خانگي اسڪولن سان ٻٽ بڻيل سرڪاري تعليمي ڪامورا ۽ سنڌي ٻولي رمضان شيدي سنڌ جي هر ضلعي ۾ هلندڙ خانگي (پرائيوٽ) اسڪول پنهنجي اداري جو نالو چمڪائڻ ۽ ترقي جي بلندين تي پهچڻ لاءِ پنهنجي ادارن ۾ هلندڙ نصابن ۾ ”ٿرڊ ميڊيم اردو“ ٻولي جو ڏينهن به ڏينهن تيزي سان استعمال ڪري سنڌي ٻولي کي ختم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انهن ادارن ۾ %80 سيڪڙو پڙهندڙ سنڌي ٻار پنهنجي سنڌي زبان پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان محروم ٿي رهيا آهن، انهن اسڪولن ۾ نه رڳو نصاب اردو ۾ شامل ڪيا پيا وڃن پر هر مضمون جو ترجمو به اردو ۾ ٻڌايو ٿو وڃي. جنهن سان سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. انهيءَ سان گڏ نئين نسل کي تمام گهڻو نقصان پهچائي انهن کي ذهني مريض بڻايو پيو وڃي جڏهن ته اسان جا سنڌي ٻار پنهنجي سنڌي امڙ جي سنڌي ٻولي وساري رهيا آهن ۽ افسوس انهي جو آهي جو هاڻ اسان جا ٻار سنڌي ٻولي ڳالهائڻ کان به ڪيٻائين ٿا. پنهنجي ٻارن کي انهن خانگي اسڪولن مان سٺي تعليم حاصل ڪرائڻ جي چڪر ۾ اسين انهن کي پنهنجي ئي ٻولي کان پري ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته انهي خانگي اسڪولن ۾ هلندڙ مضمون ۾ سائنس، حساب ۽ انگلش جو ترجمو به اردو ۾ ڪيو ٿو وڃي جنهن سان اسان جا ٻار ان کي نه چڱي طرح سمجهي سگهن ٿا ۽ نه وري ان تي بهتر ڳالهائي سگهن ٿا. جڏهن ته گذريل ڏهاڪو سالن کان خانگي اسڪولن ۾ نصابن ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ پنهنجا من پسند نصاب هلائڻ ۽ ڳريون فيون وصول ڪرڻ تي انهن اسڪولن تي ڪنهن به آڱر نه کنئي آهي ۽ نه ئي ڪو پڇاڻو ٿيو آهي. سنڌ جي تعليمي کاتي ۾ ويٺل ڪامورا ۽ سنڌي ٻولي جا دعويدار خاموشي سان سنڌي ٻولي جو ختم ٿيڻ وارو تماشو ڏسي رهيا آهن ۽ سرڪار به سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي آهي.جڏهن ته اسين انهن اسڪولن ۾ ٻارڙن جي ماحول ڏانهن نظر وجهنداسين ته انهن اسڪولن ۾ ٻارڙن لاءِ ڪنهن به ذهني جسماني ورزش جو ڪو به انتظام نه رکيل آهي. انهن اسڪولن جون عمارتون ڏسي خوف ٿو ٿئي. جڏهن ته اڪثر خانگي اسڪول مين روڊن جي ڀرسان آهن، جنهن جي چئني طرفن کان گاڏين جو گوڙ شور ۽ رش هوندي آهي ۽ ڪنهن به قسم جو ٻارڙن لاءِ بچاءُ جو نظام نه ٺهيل آهي. اڪثر خانگي اسڪولن ۾ ٻارڙن لاءِ راندين جي ميدان کان ويندي اسڪول جي ڪمرن جي صورتحال قيدين جيان آهي. ۽ سوڙهن ڪمرن ۾ ويهاريو ٿو وڃي ڄڻ ڪڪڙين کي پڃرن ۾ پيو وڌو وڃي. جنهن ۾ بجلي بند ٿيڻ کانپوءِ ٻارڙن جو ساهه پيو گهٽبو آهي. جڏهن ته اڪثر اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ استادن جو رويو ٻارڙن سان ماٽيلي ماءُ وارو هوندو آهي. پر انهن استادن جو ڪو به ڏوهه نه آهي. جڏهن ته اڪثر اسڪولن ۾ استادن جي پگهار 800/= کان 1500/= روپيه آهي. هن مهانگائي جي دور ۾ انهي پگهارن ۾ ڪيئن انهن جا ذهن ڪم ڪندا. ٻيو ته انهن اسڪولن جي مالڪن جا رويا به استادن سان تمام خراب رهن ٿا اسڪول ۾ ٻارن جي داخلا سٺي ٿيندي ۽ گهڻي في ملندي ته اهي مالڪ پاڻ ڏانهن سمجهندا آهن ۽ پنهنجو مان مٿانهون ڪندا آهن ۽ وري اسڪول مان ٻارڙا نڪرندا آهن ۽ فيون گهٽبيون آهن ته پوءِ چوندا آهن ته اهو سڀ استادن ڪيو آهي. مالڪن جي اهڙي روين جي ڪري سوچڻ جهڙي ڳالهه هي آهي ته هي پيغمبري پيشو هاڻ ڪاروباري بڻجي ويو آهي. هر اسڪول جو مالڪ پنهنجي اسڪول جي خرابي لڪائڻ لاءِ 10 ڪوڙ ڳالهائي ٿو پر پنهنجي ئي اسڪول جي استاد جي هڪ به غلطي معاف نٿو ڪري. استادن سان ظالمانه ۽ جابرانه طريقه استعمال ڪيا وڃن ٿا. جڏهن ته خانگي اسڪولن ۾ ڪو استاد سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائي يا ڪو مضمون پڙهائين ٿا ته اهو استاد مالڪن لاءِ اک ۾ ڪنڊو ئي لڳي ٿو ۽ انهي استاد کي ڪڍيو وڃي ٿو يا وري خراب رويو رکيو وڃي ٿو. جڏهن ته بدين ضلعي ۾ 30 کان مٿي خانگي اسڪول هلي رهيا آهن جنهن ۾ سرڪار طرفان سال ۾ هڪ ڀيرو چڪاس (انسپيڪشن) جو ڏينهن رکيو ويو آهي. جيڪو چڪاس جي بچاءَ خانگي اسڪولن ۾ سرڪار جي ماڻهن جو کاڌي پيتي جو ڏينهن ڪري ملهايو ٿو وڃي جڏهن ته انسپيڪشن واري ڏينهن خانگي اسڪول جو رڪارڊ ۽ سڄي سال جي ڪارگردگي ڏٺي ويندي آهي. الميو! اهو آهي ته هن سرڪاري تعليمي ڪامورن کي خانگي اسڪولن جي نصاب ۾ سنڌي ٻولي تي ڪا به شيءَ ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي اها انسپيڪشن ”ڏنو پٽ ڇٽي جو“ جي آڌار تي ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته خانگي اسڪولن جي ڪارڪردگي کي جانچينداسين ته امتحانن کان اڳ ۾ امتحانن دوران ۽ امتحانن کانپوءِ تعليمي بورڊ آفيسرن کي خانگي اسڪول وارا شاندار پئڪيج جيڪي لکين روپين جي صورت ۾ نظراني طور بورڊن کي ڏنا وڃن ٿا. جنهن جي بدلي ۾ تعليمي بورڊ آفيسر انهن خانگي اسڪولن کي هوم سينٽر (Home Center) بهترين مارڪون، اعليٰ گريڊ اي ون جهڙيون ڏنيون وڃن ٿيون. ۽ گهڻن خانگي اسڪولن کي فوٽو ڪاپي جون مشينون اسڪول ۾ هلائڻ جي اجازت ڏين ٿيون، ظلم ته اهو آهي ته خانگي اسڪول سنڌي ٻولي کان منهن موڙڻ سان گڏوگڏ سنڌ ۾ رهندڙ غريب ۽ هوشيار شاگردن جي حق تلفي ڪن ٿا انهن جا گريڊ ماري خانگي اسڪولن ۾ پڙهندڙ سڪي لڌن جي نالي ڪن ٿا. جڏهن ته امتحان قانون ۽ قاعدي موجب سرڪاري اسڪولن ۾ ٿيڻ گهرجي پر هتي ته ”چرٻٽ راجه اندهير نگري“ آهي. جڏهن ته سنڌ سان ويڌن جي تاريخ ته پراڻي آهي پر هاڻي سنڌي قوم ۾ رهيل کنيل ڪسر خانگي اسڪولن وارا پوري ڪري رهيا آهن. سنڌيءَ ٻولي کي ختم ڪرڻ لاءِ نوان حربا استعمال ڪري رهيا آهن.جيئن ته سنڌي ٻولي کي ايندڙ نسل وساري ڇڏي ۽ ٻولي ختم ٿي وڃي. ضرورت انهي ڳالهه جي آهي، ته خانگي اسڪولن جي حقيقي طور جانچ پڙتال ڪئي وڃي خانگي اسڪولن جي جاگرافي، سماجي ۽ ثقافتي ۽ مختلف طرفن کان پروڙ ڪئي وڃي. خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لازمي بڻائي وڃي. جيڪي اسڪول سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان لنوائن ٿا. انهن اسڪولن جي رجسٽريشن ختم ڪئي وڃي ۽ انهن خلاف قدم کنيو وڃي. خانگي اسڪولن سان ٻٽ بڻيل سرڪاري تعليمي ڪامورن سپروائيزرن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ۽ انهن خلاف سخت قدم کنيا وڃن. وڌيڪ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي سمورن ادارن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. بشڪريه عوامي آواز
جواب: خانگي اسڪولن سان ٻٽ بڻيل سرڪاري تعليمي ڪامورا ۽ سنڌي ٻولي محترم ممتاز وگهيا، اهو مضمون اڳ ۾ عوامي آواز ۾پڙهي چُڪو آهيان، محترم رمضان شيدي تمام اکيون کوليندڙ مضمون لکيو آهي۔ جيتري قدر پرائيويٽ اسڪولن جي من ماني جو سوال آهي ته ان ۾ به وڏو منجهائيندڙ ڪردار ڊبل ڊيوٽيون ادا ڪندڙ سرڪاري استادن جو آهي، توهان ڏسو ته موجوده دور ۾ سرڪاري استاد ڀلي اهو پرائمري اسڪول ٽيچر ڇو نه هُجي گهٽ ۾ گهٽ ان جو پگهار پندرهان هزار کان وڌيڪ ئي آهي، ظلم جي انتها اها آهي ته اهو استاد پنهنجي سرڪاري اسڪول واري جا جتي اهو مقرر آهي اتي محنت ئي ڪونه ڪندو آهي، يا ته گهڻو ڪري ان اسڪول ۾ ويندو ئي ڪونهي پر اهو ساڳوڻو سرڪاري استاد جڏهن ڊبل ڊيوٽي پرائيويٽ اسڪول ۾ ڪندو آهي ، جتي کيس صرف 800 روپين کان وٺي 1500 روپيا ملندا آهن اتي دل وجان سان محنت ڪندو آهي، اها ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي، پرائيويٽ اسڪول جو قد ڪاٺ ڪا شي ئي ڪانهي اتي استادن تي ايڏي نظر داري جو گهٽ وسيلن جي باوجود زبردست پڙهائي زبردست رزلٽ ۽ گورنمنٽ اسڪولن جو وڏو قد ڪاٺ ، گورنمنٽ جا وسيلا لامحدود ان هوندي به سرڪاري اسڪولن جي رزلٽ ايڏي ماٺي ڇو؟ بس يار اسان ته اهي ڳالهيون سوچي سوچي چريا ٿي پيا آهيون ، وري جيڪڏهن ڪمپلينٽ ڪري آواز ٿا اٿاريون ته بدمعاشن ذريعي ، وڏن ماڻهن جي ذريعي باقائده ٺونشن سان اسان کي ماٺ ڪرايو ٿو وڃي۔ ان مان ثابت ٿيو ته جنهن به حق ۽ سچ جي ڳالهه ڇيڙي صدين کان اهو ٿيندو آيو آهي ته جنهن حق ۽ سچ جي ڳالهه ڇيڙي ان کي سولي سزاوار ڪيو ويندو آهي۔