ڊاڪٽر بلوچ جو لکيل جامع ۽ مستند شاهه جو رسالو مختيار احمد بلوچ هي ”جامع ۽ مستند شاهه جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام تي مسلسل 32 سال تحقيق ڪري شاهه جي رسالي جو مستند معياري متن تيار ڪيو آهي. هن رسالي جي معياري متن تيار ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ جدا جدا فقيرن جا لکيل ”شاهه جا رسالا“ جيڪي سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر سُجهيا ٿي اهي ڊاڪٽر بلوچ ڏٺا ۽ اهڙن پنجاهه کن قلمي رسالن ۽ ٻين جملي ڇاپي رسالن کي عملي تحقيق جي معيارن مطابق ڀيٽي انهن ۾ شامل ڪلام کي زيرن زبرن سان صحيح صورت ۾ شايع ڪيو. اها تحقيقي رٿا ڏهن جلدن جي اشاعت سان (1996-1980) وارن سورهن سالن ۾ پوري ٿي. ان تحقيقي رٿا کي ڪاميابي سان پوري ڪرڻ خاطر شاهه جا رسالا جيڪي اڳين فقيرن لکيا سي شاهه جي ڪلام جا پڪا ۽ پختا شاهد ڪري مڃيا ويا ۽ جيڪي فقير شاهه جي دور کي وڌيڪ ويجها هئا تن جون پڙهڻيون ترجيحي طور تي اختيار ڪيون ويون ۽ هر بيت ۽ وائيءَ جون جدا جدا رسالن واريون پڙهيون لازمي طور پويان لکيون ويون. انهيءَ لاءِ ته اهي هن دور جي پڙهندڙن جي سامهون رهن ۽ پڻ ايندڙ وقت ۾ تحقيق لاءِ ڪارگر ٿين. انهن پڙهڻين کي زيرن ۽ زبرن سان لکيو ويو ته جيئن اهي صحيح صورت ۾ پڙهي سگهجن. ان تحقيقي رٿا ۾ شامل سمورن قلمي توڙي ڇاپي رسالن جي نالن جون مخصوص نشانيون مقرر ڪري انهن سمورن رسالن کي ٽن دورن ۾ ورهايو ويو جيڪي هيٺ ڏجن ٿا. اوائلي دور وارا رسالا (1165 – 1210 هه) وچئين دور وارا رسالا (تيرهن صدي هجري وارو دور) پوئين دور وارا رسالا (چوڏهين صدي هجري وارو دور) 1.اوائلي دور وارا قلمي رسالا ٺ 1. عبدالڪريم طيب ٺٽوي وارو قلمي رسالو ٺ 2. عبدالڪريم طيب ٺٽوي وارو ٻيو قلمي رسالو سٽ. ڪپتان اسٽيڪ وارو قلمي رسالو جيڪو 1844 - 1849ع سالن دوران ان سندس ملڪيت هو. برٽش ميوزم، لنڊن وارو قلمي رسالو. انڊيا آفيس لنڊن، وارو قلمي رسالو. درسگاه منصوره وارو قلمي رسالو. عل. مير علي احمد خان ٽالپر وارو قلمي نسخو. ڻ 1. آڳاٽو اڻپورو قلمي رسالو. گل. سنه 1206 هه ۾ لکيل ابوبڪر فقير جي رسالي جي ٽن سُرن مان چونڊيل بيتن جو مجموعو. قاضي موسيٰ وارو 1207ع ۾ لکيل رسالو . گ. اسماعيل فقير کاهوڙي جو سنه 1207هه ۾ لکايل گنج. 2. وچيئن دور جا رسالا ٺٽ. عبدالڪريم طيب ٺٽوي جو ميين موسيٰ مداح وارو قلمي نسخو (غالبن 1262هه کان اڳ) 1267هه مد. خيرمحمد فقير هالائي جو دستخط نسخو 1267هه نص. آخوند فضل علي جو دستخط نسخو 1229هه هه. حاجي هدايت الله هالائي جو دستخط نسخو 1270هه پ. مير امام بخش خان ٽالپر وارو قلمي نسخو 1270هه ش. آخوند محمد شفيع جو دستخط نسخو 1273هه ظ. اميد علي نظاماڻي جو دستخط نسخو 1275هه نپ. نورنگ پوٽي جو دستخط نسخو 1275هه مص. محمد صالح مجاور جو دستخط نسخو 1277هه ڪ. ڪڇ جو مختصر قلمي بياض 1279هه ح. عبدالحميد جو دستخط نسخو 1281هه ع. عبدالحق هالائي جو دستخط نسخو 1282هه ٽ. ارنيسٽ ٽرمپ وارو ڇاپو 1866ع (1282هه) ب 1. مطبع ڪريمي بمبئي وارو ڇاپو 1283هه ي. ميين نور محمد، دوست محمد ۽ احمد فقير جو دستخط نسخو 1284هه ب2. مطبع حيدري بمبئي وارو ڇاپو 1293هه د.1. ميين احمد ڀٽائي جو دستخط نسخو1 1293هه د.2. ميين احمد ڀٽائي جو دستخط نسخو2 1304هه د.3. ميين احمد ڀٽائي جو دستخط نسخو3 (آخر ۾ ناقص) جس. ميين محمد ۽ ميين حسين جو دستخط نسخو 1303هه ن. نيڪ محمد جو دستخط نسخو 1303هه (کان ڪجهه پوءِ) خ. خيرپور جي ٽالپر گهراڻي وارو قلمي نسخو 1303هه (کان گهڻو اڳ) 3. پوئين دور وارا رسالا فق. فقير محمد قانع جو دستخط نسخو 1313هه عش پير عالي شاهه وارو نسخو ج. جمعي فقير وارو قلمي نسخو 1331هه ک. اسماعيل رنگريز جو دستخط نسخو 1334هه ت. تاج محمد نظاماڻي جو دستخط نسخو 1342هه د. ولي محمد شاهه وارو قلمي نسخو 1342هه (ڌاري يا اڳ) ر. محمد صالح بهراڻي جو دستخط نسخو 1355هه م. ميهار فقير وارو قلمي نسخو 1371هه (کان اڳ لکيل) غ. غلام شاهه ڀٽائي وارو قلمي نسخو 1365هه (ڌاري لکيل) مٿيان قلمي ۽ ڇاپي رسالا جامع ۽ مستند جي تياري دورن مطالعي هيٺ رهيا ۽ انهن کي ئي وڌيڪ تفصيل سان ڀيٽي آخري طور متن قائم ڪيو ويو . انهن رسالن ۽ انهن جي اختلافي پڙهڻين کي، متن کان پوءِ ”ڀيٽ ۽ سمجهاڻي“ هيٺ حوالن سان نروار ڪيو ويو آهي. ڪجهه اهڙا قلمي رسالا جن جا حوالا موجود آهن پر هن جامع مستند متن جي تياري وقت دستياب نه ٿي سگهيا. درگاهه بلڙي وارو اصلي رسالو سيد ابراهيم شاهه وارو قلمي رسالو دلدار فقير وارو قلمي رسالو مائي مُلي نعمت جو لکيل رسالو ميين احمد ڀٽائي جو دستخط رسالو مير عبدالحسين خان سانگي جو سنه 1307هه ۾ لکايل رسالو پير غوث محمد شاهه وارو قلمي رسالو اهي رسالا جيڪي مطالعي هيٺ آيا پر انهن کي جامع مستند متن خاطر ڀيٽڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي. قلمي رسالا شهداد جمالي وارو رسالو ڀٽ جي فقير لعل محمد لاڙڪ جو دستخط نسخو سيد حاجي شاهه نواز شاهه جو لکايل رسالو پيرل ٿيٻي وارو قلمي رسالو (اڻپورو) پنهل فقير جوڻي جو لکايل رسالو ڇپيل رسالا قاضي احمد جو منتخب ڇاپو سنه 1310 هجري وارو بمبئي ڇاپو سنه 1317 هجري وارو بمبئي ڇاپو رسالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو 1925ع وارو رسالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو 1934ع وارو رسالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي عرف شاهه جو رسالو 1950ع وارو رسالو شاهه عبداللطيف حاجي محمد صديق محمد يوسف ميمڻ 1951ع وارو اصل وڏو مڪمل شاهه جو رسالو سڀني رسالن کان گهڻن بيتن وارو 1951ع ڪالم شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي معنيٰ سان غلام مصطفيٰ قاسمي وارو شاهه جو رسالو پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جو مرتب ڪيل ڊاڪٽر گربخشاڻي وارو ڇاپوغلامه آءِ آءِ قاضي جو مرتب ڪيل رسالو 1959 – 1961ع وارن سالن ۾ ڇپيو شاهه جي ڪلام تي تحقيق جو مقصد هيءُ هو ته سالي جي بيتن ۽ واين جون صحيح پڙهڻيون قائم ڪري هڪ ”معياري متن“ مرتب ڪرڻ لاءِ مختلف رسالن کي ڀيٽڻو پوندو، ۽ انهيءَ مقصد لاءِ خاص توجع ، هر بيت ۽ هر وائي جي هر لفظ ۽ هر سٽ کي مختلف قلمي توڙي ڇاپي رسالن سان پيٽڻ ۽ وڌيڪ صحيح ۽ سهڻين پڙهڻين کي اختيار ڪرڻ طرف ڏنو ويو ۽ شاهه جي رسالي کي ستن معياري جلدن ۾ تقسيم ڪيو ويو ته جيئن گهربل مقصد حاصل ڪري سگهجي. جلد پهريون: فقط ٻه سُر: سرڪلياڻ ۽ سريمن جلد ٻيو: فقط چار سُر: سُر کنڀات، سُر بروو، سُر سِري راڳ ۽ سُر سامونڊي جلد ٽيون: فقط سَت سُر: سُر گهاتو، سُر کاهوڙي، سُر ڪاپائتي، سُر بلاول، سُر پرڀاتي، سُر ڪارايل، سُر ڏهر جلد چوٿون: فقط سُر سسئي جا پنج سُر: سُر آبري، سُر معذور، سُر ديسي، سُر ڪوهياري، سُر حسيني جلد پنجون: فقط چار سُر: سُر راڻو، سُر ليلان، سُر ڪاموڏ ۽ سُر سورٺ جلد ڇهون: فقط چار سُر: سُر رپ، سُر پورب، سُر رامڪلي ۽ سُر آسا جلد ستون: فقط ٽي سُر: سُر مارئي، سُر سهڻي ، سُر سارنگ انهن ستن معياري جلدن ۾ پهرين معياري ۽ مستند متن رکيو ويو ۽ ان کان پوءِ انهي معياري بيتن جي مختلف رسالن (قلمي توڙي ڇاپي) جي پڙهڻين کي ست وار ڇاپي فرق ظاهر ڪيو ويو ۽ انهن مختلف پڙهڻين جي روشني ۾ معياري متن قائم ڪيو ويو انهن ستن معياري جلدن جي ڇپجڻ کان پوءِ رٿا جو گهربل مقصد پڻ حاصل ڪيو ويو. انهن ستن معياري جلدن ۾ ٻه سئو سالن دوران لکيل ۽ ڇپيل رسالن جو مواد محفوظ ٿيل آهي ۽ هميشه پڙهندڙن جي سامهون رهندو ۽ شاهه جي رسالي ۾ ٻين شاعرن جي ڇپيل ڪلام کي چنڊي ڇاڻي هڪ جدا جلد ۾ ڇاپيو ويو ۽ سندس نالو ”شاهه جو رسالو رسالي جي ڪلام“ جلد ڏهون رکيو ويو هي جلد (960) صفحن تي مشتمل آهي. شاهه سائين جي ڪلام جي انهن ستن مستند جلدن ۾ شامل متن کي ڊاڪٽر بلوچ هڪ جلد (جلد 8 -9 ) ۾ رکي هڪ مستند ۽ جامع رسالو 1999ع ۾ شايع ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ شاهه سائين جي ڪلام تي مزيد تحقيق ڪري سوچ ويچار کان پوءِ ستن معياري جلدن ۾ ڇپيل بيتن، واين ۽ جلد (8 – 9 ) ۾ ڇپيل بيتن واين ۽ جلد ڏهين ۾ ڇپيل بيتن کي سُڌاري ۽ سنواري هڪ جلد ۾ ترتيب ڏئي شاهه جو رسالو ”جامع ۽ مستند شاهه جو رسالو“ جي نالي سان تيار ڪيو. جيڪو شاهه سائين جي 265 هين عرس جي موقعي تي ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ طرفان شايع ڪيو ويو آهي. هن رسالي ۾ جلد (10) ۾ ڇپيل سُر، سُر ڪيڏارو، سُر ڌناسري، سُر شينهن ڪيڏارو، سُر هير رانجهو، سُر بيراڳ هندي، سُر ڍول مارئي، سُر بسنت ٽيهه اکري سسئي، ٽيهه اکري رامڪلي، تمر فقير جو ڪلام 7 ڪلام فارسي کي جلد ڏهين واري ترتيب مطابق شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙن ۽ تحقيق ڪندڙن کي شاهه جي رسالي جي ”مستند متن“ ۽ شاهه جي رسالي جي ڪلام“ وارو مواد هڪ ئي جلد ۾ ميسر ٿي سگهي بشڪريه عبرت .
جواب: ڊاڪٽر بلوچ جو لکيل جامع ۽ مستند شاهه جو رسالو هن رسالي جي به ڪا لنڪ هجي ها ته اڃان به وڌيڪ لاڀ حاصل ٿئي ها ۔۔۔ دوست ممتاز! هن رسالي جي لنڪ ملي وڃي ته واه واهه ۔۔۔ لک ٿورا
جواب: ڊاڪٽر بلوچ جو لکيل جامع ۽ مستند شاهه جو رسالو سائين ابڙا صاحب شايد هن رسالي ( ڊاڪٽر بلوچ جو لکيل جامع ۽ مستند شاهه جو رسالو ) بابت انٽرنيٽ تي ڪم ناهي ٿيو، مون ڪافي ڳولا ڪئي آهي ،مگر مون کي پنهنجي ڪم ۾ في الحال ناڪامي ملي آهي باقي جڏهن به مان ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيس ته سنڌ سلامت سان اهيو رسالو ڊاڪٽر بلوچ جو لکيل جامع ۽ مستند شاهه جو رسالو ضرور ونڊ ڪندس، انشاءالله
جواب: ڊاڪٽر بلوچ جو لکيل جامع ۽ مستند شاهه جو رسالو سائين اڄ مون روشني پبليشر حيدرآباد ۾ اهوو نسخو ڏٺو تمام بهترين ٿي لڳو۔
جواب: ڊاڪٽر بلوچ جو لکيل جامع ۽ مستند شاهه جو رسالو ادا مارڪيٽ ۾ ته موجود آهي پر هت ڳالهه ٿي هلي انٽر نيٽ لنڪ جي