ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
بي خوابي ننڊ نه اچڻ سبب ۽ حل
بي خوابي جو مطلب آهي پرسڪون ننڊ نه اچڻ، ننڊ اچڻ جو عمر سان ويجهو تعلق آهي. ننڍا ٻار وڌ کان وڌ ننڊ ڪندا آهن. جيئن جيئن عمر وڌندي ويندي آهي ننڊ جو وقفو گهٽبو آهي. هڪ صحتمند انسان لاءِ ڇهن کان اڍن ڪلاڪن تائين ننڊ ڪرڻ ڪافي هوندي آهي. رب پاڪ طرفان پرسڪون ننڊ اهڙي مفت جي نعمت آهي جنهن جو جيترو قدر ۽ شڪر ڪجي ٿورو آهي. ننڊ هڪ اهڙي قدرتي قوت واري نعمت آهي جنهن جي مڪمل ڪرڻ سان انسان ۾ ٻيهر ڪم ڪار ڪرڻ هلڻ ڄلڻ جي صلاحيت ۽ طاقت واپس اچي ٿي وڃي ۽ تازو توانو پاڻ کي محسوس ڪري ٿو. ننڊ جي نعمت جو قدر انهن کان معلوم ڪرڻ گهرجي جن کي بي خوابي جي بيماري آهي. سڪون واري ننڊ نصيب نه آهي. هڪ طبي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته ننڊ نه اچڻ جي نتيجي ۾ دماغ جو اهو حصو متاثر ٿئي ٿو جيڪو يادداشت کي محفوظ ڪرڻ جي ڪم اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته جن ماڻهن کي بي خوابي جي بيماري آهي انهن جي قوت فيصلا ۽ ڪنهن ڪم لاءِ توجهه ۽ ڳالهين کي ذهن ۾ محفوط رکڻ جي صلاحيت ڪمزور ۽ ناقص رهي ٿي. بيخوابي پرسڪون ننڊ ۾ خلل يا ٿوري ننڊ ٿوري جاڳ کي چئبو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ صبح جو ماڻهو فريش تازو توانو بستري کان نه اٿي سگهندو آهي. مغز ڳرو وزني ۽ بار محسوس ٿيندو آهي. طبيعت ۾ چستي چالاڪي بجاءِ چڙچڙاپن ڪاوڙ غصو ۽ بيزاري محسوس ٿيندي آهي. ڪنهن به ڪم ڪار ڪرڻ ۾ دل نه لڳندي آهي. عاشق مزاج شاعرن ننڊ کي نيڻن مان نڪري وڃڻ ۽ جاڳڻ کي شعرن ۾ گهڻو ڪجهه چيو آهي. نفسياتي مريضن جي شروعات بي خوابي سان ٿئي ٿي. اڪثر معالج ننڊ جون گوريون کارائي دماغ کي سن ڪري مرض کي وقتي عارضي طور دٻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪجهه عرص ننڊ جو گوريون Tranqulizer کائڻ بعد ساڳئي پهرين جهڙو اثر نه ڪندي آهي. نتيجي طور ان کان وڌيڪ پاور واري گوري مريض کي کارائڻ پوندي آهي. اهڙين گورين جو انسان جي قوت مدافعت تي منفي اثر پوندو آهي. ڪابه نشي آور گوري يا شيءَ ڏينهن جو کائي گاڏي ڊرائيو ڪرڻ مناسب نه آهي. بلڪه جان کي خطرو آهي. ننڊ نه اچڻ جي سببن مان هي به ڪجهه سبب آهن. بستري جو صاف نه هئڻ، ڪمري جو هوا دار نه هئڻ، مختلف دوائن کائڻ جي منفي اٿرات سبب نند نه اچڻ، صدمو، حادثو، خوف، اچانڪ موت جو اطلاع اچڻ، دماغي چوٽ ۽ زخم جو ٿيڻ، معاشي پريشاني، ڊپ، قتل ٿيڻ جو خوف، ذهني مريضن هجڻ، مالي نقصان ٿيڻ، لاڳيتي بيماري گهڻي عرصي تائين ڪاٽڻ، امتحان جي تياري ۽ ان جو خوف ذهن تي رکڻ، عشق ۾ ناڪامي تقريبن ٿوري گهڻي فرق سان ننڊ نه اچڻ جا اهي ئي مکيه سبب آهن جيئن انسان کي جياپي لاءِ کاڌي خوراڪ جي ضرورت آهي تيئن انسان جي دماغ کي پرسڪون رکڻ لاءِ ڀرپور ۽ سٺي ننڊ جي ضرورت آهي. مڪمل ۽ سٺي ننڊ اچڻ سان طبيعت ۾ خوشي ۽ عقل ۾ واڌارو اچي ٿو. آرام پسند عياش ۽ اهي ماڻهو جن کي پئسي ڪمائڻ جو فڪر ۽ ضرورت نه هوندي آهي ضرورت کان زياده مال دولت ايندو رهندو آهي. اڪثر اهڙي قسم جا ماڻهو راتيون جاڳندا آهن. ڏينهن جو سمهندا آهن هنن جو صبح منجهند جو ٻي وڳي کان پوءِ ٿيندو آهي. بهرحال انسان جي طرز زندگي جيڪا هن ماضي ۾ جيئن گذاري آهي ان جو اثر هن جي صحت تي ضرورت پوي ٿي . فطري ڀرپور ننڊ اچڻ لاءِ طبي ۽ سست طريقي تي عمل ڪرڻ سان رب پاڪ جي فضل ۽ مهرباني سان انسان پرسڪون ننڊ جو مزو ۽ شفا فيض فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. رات جي ماني جلد يعني سوير کائجي ماني کائڻ کان اڳ ڪجهه دير لاءِ واڪ Walkيعني چهل قدمي ڪجي. ماني کائڻ کان بعد ۾ ڪجهه دير لاءِ هلڻ مناسب آهي. سمهڻ لاءِ بسترو حسب حيثيت نرم ۽ صاف ۽ نه گهڻو سخت نه نه گهڻو نرم هجي. سمهڻ وقت جيستائين ننڊ اچي ٽنگن ۽ گوڏن کي ورائي ڦيرائي ليٽيل حالت ۾ ورزش ڪجي. عورتن کي بستر تي ليٽڻ کان پهريائين چهري کان ميڪ اپ لاهي ڇڏڻ گهرجي. بستري تي ليٽڻ کان پهريائين فڪرات، سوچون، مسئلا ۽ منفي خيالات ذهن مان ڇنڊي پرسڪون ٿي بستري تي ليٽجي. بستري تي ليٽڻ کان اول ٻي ڏينهن جي ڪم جي ترتيب ۽ شيڊول ۽ خاڪو ذهن ۾ تيار ڪجي. بستري تي ليٽڻ شرط جيڪو ڏينهن گذري چڪو ان ڏينهن جي ڪارڪردگي غلطين ڪوتاهين ۽ ڪمزورين تي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ڏکويو آهي دل آزاري ۽ بي واجبي ڪئي آهي ته ان لاءِ احساس ندا مت خيال ۾ رکي ان جو ٻي ڏينهن ازالو ڪجي ۽ پنهنجي بهتري ۽ اصلاح جي ڪوشش ڪجي. ڪوشش ڪري بستري، پلنگ يا کٽ اهڙي نموني ڪمري ۾ رکيل هجي جو منهن قبلي طرف ٿي سگهي. کاٻي طرف دل آهي ان ڪري ان تي زور پوڻ کان بچڻ خاطر بلڪه سنت طريقو ساڄي طرف منهن ڪري سمهڻ افضل آهي. ننڊ اچڻ بعد ننڊ ٻي طرف تبديل ٿي وڃي ته ان م ڪو حرج ۽ گناهه نه آهي. بستري تي ليٽڻ وقت ذهن پرسڪون ۽ فڪر کان حتي المڪان آجو هجي. ڪاوڙ ۽ غصي جي حالت ۾ بستري نارمل ٿيڻ تائين نه ليٽجي. بستري تي لپٽي پاڪ جو ذڪر آيت الڪرسي، دعائون ۽ رب پاڪ کان گناهن جي معافي ۽ بخشش طلب ڪجي. ڪهڙي زندگي جي آخري رات ۽ آخري ننڊ هجي. ڪجهه ماڻهو مطالعو ڪري پوءِ سمهڻ جا عادي هوندا آهن. اها به سٺي عادت آهي پر مطالعو اهڙو هجي جنهن مان زندگي لاءِ اصلاح ممڪن هجي. ڪوڙا قصا، ڪهاڻيون پڙهڻ سان ذهن گندو ٿئي ٿو. خيالات ۽ سوچ جيتري سٺي ۽ مثبت هوندي خواب ننڊ ۾ اهڙا ئي ايندا. اسان جي اداري جو نذير جواهر مهرو يعني سچن موتين خاڪو ذهني سڪون، ٽينشن ۽ فڪرات دور ڪرڻ ۽ ذهني طاقت لاءِ مفيد آهي. هڪ وزن رات جو کير سان روزانه کائجي. روغن خشخاش يا روغن بادام يا نذير ڪلونجي آئل جيڪو آساني سان ملي سگهي لوندڙين جي ٻنهي پاسي هلڪي هٿ سان مالش ڪجي. معجون شفا ۽ خميرو گاؤزبان ڪنهن معياري دواخاني جو تيار ٿيل پاڻي ۾ ملائي هڪ چمچو صبح جو ۽ رات کير سان کائڻ سان دماغي اعصابي ڪمزوري دور ٿئي ٿي پرسڪون ننڊ پڻ انشاالله ايندي. ڪنهن به سبب آرام جون گوريون کائڻ ضروري هجن يا ڪافي عرصي کان عادت هجي ته ان سان گڏ مٿين خميري کائڻ سان دماغ کي تقويت ايندي.
ڪنهن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکي جوابي لفافو ائڊريس لکيل موڪلي جواب عاقل پلازه گورنمينٽ ڪاليج رود حيدرآباد کان حاصل ڪري سگهجي ٿو.
بشڪريه روزانه عبرت