سنڌي سماج جون نقصانڪار روايتون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي سماج جون نقصانڪار روايتون​

    نثار لغاري
    سنڌي سماج ۾ ڪي اوڻايون اهڙيون آهن، جن جي ڪري هي سماج مجموعي زوال پذيري جو شڪار آهي. خاص طرح اُهي اوڻايون به جاگيرداراڻي معاشري هجڻ ڪري آهن يا ڪي اوڻايون سماج جي اوسر ۾ ئي رهجي وينديون آهن. انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي، اڳ ۾ جنهن تي لکيو ويو آهي، پر حقيقت اِها آهي ته انهن اوڻاين يا بيمارين تي هر هر نظر وجهڻ جي ضرورت آهي. انهيءَ جا ڪجهه مثال هي آهن. (1) ادا اسان جو ڪجهه نه وڃي، فلاڻو نه ڪوپن ۾، نه چئت ۾. (2) ادا اوهان ئي سچ چوڻ جو ٺيڪو کنيو آهي، ٻيو ڪوبه نه آهي؟ (3) ڪجهه نه ٿيندو! هي ڪريون، هو ڪيوسين ٿيو ڪجهه به ڪونه ۽ نه ئي ٿيندو!!! (4) ادا هي فلاڻو پنهنجو آهي، کيس سچ ڪوڙ ڪيئن چئون!! پنهنجو آهي، ان ڪري جيڪو کپيس پيو ڪري.
    هي ڪجهه معاملا يا سوچڻ ۽ عمل جا دائرا آهن، جن ۾ اسان جا ماڻهو اڪثر ڦاٿل رهن ٿا. وهمن، وسوسن ۽ اجاين سوچن جي ڪري انفرادي توڙي اجتماعي طور اسين جيڪو نقصان ڪري آيا آهيون يا ڪري چڪا آهيون، اُن جو ڪاٿو لڳائڻ جي ضرورت آهي يا انهن معاملن تي سوچ ويچار ڪرڻ جي وڏي ضرورت موجود آهي.
    اسان جو ڪجهه نه وڃي!!
    اسان وٽ اڪثر اِهو ڏٺو ويو آهي ته جتي ظلم ٿيندو وڃي، ڪا ناانصافي ٿي رهي هجي، ڪو انياءِ ٿي رهيو هجي، پر ماڻهن جي وڏي اڪثريت خاموش تماشائي بڻيل هوندي آهي. عوام جي انهيءَ اڪثريت جو خيال اهو هوندو آهي ته اسان جو ڪجهه نه وڃي. ويتر جيڪو ماڻهو ڪا حق جي ڳالهه ڪندو ته کيس مٽ مائٽ اِهو چوندا ته تنهنجو هن يا هُن معاملي ۾ ڇا وڃي. اسين نه ڪو پن ۾ نه چئن ۾- ادا پنهنجو ڪجهه نه وڃي. ڪو فرد ذاتي طرح ڪنهن سان ظلم ڪندو هجي يا اجتماعي طرح منشيات وڪڻي، اسڪول نه وڃي يا ڪو اهڙو عمل جيڪو سماج کي اجتماعي طرح نقصان پهچائي رهيو هجي، پر اُن ۾ اهو چيو ويندو ته اسان جو ڇا وڃي، ڪنهن کي وڃي ڪجهه چئون!!! اِهو ئي سبب آهي، جنهن جي ڪري سماج ظلم، زيادتي ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿئي ٿو.
    طبقاتي سماج اڳ ئي مجموعي طرح ذلتن، ناانصافين سان ڀرپور سماج هوندو آهي، پر جتي ماڻهو حق سچ چوڻ وارا هوندا آهن، اتي ظلم ۽ ڏاڍ جي نوعيت اهڙي نه هوندي آهي جو فرد گهُٽجي مري وڃن يا وري اُهي پاڻ ۾ هيڻي يا ڪمزور ماڻهو مان ڏاڍ ۽ ظلم شروع ڪن. هي ڏاڍ ۽ ظلم جو ڊگهو سلسلو ڏاڍي کان ڪمزور کان ڪمزور طرف سفر ڪندو رهي ٿو، ائين هڪ تسلسل آهي، جيڪو نه ختم ٿيندڙ آهي.
    سچ چوڻ جو ٺيڪو اوهان کنيو آهي؟
    هي سڀ تصور ۽ روايتون ٽوڙي ڪي ماڻهو اڳتي وڌي سچ چوڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن ته اُن لاءِ به هڪ ٻيو فارمولو تيار هوندو آهي. اهو هيءَ ته ادا توهان ئي ڇا سچ چوڻ جو ٺيڪو کنيو آهي. ٻيا سڀ چپ ويٺا آهن ۽ بس توهان ئي ذميدار ۽ سچار آهيو. ميان! اوهان به ٻين وانگي وڃي پنهنجي ڌنڌي جي ڪريو. خوامخواهه پاڻ کي ڏٺو نه ڪريو. ڏسو ڪو ٻيو سچ چوي پيو!! هن حوالي سان مٽ مائٽ به اڳتي نڪري انهيءَ سچ چوڻ واري تي وڃي ميارون ڪندا ۽ چوندا ڏس ٻيا سڀ خاموش آهن، پاڻ کي به خاموش رهڻ گهرجي.
    ادا هي پنهنجو آهي!
    اسين سچائي، اجتماعي ڀلائي جي سوچ کي پوئتي ڌڪي هر طرح پنهنجن جي حمايت ڪندا آهيون. ادا ڳالهه سچي ڪبي ۽ لٺ کڻبي پنهنجي ڀاءُ لاءِ!!! باقي ڳالهه کي وزن ڪير ڏيندو؟؟ جيڪڏهن ڀاءُ غلط آهي تڏهن به لٺ اُن جي پاران کڻبي؟؟ جيڪڏهن اهو تصور رهي ٿو ته اُن جو نتيجو اڄ اسان جي سماج جي تباهي جي صورت ۾ جيڪو ٿيو آهي، اُهو اسين ڏسي رهيا آهيون. اسان جيڪڏهن غلط کي غلط نه چونداسين ته پوءِ ڪير اچي انهيءَ غلط جي درستگي ڪندو. هي هڪ وڏو سوال آهي، اسان وٽ نه فقط عام سماج ۾ اِهي رويا آهن، پر اڄ پڙهيل لکيل ماڻهن کان وٺي سياست ۽ معاشري جي هر حصي ۾ اهڙا رويا موجود آهن. انهن جي ڪري ئي سماجي بگاڙ هن وقت عروج تي آهي. معاشرتي زوال جي هنن سببن تي وڏي تحقيق جي ضرور آهي، پر اسان وٽ اهڙي طرح سوچيو ئي نٿو وڃي.
    پنهنجو ڀلي هر قسم جي ڀينگ ڪري ڇڏي. استاد طور اسڪول نه وڃي، پوليس واري طور ماڻهن جي کل ابتي لاهي ڇڏي، تپيدار طور هارين ۽ کاتيدارن کي ڏويون ٽنگائي ڇڏي، منشيات فروش طور سموري سماج جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏي، پر ڇاڪاڻ ته هو پنهنجو آهي، ان ڪري پنهنجو ڀلي سڀ ڪجهه ڪري!!!
    ادا ڪجهه نه ٿيندو، ڇا ڪجي؟!!!
    اسان وٽ اهو عام تصور موجود آهي ته ادا ڇا ڪجي ڪجهه نه ٿيندو. سماج ۾ سچ نه ڳالهائجي، حق ۽ سچ جي ڳالهه نه ڪجي، سچائي جو الم بلند نه ڪجي، ڪٿي ڪا درخواست نه ڏجي، ڪنهن کي حق سچ نه چئجي، ظلم خلاف ڪو آواز بلند نه ڪجي، ڪو بهتر سياسي عمل نه ڪجي، ڪٿي ڳوٺ جي ترقي لاءِ ڪا درخواست نه ڏجي، جتي به وڃبو ۽ دانهن ڪوڪ ڪبي، اُتي ڪو داد فرياد نه ٿيندو ۽ ماڻهن ۾ عام طرح اهو ئي خيال ڦهليو ته ادا ڪجهه نه ٿيندو.
    حڪمران طبقن ۽ حڪمران رهندڙ وڏيرن، اُنهن جي ڀلاوڻن ۽ واٽن جي طرفان مسلسل اِها ڳالهه جبرن عوام جي شعور ۾ داخل ڪئي وئي آهي ته توهان ڀلي ڪجهه به وڃي ڪريو، پر ٿيندو ڪجهه به ڪونه!!! هڪ ڪوڙ کي جيڪڏهن هر دفعي دهرايو ويندو ۽ هر هر اُن جي پروپيگنڊا ڪري ذهنن ۾ وڌو ويندو ته اُن جو نتيجو اِهو ئي نڪرندو ته ماڻهن جا ذهن انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪندا، پر سماج جي سڄاڻ طبقن جي هميشه اِها ڪوشش رهي آهي ته عوام کي انهن فرسوده سوچن مان ڪڍجي، ڇو ته جيڪو ماڻهو اڳ ۾ ئي اهو سوچي ويهي رهي ته ڪجهه به نه ٿيندو ته اهو اڳتي ڪو عمل به نه ڪندو، ڪا بهتر پيش رفت به نه ڪري سگهندو، اُن ڪري اسان کي انهيءَ سوچ جي خلاف مزاحمت ڪرڻ گهرجي.
    حقيقت اِها آهي ته سوچ جو جمود سموري عمل بلڪ بهتر عمل کي پڻ روڪي ڇڏيندو آهي. ان ڪري هن خلاف به مزاحمت ٿيڻ گهرجي. هن مزاحمت جو دائرو وسيع تر آهي، ان ڪري انهيءَ لاءِ وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي.
    افسوس اهو آهي ته اسان وٽ روايتي پڙهيل لکيل ماڻهو بلڪ ڏسڻا وائسڻا اديب دانشور ۽ سماج سڌارڪ اهو چوندي ٻڌا ويا آهن ته توهان ڀلي ڪجهه به ڪريو، هن سماج ۾ هنن حالتن ۾ ڪجهه ٿيڻو نه آهي ! هنن کان جيڪڏهن سوال ڪجي ته ادا پوءِ نيٺ ڇا ڪجي؟ ان جو هنن وٽ ڪو جواب نه هوندو آهي، جيڪڏهن انهيءَ جو ڪو جواب نه آهي ته پوءِ اُن جي معنيٰ اِها آهي ته اسان جو سماج ۽ هيءَ حالتون جيئن آهن، تيئن هجڻ گهرجن، هجڻ کپن. بس هِن ۾ ڪوبه ڦيرو نه اچڻ گهرجي. اصل سماج کي تباهه ۽ نابود ڪندڙ قوتن جو مقصد ئي اهو آهي ته هي سماج جتي آهي، اُتي ئي موجود هجي. ظاهر آهي ته هي سماج جيڪڏهن جيئن جو تيئن موجود هوندو ته ان جو نتيجو حڪمران ۽ ظالم ماڻهن جي حق ۾ ئي نڪرندو. اسان جي سماج ۾ اهڙين منفي سوچن جو رجحان ۽ اُنهن جو سلسلو ملي هڪ وڏي اجتماعي جمود کي جنم ڏي ٿو. هي جمود جنهن سطح تي اڄ موجود آهي، اُن جون علامتون اِهي آهن جو سماج وڏي پئماني تي انتشار جو شڪار آهي. بشڪريه عبرت ***
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو