• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاهه سائين جي رسالي جي موضاعاتي لغت

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
شاهه سائين جي رسالي جي موضاعاتي لغت​
مرتضيٰ سيال
شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جو فڪر ۽ فلسفو ايترو ته جامع ۽ آفاقي آهي جو پوري دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. اسان سنڌي ماڻهن جي اها تمام وڏي خوشنصيبي به آهي جو شاهه سائين جهڙو عظيم ڏاهو ۽ آفاقي شاعر سنڌ ۾ پئدا ٿيو ۽ سنڌ مان پنهنجي ڏاهپ، فڪر ٿوري پيغام کي دنيا تائين پهچايائين. جيتوڻيڪ شاهه سائين جي ڪلام ۽ فلسفي تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم ٿيو آهي، دنيا جي ٻئي ڪنهن شاعر تي ايترو ڪم شايد ئي ٿيو هجي پر باوجود اُن جي اسان جي نئين نسل ۾ شاهه سائين جي ڪلام ۽ فڪر جي اوچائي کي چڱيءَ طرح سمجهڻ وارو شعور اڃان تائين پئدا ٿي نه سگهيو آهي. اسان جا چڱا ڀلا پڙهيل لکيل ماڻهو به شاهه سائين جي ٻولي، لفظن جي معنيٰ ۽ اُچارن ۾ منجهي ٿا پون، ايڏي وڏي ۽ عظيم شاعر جو ڪلام اسان جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ موجود هـُـجي ۽ اسين اُن کي سمجهي ۽ هينئن سان هنڊائي نه سگهون ته اها اسان جي تمام وڏي ڪوتاهي ليکبي. شاهه سائين جي ٻولي عوامي آهي پر اُن کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي اُن ڪري محسوس ٿي رهي آهي جو اسين ٻولي جي لهجن، اصطلاحن ۽ محاورن کي نه ٿا سمجهون ۽ نه ئي اُن حوالي سان ڪا ڪوشش ٿا ڪريون. بنهه گهٽ ماڻهو اهڙا آهن جيڪي شاهه سائين جي ٻولي، فن ۽ فڪر کي سمجهن ٿا نه ته گهڻائي اڻ واقف آهي. شاهه سائين جي ڪلام ۽ فڪر تي ڪيترن ئي عالمن ۽ ڏاهن پنهنجي وس آهر ڪم ڪيو آهي بهرحال پوءِ به اُن احساس ۾ ڪابه گهٽتائي ناهي آئي ته شاهه سائين تي جيترو به ڪم ٿيو آهي اهو گهٽ آهي، بهرحال پيار جي پورهيي ۾ جن هڪ وک به کنئي آهي اهي شابس ۽ مبارڪن جا حقدار آهن، ڇا لاءِ ته چڱائي واري ڪم ۾ هڪ قدم به اهميت وارو هوندو آهي.
شاهه سائين جي رسالي جي موضوعاتي لغت "هٿ جا هـُـنر" جو جلد پهريون منهنجي سامهون آهي جيڪو الهه رکيو ٻـُـٽ ۽ سليم ڀـُـٽو لطيفي وڏي پيار سان سهيڙيو آهي. جنهن خوبصورتيءَ سان لغت کي سهيڙيو ويو آهي اهڙي ئي خوبصورتيءَ سان اُن کي شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. 347 صفحن تي مشتمل هن موضوعاتي لغت ۾ اها ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته پڙهندڙ کي شاهه سائين جو ڪلام پڙهڻ وقت تمام گهڻي سولائي ٿئي ۽ سهيڙيندڙ يقينن اُن ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيا آهن. لغت جي سامهون اچڻ سان اِهي سوال پئدا ٿيا ته شاهه سائين جي ڪلام کي ڪافي محققن سهيڙيو آهي اُن حوالي سان لغت عام پڙهندڙن لاءِ ڪيئن لاڀائتي ٿيندي؟ ڪهڙي رسالي کي سامهون رکي لغت تيار ڪئي ويئي آهي؟ ۽ ٻين رسالن لاءِ لغت مان ڪيئن مدد حاصل ٿي سگهندي؟ جڏهن ڊاڪٽر غلام علي الانا جو تفصيلي مهاڳ ۽ لغت جي سهيڙيندڙن جا ٻه اکر پڙهيم ته سڀني سوالن جا جواب ملي ويا.
رسالي جي موضوعاتي لغت جي سٽاءُ کي آسان بنائڻ لاءِ سنڌ جي هنرن ۽ ڪرتن کي الڳ ڪري پهرين جلد ۾ الف ب وار هٿ جا هنر رکيا ويا آهن. هر هنر کي عنوان ٺاهي اُن جي هيٺان لاڳاپيل اصطلاحن کي به الف ب وار رکيو ويو آهي اصطلاحن جي سامهون ترتيب سان سـُـر جو نالو الف ب وار، داستان نمبر، صفحو، بيت نمبر ۽ سٽ نمبر ڏنا ويا آهن. آخر ۾ اصطلاح جي سولي سنڌيءَ ۾ معنيٰ ڏني ويئي آهي. جڏهن ته هر هنر جي تاريخي ۽ ثقافتي پس منظر تي به تفصيلي معلومات ڏنل آهي، اهم ڳالهه اِها آهي ته هن لغت لاءِ ٻانهي خان شيخ جي ترتيب ڏنل رسالي کي بنياد بڻايو ويو آهي ڇا لاءِ ته اُن رسالي ۾ وڌ کان وڌ ڪلام ڏنل آهي، ساڳي وقت ٻين رسالن لاءِ به هي لغت سونهين جو ڪم ڏيندي، اهو هيئن ته ٻانهي خان جي رسالي کان ٻاهر کنيل اصطلاحن هيٺان واضح علامتون ڏنيون ويون آهن. مثال طور علامه آءِ آءِ قاضي جي ترتيب ڏنل رسالي لاءِ "ع"، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري رسالي لاءِ "ب"، حاجي الهداد جنجهي واري لاءِ "ج" غلام محمد شاهواڻي واري لاءِ "ش" ۽ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي واري رسالي لاءِ "گ" ڏنو ويو آهي، جنهن سان ڪافي سولائي ٿئي ٿي.
شاهه سائين جي رسالي جي موضوعاتي لغت سچ پچ ته هڪ سونهين جو ڪم ڪندي، شاهه سائين جي ٻولي، محاورن ۽ اصلاحن کي سمجهڻ لاءِ يقينن هي پنهنجي نوعيت جو انوکو ڪم آهي، جنهن سان ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ماڳ ۾ لکي ٿو ته، "شاهه سائين جي ڪلام جي حوالي سان لکيل ايترين لغتن جي مواد هوندي به "شاهه جي رسالي جي موضوعاتي لغت" واري هن نسخي ۾ شامل ڪيل مواد ۽ اُن جي ڪيل تحقيقي ڪم، شاهه جي ڪلام تي مرتب ڪيل هن لغت جو معيار گهڻو مٿانهون آهي، هي لغت اهو تحقيقي ڪم آهي، جنهن جي لطيف سائين جي ڪلام جي اڀياس ڪندڙن کي سالها سال، اڳ ضرورت هـُـئي ڇاڪاڻ ته سنڌ وطن جيڪو تهذيب، تمدن ۽ ثقافت ۾ دنيا جي تمدن ۽ ثقافتن ۾، پنهنجيءَ حيثيت ۽ سڃاڻپ جو مالڪ آهي، اُن جي ثقافت جا ايترا ته پهلو آهن، جن جي فقط لغوي خزاني کي گڏ ڪرڻ ۽ سنڌي ثقافت جي لغت ٺاهڻ ئي هڪ وڏي ۽ اعليٰ ڪمال وارو ڪم ٿي سگهي ٿو."
شاهه سائين جي ڪلام جي موضوعاتي لغت اصل ۾ شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي جو پروجيڪٽ آهي جنهن جو هي پهريون حصو آهي جيڪو ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن جلد ۾ هٿ جي هنرن لاءِ ڪم آيل لفظن جي لغت ڏني ويئي آهي. ڄاڻايل پروجيڪٽ جا ڪـُـل 13 جلد تجويز ڪيل آهن جن ۾ هن پهرين جلد کانسواءِ رسالن ۾ موجود ڪرتون ۽ ڌنڌا، رسالي ۾ انساني حقن جي اپٽار، رسالي جي ٻولي، لهجا، گرامر ۽ گهاڙيٽا، رسالي ۾ موجود سائنس تي مواد (ارضيات، حيوانيات، فلڪيات، نباتات ۽ ڪيميا وغيره)، رسالي ۾ اخلاقيات، نفسيات ۽ منطق وارو مواد، رسالي ۾ موجود سنڌ جي ريتن ۽ رسمن رواجن ۽ سوڻن ساٺن بابت مواد، رسالي ۾ موجود ماڳ ۽ مڪان، تاريخ ۽ تاريخي اهڃاڻ، رسالي ۾ موجود سوانحي ڪردار، نالا ۽ ذاتيون يا قبيلا، آبهوا ۽ موسمون شامل آهن. مٿي ذڪر ڪيل سڀني حوالن سان اهڙو ئي ڪم ٿيو جهڙو هن پهرين جلد ۾ آهي ته يقينن اهو تمام وڏو ۽ فخر لائق ڪم هوندو.
هن لغت ۾ محققن هر هنر لاءِ ڪم آيل لفظن جي داخلا ۽ انهن جي سمجهاڻي کان اڳ، هر هنر جي وضاحت يا تشريح به ڪئي آهي جنهن سان معلومات ۾ واڌارو ٿئي ٿو، شاهه سائين جي ڪلام ۾ آيل عام اصطلاح جون به ڪيئي معنائون ڏئي پڙهندڙن لاءَ تمام گهڻي سولائي پئدا ڪئي وئي آهي، مثال طور ڌٻر/ ڌٻرا جون معنائون رلي، گودڙي، کٿي، لوئي، لٽا ليڙون، گوڏون، لانگوٽيون، ڌوتيون جون معنائون پياليون، جمنيون، ڪستا، ڪرمنڊل، فقيرن جو ساز سامان، اهڙي طرح 347 صفحن تي پکڙيل هن موضوعاتي لغت ۾ ڏاڍو سهڻو ڪم ڪيو ويو آهي. لغت ۾ جن هنرن سان لاڳاپيل لفظن جون معنائون ۽ تشريح ڏني ويئي آهي اُن هنر يا ڪرت سان لاڳاپيل هنرمندن جي حوالي سان به مفيد معلومات ڏني ويئي آهي.
آئون ته يقين سان اهوئي ئي چوندس ته اهو عشق آهي جيڪو اهڙو ڪم ڪرائي ٿو، عشق کانسواءِ اهڙو ڪم ٿئي اهو ناممڪن آهي. سليم ڀٽو لطيفي ۽ الهرکيو ٻٽ هن سهڻي ڪم لاءِ مبارڪون لهڻن، هاڻي اسان جي سڀني پڙهندڙن کي گهرجي ته هن سهڻي لغت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن ۽ شاهه سائين جي ڪلام ذريعي پنهنجون راهون روشن ڪن.
بشڪريه عبرت
 
Back
Top