جواب: هو حسينه چنڊ ته ناهي! پيارا سائين ڊاڪٽر سجاد سرور شال جُڙيو هُجين۔ ڪافي ڏينهن کان پو توهان جو هڪڙو نهايت ئي خوبصورت نظم هو حسينه چنڊ ته ناهي پيارِي چترڪاري جي روپ ۾ پڙهڻ لا مليو، جدت سان لبريز هن نظم ۾ چنڊ ۽ حسينه ٻنهي جي توهان ڀيٽ ڪئي آهي بلڪل شاهه سائين جي سُر کنڀات جي بيتن وانگر ته پيشاني ۾ پرين جي ، ڀلائِي جا ڀيرَ، اڱڻ اُڪَنڍينِ جي ڏي پاٻوهي پيرَ قمر پاڙي ڪيرَ، شمسُ سُپرينِ سين (شاهه سائين) يا وري، چَنڊَ ! چوان حَقُ !جي وِڙهين جي وِچرين ، ٻه اکيون ٽيون نَڪُ، تو ۾ ناههِ پرين جو ! (شاهه سائين) ۽ ڊاڪٽر سائين توهان جو هي نظم ته شاهه سائين جي هن انتهائي پياري بيت ته چَنڊَ ! چوان سَچُ، جي مَٺِي نه ڀانئِين ، ڪڏهن اُڀرين سنهڙو، ڪڏهن اُڀرين ڳَچُ، مُنهن ۾ ٻرَيئي مَچُ، تو ۾ ناهِ پيشاني پرين جي !(شاهه سائين) جي فلسفي سان انتهائي قريب ترين آهي، دوست چنڊ کي ڀلي ڪو سپنو نه به هُجي پر اسان جيڪي پيار جا پانڌيئڙا هن جهان ۾ رهون ٿا، چنڊ کي ايترو اگنور به ڪونه ٿا ڪريون، چنڊ هر دور ۾ پيار ڪرڻ وارن جو ساکي رهيو آهي بلڪل شاهه سائين جي هنن بيتن وانگر ته تون چَنڊَ ! اُهوئِي جو هُتِ پَسِين ٿو پرِين کي، آڏتُ چئج اُن کي، ڏيان جو روئِي ، هيڪاندِي هوئِي، سانگُ مَ پوي سڄڻين !(شاهه سائين) اڄ پڻ اڇائِي چوڏهيِن ماهَ چنڊَ جِي ، مون گهر مون پرين جي اچڻ جي وائِي، مون گهر واڌائِي ، پيئِي کامَ کَرَنِ ۾ !(شاهه سائين) باقي رهي حسينه واري ڳالهه ته دوست حسينائون نه هُجن ها ته اصل عاشق ويچارا پريشان حال هُجن ها۔ بهرحال ايترو خوبصورت نظم ونڊڻ لا لکين کيرون لهڻو !
جواب: هو حسينه چنڊ ته ناهي! مهرباني سائين نثار صاحب جو توهان ايتري همٿ افزائي ڪيو ٿا! ادا طاهر سنڌي توهان جي به مهرباني!
جواب: هو حسينه چنڊ ته ناهي! هو حسينه چنڊ ته ناهي ٽائٽل ڏسي ڪري ڪجه مسجه ۾ نه آيو شاعري تي ته داد ڏيڻو پوندو پر هڪ ڳاله اها به ڪبي ته ۔ هو حسينه چنڊ ته ناهي ڀلا جي چنڊ هجي ها ته به ڪا وڏي ڳله ڪونه هئي پوء به ان تائين پهچڻ ناممڪن ڪونه هو ٻه چار امريڪي يا انڊين چڙهي ان تي به پهنجو جهنڊو ضرور ڳاڙين ها