهو ڀاڻ سانوڻ جي برساتن کان اڳ ۾ اونهاري واري موسم ۾ ٻنين ۾ ڏنو ويندو آهي. جيئن ڳري سڙي صحيح نموني ملي وڃي.
    پاڻي:
    هي گهٽ پاڻي وارو فصل آهي. بئراجي علائقن ۾ ٽن کان چئن پاڻين تي فصل پچي راس ٿي وڃي ٿو پر باراني علائقن ۾ سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن کان ٽن برساتن جو هجڻ لازمي آهي ۽ ڪن ڪن حالتن ۾ زمين ۾ گهم وڌيڪ هجڻ ڪري ۽ پهرين ريج واري برسات وڌيڪ پوي آهي ته پوءِ هڪ برسات تي به فصل پچي تيار ٿي وڃي ٿو.
    جنسون: هن فصل جون ڪيتريون ئي جنسون آهن پر هن مهل جيڪا وڌيڪ استعمال ٿئي ٿي اها جنس ايس-17 آهي.
    لابارو ڪرڻ؛ ترن جي فصل جو لابارو ان وقت ڪرڻ گهرجي جڏهن ڦرين جو رنگ سائي مان ڦري پيلاڻ مائل ٿي وڃي ۽ تقريبن 70 سيڪڙو ڦريون پچي وڃن ته صبح جي وقت يا شام جي وقت يعني ڪنهن به ٿڌي وقت ۾ لڻڻ گهرجن جيئن پڪل ڦرين مان ٻج ڇڻي نه وڃي ۽ لڻڻ کانپوءِ سٿريون ٻڌي فصل کي کري ۾ اڀو رکجي ته جيئن ٻج هيٺ ڇاڻو نه ڪري ڇاڪاڻ ته ڦريون پچڻ کانپوءِ ڦاٽي پونديون آهن.
    پيداوار: آبپاشي وارن علائقن ۾ ترن جي پيداوار 10 کان 12 مڻ في ايڪڙ کڻي سگهجي ٿي پر باراني علائقن ۾ ترن جي پيداوار وڌ ۾ وڌ 5 کان 7 مڻ کڻي سگهون ٿا. باراني علائقن ۾ برسات جي گهٽ وڌ ٿيڻ ڪري به پيداوار تي اثر پوي ٿو.
    بشڪريه روزانه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو