اهو شهر جتي شاگردن جي آجيان ۽ الوداع ٿئي! ڄامشورو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اهو شهر جتي شاگردن جي آجيان ۽ الوداع ٿئي! ڄامشورو​

    [​IMG]
    واگهومل
    ڄامشورو آهي ته ننڍڙو شهر پر الائي ڇو شاعراڻو لفظ بڻجي چڪو آهي؟ انهي شاعراڻي شهر جي نگري ۾ هر سال ڊسمبر ويندي ۽ جنوري ايندي ئي انوکي الوداع ۽ انوکي آجيان جون تقريبون ٿين. انهيءَ نگري ۾ قائم اعليٰ تعليمي درسگاهن ، مادر علمي سنڌ يونيورسٽي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ لياقت يونيورسٽي ۾ داخلا ٽيسٽ لاءِ پنهنجي پنهنجي معيار ۽ (Standard) رکيل آهي. جتي نوجوان پنهنجي تعليمي قابليت جي چٽا ڀيٽي لاءِ اچي گڏ ٿيندا آهن. اهڙي مقابلي جي ٽيسٽ مهراڻ يونيورسٽي طرفان بيچلرس پروگرام ۾ سنڌ يونيورسٽي طرفان ماسٽر پروگرام ايم ايس، ايم فل ۽ ايم اي ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي. سنڌ يونيورسٽي طرفان ورتل ٽيسٽ ۾ 3515 ڪل اميدوارن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ 2828 ماسٽرس ڊگري پروگرام ۽ 787 اميداور ايم ايس ، ايم فل پروگرام ۾ داخلا ٽيسٽ ۾ ويٺا جنهن لاءِ آرٽ فئڪلٽي بلڊنگ ۾ 25 امتحاني بلاڪ ٺاهيا ويا ۽ انهن معياري ٽيسٽ کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ انتهائي سخت انتظامن سان گڏ اهڙو ئي بهترين امتحاني طريقي ڪار رکيو ويو. پري انٽري ٽيسٽ شروع ٿيڻ کان اڳ مين انٽرنس تي اميدوارن جا ڪارڊ چيڪ ڪيا ويا ۽ اميدوارن سان گڏ ايندڙ سندن والدين جي ويهڻ لاءِ جوڳو بندوبست تيار ڪيو ويو هو ۽ گاڏين جي پارڪنگ لاءِ زيرو پوائنٽ لاءِ پارڪنگ زون تيار ڪيو ويو هو. اميداورن جي سهولت لاءِ حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي مختلف رستن تان پوئنٽ بسون ڄامشوري لاءِ هلايون ويون. انهي ٽيسٽ جي نگراني ۽ جائزي لاءِ وائيس چانسلر طرفان سنڊيڪيٽ ميمبرن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي هئي انهن ۾ پرو وائيس چانسلر ميرپور خاص ڪئمپس ڊاڪٽر اقبال پنهور، فئڪلٽي جا ڊين ڊاڪٽر طاهر راڄپوت، ڊاڪٽر پروين منشي، ڊاڪٽر پروين شاهه، ڊاڪٽر عبدالله دايو، ڊاڪٽر ثناءُ الله ڀٽو، پروفيسر خالد نور پنهور، پروفيسر انتظار لاشاري، رجسٽرار ڊاڪٽر دين محمد ڪلهوڙو، ڊائريڪٽر ايڊميشن اختر ميمڻ ڊائريڪٽر پوسٽ گرجوئيشن اسٽڊيز ڊاڪٽر محمد رئيس احمد ۽ ٻين پري انٽري ٽيسٽ موقعي جي نگراني ڪئي. جڏهن ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل ۽ سينئر تعليم واري وزير پير مظهرالحق صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وقت جي ضرورت آهي ته اسان جون يونيورسٽيون دنيا جي ٻين يونيورسٽين وانگر پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ اهڙا پروگرام شروع ڪن. جنهن سان ٽيڪنيڪل مين پاور تيار ٿئي ۽ اقتصادي طور تي نوجوان پاڻ ڀرا ٿين. هن يونيورسٽي انتظاميا کي اها صلاح پڻ ڏني ته اهي پنهنجي قيمتي زمين جي حفاظت ڪن. غيرقانوني قبضا ختم ڪرائي زمين تي اهڙا پروجيڪٽس شروع ڪن جنهن سان يونيورسٽي جي مالي حيثيت ۾ مدد حاصل ٿي سگهي. هن چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته سنڌ يونيورسٽي پئتروليم سروس سان گڏ هاڻي سي اين جي اسٽيشن لڳائڻ لاءِ اپاءَ ورتا آهن. ان موقعي تي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي مالي صورتحال تي ڳڻتي آهي. يونيورسٽي کي ملندڙ سالياني گرانٽ ۾ 50 سيڪڙو ڪٽوتي سان ڏکيايون پيدا ٿيون آهن. هلندڙ مالي سال ۾ گرانٽ ۾ ڪٽوتي باوجود تعليم ۽ تحقيق لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن. ٻين خرچن فرنيچر، ڪمپيوٽر، ايئرڪنڊيشن جي خريداري جي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪري بجيٽ کي متوازن ڪيو ويندو. سنڌ يونيورسٽي نوان ڊگري پروگرام ۽ سرٽيفڪيٽس پروگرام شروع ڪري رهي آهي. جيئن سنڌ جي نوجوان تعليم سان گڏ هنر سکن ۽ مانائتو روزگار ڪمائين . هن چيو ته يونيورسٽي ۾ ٽيڪنيڪل سائيڊ تي ايجوڪيشن تربيت لاءِ شام واري شفٽن ۾ مختلف پروگرام شروع ڪيا ويندا. ان کان اڳ شاگردن کي آجياڻي کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر چيو ته هي ڇٽاڀيٽي جو دور آهي. صرف معياري تعليم سان ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته 1996ع ۾ سندس ئي وائيس چانسلر واري دور ۾ سنڌ يونيورسٽي پري انٽري ٽيسٽ رائج ڪرائي، هاڻي سڄي دنيا وانگر پاڪستان جي سرڪاري ۽ نجي اداري ۾ پري انٽري ٽيسٽ جو نظام رائج آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ذهين ۽ هوشيار نوجوان پنهنجي قابليت سان ميرٽ تحت چوندجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا.
    هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي نوجوان ۾ ٽيلينٽ موجود ناهي، اهي هر شعبي ۾ پاڻ مڃرايو آهي. اهڙي ٽيلينٽ جي چٽاڀيٽي ۾ اهليت ظاهر ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا ٽيسٽ هجي توڙي استادن جي ڀرتي لاءِ کنيل ذميواريون هجن جنهن ۾ ٽيسٽنگ سينٽر جي انتظامن پاڻ ملهايو آهي. اهڙي ڪردار کي ڌڪ رسائڻ لاءِ ڪنهن سازشي ۽ تعليم دشمن عناصر استادن جي ڀرتي لاءِ ورتل ٽيسٽ دوران سواليه پيپر آئوٽ ڪري يونيورستي جي ڪردار کي ڇيهو رسايو جيڪو هڪ اڻ وسرندڙ الميو آهي بشڪريه عبرت

    http://www.youtube.com/watch?v=uyQjBChdUc4
    http://www.youtube.com/watch?v=4SvP0_-_ra0
    http://www.youtube.com/watch?v=QEyjK86OWTA
    http://www.youtube.com/watch?v=Zd-2XL29o6A
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اهو شهر جتي شاگردن جي آجيان ۽ الوداع ٿئي! ڄامشورو

    ماسٽرس جي انٽري ٽيسٽ متعلق اوهان کي وڌيڪ معلومات ڏيندو هلان ته ٽوٽل 2600 جي لڳ ڀڳ شاگرد صرف ماسٽرس جي ٽيسٽ ۾ ويٺا ۽ 1000 جي لڳ ڀڳ شاگرد ايم ايس، ايم فل جي پروگرام جي ٽيسٽ ۾ ويٺا۔
    ماسٽرس جي ٽيسٽ ۾ اوهان جي هن دوست ”مست” جي 2600 شاگردن مان ٽاپ ڪري 65 سيڪڙو ۽ 240 مارڪن سان ٻيون نمبر پوزيشن کنئي آهي۔ منهنجو اصل پروگرام ايم ايس، ايم فل ڪرڻ جو هو پر بدقسمتي سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظاميه ايم ايس ٽيليڪميونيڪيشن جو ڪو پروگرام شروع نه ڪيو آهي۔ هاڻي “ايم بي اي“ ۾‌داخلا وٺي رهيو آهيان۔۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اهو شهر جتي شاگردن جي آجيان ۽ الوداع ٿئي! ڄامشورو

    ادا مست صاحب توهان جي ڪاميابي جي خبر پڙهي ڪري مون کي تمام گهڻي خوشي ٿئي، دعا آهي ته الله ٻاجهارو توهان کي زندگي جي هر موڙ تي ڪامياب ڪري ۽ سنڌ ڌرتي لاء هڪ مثال بڻائي آمين۔ منهنجي طرفان اوهان کي دل جي گهراين سان مبارڪ ۽ سلام پيش هجن۔

    [​IMG]
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اهو شهر جتي شاگردن جي آجيان ۽ الوداع ٿئي! ڄامشورو

    سائين مست اوهان جي مهرباني معلومات ڏيڻ جي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو