سچ ڳالهائن سبب نشاني تي آيل ارون ڌتي راء

ڀارت جيڪو پنهنجي لاء هميشه سيڪيولر رياست هئڻ جو جيڪو راڳ آلاپي رهيو آهي تازو ئي ان پنهنجي ساڳي ئي آلاپ جون ڌڄيو اڏايون آهن. ڀارت جي تمام مشهور مصنفه ۽ ناول نگار ارون ڌتي راء جنهن کي سندس ناول (God of Small Things) ننڍين شين جو خدا لکڻ تي بوڪر نوبل انعام مليو هو . تنهن کي تازو ئي سرينگر ۾ سندس بيان ته ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو اٽوٽ حصو نه رهيو آهي تي سڄي هندستان ۾ نه صرف تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي پر سندس گهر تي حملو پڻ ڪيو ويو آهي.
بي جي پي ۽ ڪانگريس جا اڳواڻ ان ڪوشش ۾ آهن ته سندس هن بيان کي غداري جي زمري ۾ آڻي ارون ڌتي کي گرفتار ڪري ڪيس هلايو وڃي. نه صرف اهو پر ڀارت جي اڪثر ميڊيا منفي ڪردار ادا ڪندي سندس گهر ٻاهران حملي ٿيڻ کان اڳ پنهنجا نمائندا موڪلي ان کي براه راست نشر ڪري رهي آهي. نه صرف اهو پر بحث مباحثا ڪرائي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري ته ڪنهن طرح کيس گرفتار ڪيو وڃي.
ان واقعي کان پوء ارون ڌتي اهو بيان ڏنو آهي ته ”اها ڏکوئيندڙ ڳاله آهي ته هن ملڪ ۾ دنگا فساد ڪرائيندڙ ، ظلم زيادتيون ڪندڙ ، ڪارپوريٽ گهوٽالا ڪندڙ ، ڦورو ، عزتون لٽيندڙ ته سر عام پيا گهمن پر رياست پنهنجي ليکڪن کي ماٺ ڪرائڻ لاء سڀ طاقتون پئي استعمال ڪري “. ارون ڌتي راء ننڍي کنڊ جي انهن ليکڪائن مان آهي جيڪي غريب عوام جو آواز ۽ سچ لکي سڄي دنيا ۾ نه صرف مشهور آهي پر سندس آواز کي ٻڌو به وڃي ٿو.
1961ع ۾ جنم وٺندڙ ارون ڌتي جي ماء عيسائن هئي جڏهن ته والد بنگالي. ارون ڌتي هڪ فلم ۾ به ڳوٺاڻي ڇوڪري جو ڪردار ڪيو هو پر سندس سڃاڻ سچ ۽ بهادري آهن. 2002 ۾ وڏن ڊيمن جي مخالفت سبب مٿس ڪيس داخل ٿيو هو ۽ هوء هڪ ڏينهن لاء جيل پڻ وئي هئي. ڀارتي حڪومت کانئس انڪري پئي ڊڄي جو هن جي بين الاقوامي مقبوليت تمام گهڻي آهي. ٻاهر جون ٿنڪ ٽينڪس ۽ عالمي جمهوريتون سندس حمايت پيون ڪن.