ڀٽائيءَ وٽ عورت جي ايتري عزت ڇو آهي؟ نصرت لاشاري ڏيڍ سال اڳ ڀارت جي گاديءَ واري شهر دهليءَ جو درشن ڪرڻ جو موقعو مليو. شهر جي سونهن سڀيتا، علم، ڏاهپ، قانون، انڊيا گيٽ، جامع مسجد، لال قلعو، قطب مينار ۽ مغلن جون ٺهرايل عاليشان عمارتون ۽ آرٽ جا سهڻا نمونا پسڻ کان پوءِ دل گهريو ته دهلي اچجي ۽ نظام الدين اولياءَ جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ بنا واپس وڃڻ مناسب ناهي. سو هڪ ڏينهن جي ڪانفرنس جو پهريون سيشن اٽينڊ ڪري مان، آپا ممتاز ڀٽو (آمريڪا مان آيل) شبنم موتي، ماهين هيسباڻي ۽ هڪ ٻي ڀيڻ حضرت نظام الدين اولياءَ جي مزار ڏانهن روانا ٿياسين. مولچند اسپتال، نهرو پيلس، لجپت نگر ۽ ايروز سئنيما هال روڊ تان ٿيندا، حضرت نظام الدين جي درگاهه ٻاهران چپل گاڏي ۾ ئي رکي، اسين سوڙهي گهٽيءَ جنهن جي ٻنهي پاسي گلن جي چادرن ۽ پڙن، پتاشن، ۽ گلن جا دڪان هئا، اتان پار پئي پهريان امير خسرو جي قبر تي فاتح پڙهي ۽ پوءِ حضرت نظام الدين جي مزار ڏانهن ويوسين. اسان اڃا دروازي مان داخل ئي ٿيونسين ته درگاهه اندر اڇا ڪپڙا پاتل، اڇو پٽڪو ٻڌل ڊگهي قد واري ڀائي وڏيون اکيون ڦاڙي چيو ته، ”اندر عورت جو اچڻ منع آهي.“ اسان کيس وراڻيو ته مهمان آهيون، سڪ مان حاضري ڀرڻ آيون آهيون، ته پوءِ هن انتهائي سخت لهجي ۾ وراڻيو ته ”پوءِ ٻاهر کان ئي دعا گهرو، اندر صرف مرد ئي اچي سگهن ٿا.“ اسان ٻاهران ئي فاتحه پڙهي واپس وريوسين. گاڏيءَ ۾ ويهي مون سوچڻ شروع ڪيو ته ايران جي ٽن وڏين درگاهن امام علي رضا جي مزار (مشهد شهر ۾) ۽ قم ۾ معصومه بيبي جي درگاهه تي به مرد-عورت جو ڪو مت ڀيد نه هيو، اهو ته ٺهيو اجمير شريف ۾ خواجه معين الدين چشتي جي درگاهه ۾ به اسان عورتن کي لکين عزتون ڏنيون ويون، مزار جي اندر وڃي اسان گلن جي چادر چاڙهي، اتان جي گادي نشين مردن کي گلابي رنگ جا پٽڪا ۽ عورتن کي ڳاڙهيون چنريون تحفي طور ڏنيون. ٻيو ته ٺهيو، پر ڪعبه شريف ۾ به عورتن تي ڪا پابندي ناهي. اٽلي جي سينٽ پيٽرس اسڪوائر ۾ مردن ۽ عورتن جو وڏو تعداد گڏجي عبادت ڪري ٿو، هر سال ڪرسمس جي موقعي تي اٽلي ۾ لکن جي تعداد ۾ مرد توڙي عورتون پنهنجي روحاني پيشوا جو خطبو ٻڌڻ اچن ٿا. پر هيءُ پهريون موقعو هو، جو ڪنهن درگاهه ۾ عورت جي اچڻ تي منع ٿيل هئي. اسان وٽ شاهه لطيف پرڏيهان پنڌ ڪري اچڻ وارن لاءِ پُرڪشش بڻيل آهي. ان جي نظر ۾ عورت جو مقام انتهائي اوچو آهي، شاهه سائين کي عقيدت جا گل چاڙهڻ لاءِ ڪنهن به عورت کي چاهي اها هندو هجي، مسلم يا عيسائي، تنهن کي ڪا به جهل پل ڪونهي. ”نه ڪي جهل نه پل سڀ ڪا پسي پرين کي“ اسان وٽ ڀٽائيءَ جي اڱڻ ۾ ڪنڊن کان ويٺل مرد توڙي عورتون ڀٽائيءَ سان پنهنجو اندر اورين ٿيون. دنيا جي ٻن وڏن شاعرن شاهه لطيف ۽ شيڪسپيئر ٻنهي پنهنجن تصنيفن توڙي شاعريءَ ۾ سورمن کان وڌيڪ سورمين کي اڀاريو آهي. شاهه جي شعر ۾ عورت جو بيان ڏاڍي پيار ۽ دُلار سان ڪيل آهي. هو پنهنجين سورمين کي قدم قدم تي ويساهه ڏيئي ٿو، ڏڍ ۽ دلاسا ڏئي ٿو ۽ همٿ وڌائي کين اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهه ڏيئي آماده ڪري ٿو ۽ چُڪ ڪرڻ تي کين ڇنڀي ٿو. شاهه سڀني سورمين کي مختلف انداز ۾ اتساهه ڏيئي ٿو. سهڻي جيئن ته سڪ جي سامهون دنيا کي تڇ ڪري ٿي سمجهي، محبت جي دنيا ۾ هوءَ بلڪل بي ڊپي ۽ بهادر آهي، شاهه هن لاءِ چوي ٿو ته، سانوڻ گهڙي سڀڪا، هيءَ سر هي سياري! مطلب سانوڻ ۾ ته سڀ ڪا درياهه ۾ ٽپيو پوي، پر سهڻي سياري جي ٿڌ ۾ به پاڻيءَ ۾ گهڙي آهي ته به پيئي بهار بهار ٿئي! ڀٽائيءَ کي سهڻيءَ جي بهادري تي خوشيءَ جو احساس ٿئي ٿو، مارئيءَ جي سڪ کي دل جي گهراين سان محسوس ڪري ٿو. مارئي کيس روئندي سٺي نٿي لڳي، کيس هڪل ڪندي چوي ٿو ته، مَ ڪي روءَ مَ رڙ ڪي، مَ ڪي ڪر دانهون، سُتي لوڪ لطيف چئي، پيئي کڻج ٻانهون، لڌيئه جت لائون، سو ڏيهه پسندينءَ مارئي! ڀٽائيءَ کي پنهنجي سنڌ بيحد پياري آهي، ان ڪري مارئيءَ کي حب الوطنيءَ جو مجسمو بڻايو اٿس. هو مارئيءَ کي ڏڍ ڏيندي چئي ٿو ته، مون کي مليو سامهين، وٺي ٻانهن وڃانس، اجر ٿي ريڙهيانس، سنهاري ساڻيهه ڏي! ڀٽائيءَ سسئيءَ سان به رهاڻيون ڪيون آهن، ساڻس اندر اوريو آهي. کيس اهڙو ته حوصلو ۽ همٿ ڏني آهي جو هوءَ جبل سان به ٽڪر کائڻ لاءِ تيار آهي. شاهه پنهنجين سورمين کي نه رڳو پيار ڪيو آهي، پر هر هڪ سورميءَ سان ملي هڪ ٿي ويو آهي، ايئن هو ڄڻ پاڻ کي پيو سمجهائي ۽ سينگاري. پنهنجي وطن جي حب ظاهر ڪرڻ لاءِ هن مارئيءَ کي سرجيو آهي. پنهنجي راڳ جو شوق ظاهر ڪرڻ لاءِ هن ”سُر سورٺ“ رچيو آهي. پنهنجي محبوب سان وڇوڙي ظاهر ڪرڻ لاءِ هو وڻجاري بڻيو آهي. پنهنجي ور جو اوسيئڙو ڪندڙ سُر سامونڊي سرجيو آهيس. پنهنجي دلبر لاءِ نيڻن مان نير وهائي انتظار ڪندڙ مومل ٿيو آهي. پنهنجي سرتاج اڳيان نوڙت واري ”نوري“ ۽ پنهنجي سهاڳ اڳيان هو ليلائيندڙ ”ليلا“ آهي. هن جي سوز ۽ سڪ جو انتهائي روپ سسئي آهي. ڏکي ٿي ڏور لهسي لنئو پنهونءَ جي، ڏيئي آڳ اندر، سڀ نه ساڙي سسئي! سسئي، جنهن کي پنهونءَ سڄو ساڙي رک نه ڪيو آهي، پر اڌ کاميو ڪري تڙپڻ ۽ ڦٿڪڻ لاءِ ڏهاڳ ڏيئي ويو آهي، ان طرح شاهه پنهنجي جيءَ جو عڪس پسائڻ لاءِ پنهنجي جيءَ اندر اُجارڻ لاءِ پنهنجو پاڻ پسائڻ لاءِ پنهنجي دل جي ڌڙڪڻ ٻڌائڻ لاءِ مرد بدران عورت جي اڌمن کي، جذبن کي ئي پنهنجي اندر جي عڪاسي طور ڪم آندو آهي. عورت ڀٽائيءَ جي لاڏلي آهي، تڏهن ته سندن رسالي ۾ عورت جو مڪمل روپ ڏسڻ لاءِ ملي ٿو. رسالي ۾ راڻيون، شهزاديون، ڌوٻياڻيون، ککي هاڻيون مهاڻيون، ڪنڀارڻيون مطلب ته بنا ڪنهن مت ڀيد جي هر طبقي جي عورت آهي. عورت جو گهريلو روپ به رسالي ۾ آهي. اسُر جو اٿي کوهه تان پاڻي ڀريندڙ، ڏهي ولوڙيندڙ، ٻڪريون چاريندڙ، مڇيون وڪڻندڙ، ککيءَ هاڻيون کاريون ۽ ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ کڻندڙ، پاڻيءَ ۾ تڙڳندڙ باسون باسيندڙ، ڏيئا موهيندڙ ۽ دان ڪندڙ گيهه جا ڏيئا ٻاري ڏياري ڪندڙ، چرخو هلائي سُٽ ڪٽيندڙ، ته دلبر ڏانهن ڊوڙندڙ عورت به شاهه وٽ آهي. هو پٽ راڻي توڙي گندري ۾ ڪو به فرق نٿو ڪري. ڀٽائيءَ جي در تي ڪو به اهڙو بورڊ لڳل نه آهي ته هتي عورت جو اندر اچڻ منع آهي.