سنڌي ٽائيپنگ سکڻ لا سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر ڊائونلوڊ سافٽ ويئر https://sourceforge.net/projects/sindhityping/files/ سافٽ ويئر انسٽال ڪرڻ لاءِ ڪجهه ضروري هدايتن تي غور ڪندا: سافٽ ويئر هلائڻ لا ڊآٽ نيٽ فريم ورڪ انسٽال ڪريو ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ انسٽال ڪرڻ لاءِ توهان کي انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. نوٽ؛ جيڪڏهن اوهان وٽ انٽرنيٽ جي سهولت موجود نه آهي ته اوهان (مائڪروسافٽ ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ 2.0 واري فولڊر) ۾ انسٽال فائيل تي ڊبل ڪلڪ ڪري انسٽال ڪري سگهو ٿا ان سان انٽرنيٽ جي ضرورت نه پوندي. جيڪڏهن پهريون ڀيرو سافٽ ويئر انسٽال ٿيل هوندو ته ٻيهر ممڪن آهي ته انسٽال نه ٿئي، ٻيهر انسٽال ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو انسٽال ڪيل سافٽ ويئر کي ڊيليٽ ڪريو. هن سافٽ ويئر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ يا يا وڌيڪ ڄاڻ يا پڇا ڳاڇا لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي پروگرامنگ ٽيم سان رابطي ۾ اچو. ٿورائتا (ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ) چيئرپرسن، (تاج جويو) سيڪريٽري، (انيس ڪاڪا) ڪمپيوٽر پروگرامر، (فهد ميمڻ) سافٽ ويئر ڊولپر، (عامر سيال) ايڊيٽر، ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جا ڪارڪن ڊائونلوڊ سافٽ ويئر https://sourceforge.net/projects/sindhityping/files/
جواب: سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر پيارا فهد سنڌي ٽائپنگ ٽيوٽر ته باقائده هڪ زبردست سنڌي سافٽ ويئر آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي، توهان کي جس هُجي جو اهڙو زبردست سنڌي سافٽ ويئر هتي ونڊ ڪيو آهي ان کان سوا سنڌي لينگويج اٿارٽي وارا به سنڌي ٻولي جي باقائده خدمت ڪري رهيا آهن جنهن سان هر عام ۽ خاص سنڌي کي فائدو به رسي رهيو آهي۔ ادا فهد هڪڙي ڳالهه اها به پڇندس ته سنڌي لينگويج اٿارٽي جا سنڌي ٻولي کي هٿي ڏيارڻ ٻيا ڪهڙا اهم ترين پروجيڪٽ آهن ، جنهن سان آساني سان عام سنڌي لاڀ حاصل ڪري سگهي۔
جواب: سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر تمام بهترين ڪوششون آهي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جا ڪارڪن بهترين سنڌي ٽيوٽر آهي لاجواب ٿريڊ ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي اهڙيون ڪوششون جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر ڀرا اوهان جو ٿورائتو اوهان ٽائيپنگ ٽيوٽر کي استعمال ۾آڻي ان جي بابت پنهنجي را کان آگاهه رکيو، ادا هن سافٽ ويئر کان پو اسان جو ادارو سنڌي ٻولي اختياري سنڌي سکيا جي پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي، ان ذريعي سکندڙ ٽن ٻولين (سنڌي، اردو، انگريزي) ۽ رومن سنڌي ذريعي سنڌي ٻولي سکي، لکي ۽ پڙهي سگهندو، ان کان پو اسان رومن ٽرانسلٽريشن ئ ڪنورٽر تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اهو عالمي ٽرانسلٽريٽر هوندو، هن تحت شروعاتي مرحلي ۾ ننڍي کنڊ جي ٻولين کي ٽرانسلٽريٽ ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي، ياد رهي ته ٽرانسلٽريٽ جو مطلب ترجمو نه آهي پر ان جو مطلب تبادلو يا ڪنورشن آهي، يعني جيڪڏهن اسان هن صفحي کي ٽرانسلٽريٽ ڪرڻ چاهيون ته سنڌي ٻولي عربي، فارسي، هندي، پنجابي، گرمکي، براهوي يا انگريزي، ديوناگري، يا رومن لپي ۾ پڙهي سگهندا سين۔ هن وقصت هنن ٻن پراجيڪٽن تي ڪم شروع آهي جنهن مان سنڌي سکيا مڪمل ٿيڻ وارو آهي ان بعد به پائيپ لائين ۾ ٻيا پراجيڪٽ شآمل آهن جن کي پڻ جلد مڪمل ڪري عام ماڻهن تائين پهچائڻ جو ارادو رکون ٿا، ان کان سوا ڪمپيوٽر جي سکيا سان لاڳاپيل ڪتاب پڻ سنڌي ٻولي ۾ لکجي رهيا آهن جيڪي پڻ جلد شايع ٿي ويندا۔ ٻين سمورن ساٿين جا پڻ ٿورائتا آهيون جن هن فورم تي سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر استعمال ڪري پنهنجن راين کان آگاهه ڪيو، انيس ڪاڪا ۽ فهد ميمڻ |-)
جواب: سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر ادا ٿورائتا آهيون جو اوهان جهڙن ساٿين سنڌ سلامت جهڙو فورم جوڙي اسان کي اهو موقعو فراهم ڪيو ته پنهنجو پورهيو عام سنڌين تائين پهچايون انيس ڪاڪا فهد ميمڻ
جواب: سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر ادا اوهان جا ٿورائتا اسان کي هن سافٽ ويئر کي وڌيڪ ماڻهن تائين پههچائڻو آهي، اوهان ان سلسلي ۾ ڪجهه صلاح ڏيو انيس ڪاڪا ۽ فهد ميمڻ
جواب: سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر ادا فهد پيارا توهان جي مهرباني جو توهان سنڌ جي عوام لاء ڀلو سوچيو ٿا هي هڪ خالص سنڌ ۽ سنڌيت جو پرچارڪ فورم آهي جنهن جا تقريبا 1500 ميمبر آهن ۽ ڪيترائي اڻ رجسٽر وزيٽر روزانه هن فورم تي ايندا رهندا آهن هن فورم ذريعي ڪافي سنڌين کي اوهان جي سافٽويئر جي معلومات حاصل ٿي ويندي ان کان علاوه توهان ڪجهه ٻيا به سنڌي فورم ۽ سائيٽس آهن جهڙوڪ ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام وغيره ان سان گڏوگڏ اوهان ڪاوش اخبار ۾ خبر ڏئي ڇڏيو ته اسان پنهنجو ٽائيپنگ ٽيوٽر سنڌي ۾ سنڌي ڀائرن جي سکيا لاء سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي فري ۾ اپلوڊ ڪيو آهي جنهن به سنڌي ڀاء کي گهرجي ته انٽر نيٽ تان مذڪوره سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪري ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو ان طرح تقريبا گهڻن پڙهيل لکيل ماڻهن کي ڄاڻ ملي ويندي.
جواب: سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر ادا فهد پيارا توهان جي مهرباني جو توهان سنڌ جي عوام لاء ڀلو سوچيو ٿا۔ ٻين دوستن وانگر مون به سنڌي ۾ ٽائپنگ جو سافٽويئر استعمال ڪيو، تمام بهترين ۽ دل کي وڏندڙ لڳو۔ دل ۾ تمام گهڙي خوشي ٿي ته سنڌي لينگويج اٿارٽي ڪيڏو نه بهترين ڪم ڪيو آهي۔ توهان جي ان ڪاوش کي وڌيڪ وڌائڻ لائي مون توهان جو اهو مضمون پنهنجي سنڌي سکيا بلاگ تي به رکي ڇڏيو آهي۔ ته منهنجي بلاگ تي ايندڙ سنڌي ڀائر به ان مان فائدو حاصل ڪن ۽ سنڌ لينگويج اٿارٽي جي هن ڪارائتي محنت جي خبر پون۔ اسان جون دعائون آهن ته الله پاڪ اوهان کي ٻين پروجيڪٽس ۾ جلد ڪاميابي عطا ڪندو۔ http://sindhisikhya.blogspot.com/2012/03/blog-post.html
جواب: سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر پرين فهد سدا سکيا هجو اَهڙو ونڊ ڪري صفا پريشان ڪري ڇڏيو اَٿوَ ۔ سافٽويئر ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ جيئن ئي شروعات ڪجي ٿي ته بجلي جي اکٻوٽ شروع ٿئي ٿي جنهن ڪري هِن معاملي ۾ اُڃايل آهيان ۔ ٿورا ٿيندا مون تي جي منهنجي موبائيل نمبر تي سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر جي سافٽ ويئر جي سي ڊي ملڻ جي ڪا ائڊريس موڪليو اُتان آءُ وي پي ڪري گهرائي وٺندس ۔ 03337800759 03002068047