ساهتيءَ جو هيرو، ڊاڪٽر غلام قادر سومرو افتخار سومرو ناليواري تعليمدان، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر غلام قادر سومري 15 فيبروري 1933ع تي ساهي پرڳڻي جي ڳوٺ ڏيٿا لڳ ٺارو شاهه، ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو. 1950ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري 17 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي مادر علمي ٺارو شاهه هاءِ اسڪول کان پنهنجي علمي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. 1955ع ۾ بي اي (آنرس) 1957ع ۾ بي ٽي (ٽيون نمبر) 1960ع ۾ ايم اي (پهرين پوزيشن)، 1967ع ايل ايل بي ۽ 1988ع ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي نگراني ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. 1957ع کان 1981ع تائين مختلف اسڪولن ۾ انتظامي سربراهه يعني هيڊ ماسٽر رهڻ دوران اعليٰ تعليم ۽ ثقافتي سرگرمين جو اهڃاڻ مڃيو وڃي ٿو. 1961ع ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ باني استاد ۽ سنڌي شعبي جي صدر ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمت دوران 1985ع ۾ خانبهادر حسن علي آفندي جي قائم ڪيل اسڪول سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي جي پرنسپل جي حيثيت ۾ سندس ڪيل علمي، ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. سنڌ مدرسي کي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي درسگاهه جو شرف پڻ حاصل آهي. ساهتي پرڳڻي خاص ڪري ٺارو شاهه جي علمي ادبي ۽ صوفياڻي ماحول سبب هندو توڻي مسلمان اُستادن جي رهنمائي ۾ کيس لکڻ، پڙهڻ جو شوق جاڳيو ۽ شروعات ننڍن مضمونن ۽ ليکن سان ڪيائين. پاڻ 1955ع کان باقائدي لکڻ جي شروعات پنهنجي پهرين ليک ”سيد الشهداءِ“ سان ڪيائون، جيڪو ان وقت جي روزاني اخبار نواءِ سنڌ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو. 64-1961ع دوران ساڳي اخبار ۾ علمي ادبي صفحي وارو مستقل ڪالم ”ادب نواز“ ڇپبو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر غلام قادر سومري جون سنڌي ٻوليءَ جي صحت ۽ معيار جي حوالي سان لکندڙن جي تحريرن تي اصلاحي تنقيدون ڇپبيون هيون. انهيءَ عرصي وچ ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي رسالي جو شريڪ ايڊيٽر رهيو، جنهن ۾ ڇپيل سندس لکڻين مان ”ملاکڙو“ اهم آهن. 1965ع ۽ 1970ع ۾ سندس ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب ”.... ۽ ڌوڙيا پئجي ويا“ ۽ ”سهڻا ٽوهه“ ڇپيا، جنهن ۾ معاشرتي اوڻاين جي نشاندهي ڪيل آهي. 1970ع کان 1998ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ سان درسي ڪتابن جي ليکڪ ۽ مترجم جي حيثيت ۾ لاڳاپيل رهيو. 1988ع ۾ سنڌي تحقيقي ادب جي تاريخ ۾ پهرين ۽ انوکي موضوع ”سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح“ تي ڀرپور مقالو لکي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪري مڃتا ماڻيائين. اها ٿيسز ڪتابي شڪل ۾ ثقافت کاتي وٽ اشاعت جي اوسيئڙي ۾ پيل آهي. تنهن کانپوءِ روزانين اخبارن لاءِ مزاحيه مضمون ۽ مستقل ڪالم لکڻ شروع ڪيائين جنهن جو تعداد لڳ ڀڳ ٻه سو کن ٿيندو. تحقيق جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان لاڳاپيل ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيائين، جنهن ۾ ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت“ ناياب آهي. هي ڊڪشنري سنڌي توڻي انگريزي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۾ پهرين ۽ انقلابي ڪوشش آهي ۽ جنهن جو مثال ئي ڪونه ٿو ملي، هن کي تيار ڪرڻ ۾ ويهن سالن جو عرصو لڳو، انهي لغت کي (1000 صفحن تي مشتمل) سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي طرفان 1996ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ٻولي جي حوالي سان سندس ٻيو ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۾ انگن جو ادبي ڪارج“ پڻ موضوع جي حوالي سان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اڻلڀ، پهريون ۽ سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب چواڻي ته هڪ مشڪل پسندي وارو عنوان آهي. ڪتاب موضوع تي مڪمل ڄاڻ ڏئي ٿو. باب پهرين ۾ انگن، هڪ کان 10 کرب (Billion) تائين ڄاڻ ڏنل آهي. انگن تي آڌاريل اصلاحن ۽ پهاڪن جي سمجهاڻين لاءِ ڀراءَ طور نثر توڙي نظم مان موضوع جي مناسبت سان، کوڙ سارا مثال ڏئي انهن جي تشريح ۽ وضاحت ڪئي ويئي آهي، جنهن مان مصنف جي وسيع مطالعي ۽ محنت جي ڄاڻ ملي ٿي. ڊاڪٽر غلام قادر سومري جي ماهوار نئين زندگي رسالي لاءِ لکيل تحقيقي مضمونن جي وچور ۾ (1) سنڌي گرامر ۾ لفظن جون تصغيري صورتون (2) شاهه لطيف جي شاعري ۾ چوڻيون (3) آتڻ (4) مرثيه نگاري ۽ سيد ثابت علي شاهه (5) سنڌ جو ٽپال سرشتو (6) يادن جو ڇانورو- سائين طالب الموليٰ (7) آنر ابل سيد الهه آندو شاهه وغيره اهم آهن. انهي کان علاوه ماهوار رهبر ڊائجسٽ ۾ ڇپيل لکڻين ۾ ”سونهاري جو سفر“ ۽ ”سائر ٻوڙيون“ (ڪهاڻيون) ۽ 81-1980ع ۾ ماهوار اديون رسالي ۾ ڪيترائي مضمون ”ٻولي سان ٻيجاري“، ”پهاڪا ۽ ڊونگل“، ”حسينه پوپري“ ۽ ڪوڏاڻا (لوڪ گيت) وغيره قابل ذڪر آهن. ٻولي تي سندس اڻ ڇپيل مقالن ۾ (1) سنڌي ٻولي ۾ لفظن جو ورجاءُ (هڪ اهم ۽ بنيادي موضوع: سنڌي ٻولي اختياري وٽ اشاعت لاءِ پيش ڪيل آهي.) (2) سنڌي ٻولي جي لکت ۾ املا ۽ انشاءَ جا مسئلا ۽ انهن جو حل. (3) ساهتيءَ جي لغت اهم آهن. پاڻ مترجم هئڻ جي حوالي سان 1961ع ۾ رائيڊر هئگرڊ جي مشهور ناول ”رٽرن آف شي“ (Return of She) جو سنڌي ترجمو ”سائڻ“ جي نالي تي ايم اي لاءِ ٿيسز طور ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين، جيڪو پڻ قلمي صورت ۾ ڇپائي لاءِ موجود آهي. ترجمي نگاري جي حوالي سان آفريڪي ناول (Undesirable Elements) جو سنڌي ترجمو ”ور چڙهي وڃڻ جي پيڙا“ نالي سان ڪيائين، جنهن کي سنڌيڪا اڪيڊميءَ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو ۽ اداري طرفان ڇپايل ”ويبسٽر بيسڊ انگريزي- سنڌي لغت“ جي تياريءَ ۾ پڻ سندس اهم ڪردار آهي. 1853ع ۾ هڪ انگريز ڪرنل جي ساهتي پرڳڻي بابت لکيل ڪتاب جو پڻ سنڌي ترجمو ڪيائون، جيڪو ساهتيڪا اڪيڊميءَ جي اشاعتي پروگرام ۾ سرفهرست ڇپائي لاءِ هلندڙ آهي. ڊاڪٽر غلام قادر سومرو هڪ ئي وقت سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ انگريزي ٻولي جو ماهور استاد هو. اڄ به سندس ڪيترائي شاگرد سندس پڙهائڻ ۽ جي طريقي ۽ گهرائي کي ياد ڪن ٿا. پاڻ ڪيترن ئي مڊل اسڪولن کي هاءِ اسڪولن جي درجي ڏيارڻ سان گڏ انهن کي امتحاني سينٽرن جو درجو پڻ ڏياريائين، جنهن سان سيڪنڊري تعليم جي واڌ ويجهه ٿي. پاڻ ڪيترن ئي بهترين جڳهن تي استاد ۽ منتظم رهيا، جتي نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين جا سرواڻ رهيا. جهڙوڪ مختلف موضوعن تي سيمينار، مذاڪره ۽ تقريرون ڪرائڻ سان گڏ رانديون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ ڪرائيندا هئا، جن جا اسڪرپٽ پڻ پاڻ لکندا هئا. مهراڻ يونيورسٽي ۽ سنڌ مدرسته الاسلام ۾ رهڻ دوران پاڻ هميشه علم جي واڌ ويجهه ۽ شاگردن جي ڀلائي وارين پاليسين کي لاڳو ڪرائڻ ۾ سندن اهم ڪردار رهيو. 1963ع ۾ برٽش ڪائونسل طرفان ائبٽ آباد ۾ انگريزي تعليم جي سلسلي ۾ 15 ڏينهن واري سيمينار ۾، سنڌ جي نمائندگي ڪيائين ۽ ڀرپور حصو ورتائين ۽ شريڪ ٿيندڙن کي سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي تعليم ۽ سنڌي ادب متعلق ڄاڻ ڏنائين. ڪيترن ئي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن/ سوسائيٽيز جا صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ نگران ٿي رهيو، جنهن جو پڻ هڪ ڊگهو رڪارڊ موجود آهي. 2005ع ۾ وفات کان ٿورو عرصو اڳ هن کاهوڙي انسان ضعيفيءَ جي حالت ۾ سنڌ هنڌ جي مهان راڳي سنگيت آچاريه ماسٽر چندر جي زندگي ۽ فن تي ڪتاب لکيو. اهو ڪتاب ساهتيڪا اڪيڊمي طرفان اپريل 2008ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جي مهورتي تقريب ۾ ڪيترن ئي ڳاڻ ڳڻين ڏاهن ۽ اديبن شرڪت ڪري ڪتاب ۽ لکندڙ جي شخصيت تي روشني وڌي. گهڻ پاسائين شخصيتن جو مالڪ ڊاڪٽر غلام قادر سومرو هڪ صوفي منش، خوش طبع، ملڻسار، ملوڪ ۽ اندر جو اجرو انسان هو. ساهتي جو هي هيرو زندگي ۽ علم ادب جو آخري سفر پورو ڪري 10 آڪٽوبر 2005ع تي 72 ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ پنهنجي علمي ڪارنامن ۽ قلمي پورهيي جي حوالي سان اڄ به زندهه آهي ۽ سندس نالو ايندڙ صدين تائين رهندو بشڪريه عبرت