ناياب پکين جي نسل ڪشي تاج جويو سنڌ، صدين کان سک، امن، آرام ۽ آشتيءَ جي سرزمين رهي آهي. هتي جا ماڻهو تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ پرمار ۽ لٽيرا نه رهيا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو صدين کان وٺي ستايل ۽ سياسي طوفانن جي ڀڄايل ماڻهن، هتي اچي پناهه پئي ورتي آهي. نه رڳو ايترو پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا پکي پکڻ ۽ ساهوارا به ايامن کان وٺي هن سدا سرسبز زمين تي ايندا ۽ هتان جا ٿيندا رهيا آهن. هن ڌرتيءَ تي انهن کي نه رڳو امن، آرام ۽ چوڳو مليو آهي، پر ماء ُواري ڪوسي هنج به نصيب ٿي آهي. مختلف ملڪن مان لکن جي تعداد ۾خوبصورت ترين پکي، جن ۾ڪونجون، آڙيون، نيرڳي، لاکي ڄاڃي، سانهه، پوراڙا، ڊگوش ۽ ٻيا پکي اچي وڃن ٿا، صدين کان هر سال سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي مهينن ۾ سنڌ جو رخ ڪندا آهن. جڏهن لطيف جي لفظن ۾ ”سر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين“ وارو ماحول سنڌ ۾ جنم وٺندو آهي، سهاڳڻيون پرڏيهه يا سنڌ جي مختلف حصن ۾ ڪمائيءَ لاءِ ويل ورن کي سياري ورندي سارينديون آهن، تڏهن ڪونجون ڪرلائينديون، سنڌ پهچي وينديون آهن، نيرڳي، آڙيون، ڊگوش ۽ ٻيا پکي منڇر، سونهري، ڳونهري، حمل، ڊگهه، بڊام، ڪينجهر، مکي، چوٽيارون، بڪار ۽ ٻين ڍنڍن تي پهچي ويندا آهن، سندن اهو سفر هن سرزمين تي هزارين سالن کان جاري ۽ ساري آهي. حالتون سازگار هجن يا ناسازگار، پر هي امن جا پکي، هن عالمي امن جي علامت سرزمين سنڌ ۾ ساهه کڻڻ ۽ چوڳي چوڻي جي تلاش ۾ پڄي ويندا آهن. ڪيترا ڀيرا منڇر ۽ ڪينجهر ڍنڍن تي اهڙا به پکي ڏٺا ويا آهن، جن جي پيرن ۾ پيل ڇلن تي رشيا، سائبيريا ۽ اتر جي ٿڌن ملڪن جا نالا لکيل هوندا آهن. ”ڪونج“ دنيا جي حسين ترين پکين مان آهي، ڪونج ۽ سنڌ جو لاڳاپو ايامن کان قائم آهي، ايتريقدر جو سنڌ جي سماجي زندگيءَ توڙي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ ۾ ڪونج جو ذڪر عام جام ملي ٿو. ڪونج بابت مشهور آهي ته اها پنهنجا آنا سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن دوران اترين سرد جبلن ۾ لاهي سنڌ (لاڙ، ٿر) ڪڇ ۽ هند ڏانهن سفر ڪندي آهي. ڪونج ٽوليءَ جي صورت ۾ سفر ڪندي آهي. جڏهن ڪونجن جو وڳر اڀ تي اڏامندي ڏسبو آهي ته خوبصورت زنجير جو ڏيک ڏيندو آهي. ان مان ڪونجن جي پاڻ ۾ پريت جي ڄاڻ پوندي آهي. ڪونجن جي ان لازوال محبت جومشاهدو ڪندي سندن وڳر واري خصوصيت جو لطيف سائينءَ هن ريت ذڪر ڪيو آهي؛ وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾، پسو پکيئڙن، ماڻهونئا ميٺ گهڻو! شاهه جي رسالي ۾ سر ڏهر توڙي ڍاٽڪي رومانوي داستان ”ڍولا مارو“ ۾ ڪونج جو ڪافي ذڪر آهي. حسين ۽ جميل مارو، پنهنجي محبوب ڍولي جي ياد ۾ رات جو تارا تڪيندي اڀ ۾ ڪونجن جوڪرلاءُ ٻڌي، سندن وڳر ڏسي، ڍولي سان محبت جو اظهار هن ريت ڪري ٿي: ڪونجان رات ڪريڙيو، ٽولي ٽولي ٽِيس، ستي ڍولو ساريو، ارلي ڀاگي اِيس. (رات ڪونجون ٽيهن ٽيهن جي ٽوليءَ ۾ ڪرلائينديون پئي ويون، اي ڍولا! توکي ستي ساريندي، مون ڇاتيءَ جي زور سان کٽ جي ايس ڀڃي ڇڏي.) ڪونج کي ماري ڍٻيءَ ۾ ڦاسائيندا آهن ۽ شڪاري بندوق سان شڪار ڪندا آهن. مور وانگر ڪونج به انتهائي حساس پکي آهي، پنهنجي جوڙ جو وڇوڙو برداشت نه ڪري سگهندي آهي. چون ٿا ته جتي سندس ساٿي ماريو ويندو آهي، اتي لاماري ڏيئي ڪري مري پوندي آهي. تڏهن ته ڀٽائيءَ به وڇوڙو وجهندڙ مارين/شڪارين کي پٽيندي چيوآهي ته: مارِي مرين شالَ، ڍٻ وڃنئي ڍٻيون، جيئن تو اچي ڪالهه. وڌو وچ وِرهيين! ڪونج جو رومانس ۽ پيار، سنڌ جي گهر گهر ۽ ڪنڊ ڪنڊ ۾ مشهور آهي. ”ڪونج“ نالو سنڌ ۾ نياڻين تي عام رکيو ويندو آهي. سنڌ جي برک ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جي نياڻيءَ جو نالو ”ڪونج“ آهي. مزاحمتي شاعر اسير ملاح جي ڀائٽي به ڪونج آهي. سنڌ–هند جي برک ليکڪ هري موٽواڻي 1960ع ڌاري ممبئي (انڊيا) مان ”ڪونج“ رسالو ڪڍيو هو، جيڪو اڄ به سندس ديهانت کانپوءِ سندس ساٿي نند ڇڳاڻي جاري رکيو اچي، جنهن جي پٺيان سنڌ کان وڇڙڻ جو تصور موجود آهي. سنڌ ۾ مائرون، نياڻين کي ڪونجون سڏينديون آهن. پرڻائي ڏنل نياڻين جي ڀيٽ ”ڪونجن“ سان ڪئي ويندي آهي، جيڪي جڏهن گهر/ولرن کان وڇڙي ساهرين وينديون آهن ته مائرون سندن وڇوڙي ۾ گيت چونديون آهن. سنڌي عورتن جي ڳيچن، سهرن ۾ به ڪونج جو ذڪر عام ملي ٿو. ڪُونج ڪاڏهن آئي ڙي! ڪونج ولر واري. کوهن تان ٻيلهڙا ڀري، مٿي ۽ ڪڇ تي کڻي قطار ۾ هلندڙ پاڻهيارين کي ”ڪونجن“ جي قطار سان ڀيٽيو ويندو آهي. شيخ اياز جي هڪ شعري مجموعي جو به نالو ڪونجن جي نسبت سان آهي، ”ڪونجون ڪرڪن روههَ ۾“. ڪونج جي ڊگهي ۽ سنهڙي ڳچي، حسن جي علامت سڏي ويندي آهي، پير علي محمد راشديءَ جو ”ڪونج“ عنوان سان هڪ ڪلاسيڪي مضمون لکيل آهي. ڪونجون سياري جي رت سنڌ ۽ هند جي مختلف علائقن ۾ گهاري وطن واپس ورنديون آهن، ان عرصي تائين انهن جا ٻچا آنن مان ڦٽي چڪا هوندا آهن ۽ وڃي سندن چوڻي پاڻيءَ جو بندوبست ڪنديون آهن. دنيا اندر پکين ۽ جانورن جي نسل ڪشيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪيترائي ادارا جڙيل آهن. خود پاڪستان ۾ وائيلڊ لائيف ۽ فاريسٽ کاتا به قدرت جي هنن حسين شهڪارن کي بچائڻ لاءِ قائم آهن. هڪ ماحول دوست فورم ٿر ۽ ٻين حصن ۾ جهنگلي جيوت/پکين ۽ جانورن کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهي. 1991ع ڌاري جهنگلي جيوت جي عالمي فنڊ جو ان وقت جو صدر شهزادو فلپ پاڪستان آيو هو، ان موقعي تي تلور پکيءَ جي نسل بچائڻ لاءِ پاڪستان جي اڪثر اخبارن ۾ جهنگلي جيوت بچائيندڙ ادارن جا اشتهار ڇپيا هئا ۽ پي ٽي وي پڻ اشتهار ٽيليڪاسٽ ڪيا هئا. تلور سنڌ جو هڪ خوبصورت پکي آهي، جيڪو سياري جي شروعات ۾ جيڪب آباد، بلوچستان سان ملندڙ پٽ واري ڀاڱي، ميرپور ماٿيلي، ڀارت واري سرحدي حصي ۽ چولستان توڙي ٿرپارڪر وارن ڀاڱن، ننگر پارڪر (ڇڇي، ڀيمراڙ راٺي) وَٽِ (ٽيڀاڙي، ڀوٽاڙو)، سامروٽي (علي بندر واري پٽي)، کائڙ (جيسي جو پار، تڙ دوس)، ڇاڇراٽي (کِينسر) ۽ ڪانٽيي وغيره ۾ عام جام ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن خوبصورت پکيءَ جي شڪار تي پاڪستان ۾ قانوني طور پابندي آهي، پر سياري شروع ٿيڻ سان عرب رياستن جا شهزادا سنڌ پهچي ويندا آهن. لاڙ، ٿر ۽ اپر سنڌ ۾ بازن رستي تلور ۽ ٻين پکين جو شڪار ڪندا آهن. کين نه رڳو تلورن ۽ ٻين پکين جي شڪار جي جهل نه هوندي آهي، پر مختلف علائقن ۾ سنڌ وائيلڊ لائيف کاتي جا عملدار ڪجهه لب لالچ ۾ اچي ۽ ڪجهه سرڪاري ”صاحبن“ جي هدايتن تي کين شڪار جون سڀ سهولتون مهيا ڪندا آهن، جيئن هڪ اطلاع موجب، هن وقت ٿر ۾ ٽيڀاري، ڇڇي، ڀيمراڙ راٺي ۽ علي بندر جي وٽ ۾ عرب شهزادن لڏا لاهي اچي ڪئمپون قائم ڪيون آهن. سنڌ وائيلڊ لائيف کاتي ۽ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ پاران ڪنزرويٽر ۽ گيم وارڊن مقرر ڪيل آهن، جن جو ڪم ناياب پکين ۽ جانورن جي نسلن کي بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ هوندو آهي، پر اخباري خبرن ۽ ذاتي مشاهدن مان معلوم ٿيو آهي ته، ناياب پکين، جانورن جي نسل ڪشيءَ ۽ شڪار ۾ سنڌ وائيلڊ لائيف ۽ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي ننڍي ملازم کان وٺي وڏي عملدار تائين سڀ شامل آهن. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته پکين جي اها سرڪاري طرح اجتماعي نسل ڪشي ڪنهن به دور ۾ ختم نه ٿي آهي، البته ڍنڍن، سَرن، تلائن ۽ تراين جي ڀر ۾ رهندڙ ڪنهن مسڪين ڳوٺاڻي ڀل ۾ بک جو ڀانڀ ڀرڻ لاءِ ڪو پکي ڦاسائي وڌو ته اهو ٻارين ٻچين ڪاٺ ۾ هوندو آهي ۽ کانئس ڳرا ”جرمانا“ ڀرايا ويندا آهن. جيڪب آباد کان ٺٽي تائين آفيسرن جي اجازت ۽ ”منٿلي“ جي ادائگيءَ وسيلي ڪيترا شڪاري، ڍنڍن جا پکي ڦاسائي، روڊن جي ڪنارن تي ۽ شهرن ۾ وڪرو ڪندا رهندا آهن، پر کين ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي آهي. اڄ دنيا جا ماڻهو جهنگلي جيوت جي بچاءَ ۽ فطرت جي سونهن جي برقراريءَ لاءِ پريشان آهن ۽ قانون جوڙي رهيا آهن، ڇو ته فطرت جي حسن جي سلامتيءَ سان انساني جذبا، احساس، امنگون ۽ ماڻهپو سلامت رهن ٿا، پر هتي ته ان عالمي قانون تي مڙئي عمل گهٽ ٿيندو آهي. هتي ڪڏهن ڪو جمهوريت جو علمبردار ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي گهاٽ تي پهچايو ويندو آهي، ڪڏهن ڪو قومي تحريڪ جو رهبر جي ايم سيد پرڏيهه علاج جي اجازت نه ملڻ سبب ”ڪوما“ ۾ جام شهادت پي ويندو آهي. ڪڏهن ڪو اڪبر بگٽي ۽ بالاچ شهيد ڪيو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪا جمهوريت جي راڻي بينظير ڀٽو شهادت جو مرتبو ماڻي وٺندي آهي، ته اهڙي ملڪ ۾ ڪونج، مور، تلور، آڙيون، نيرڳي ۽ ٻيا خوبصورت پکي ڀلا ڪهڙي حيثيت رکن ٿا؟ جتي خودڪش بمبارن کان مسجدون، مندر، ڪليسائون، اسڪول ۽ هوٽلون سلامت نه هجن، جتي مذهبي فرقيواريت ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار عيدگاهون ۽ عام سياسي جلسا ٿي سگهن، اتي کير ٿر، ڪارونجهر، چولستان ۽ ٿر جا پکي سلامت ڪيئن ٿا رهي سگهن. بغل ۾ بندوق، ماريءَ ميرا ڪپڙا، ماريو ميرَ ملوڪ، لتاڙيو لڪ چڙهي! پر اڃا انسانيت مئي ناهي، اڃا ماڻهپو مفقود نه ٿيو آهي، اڃا شعور جا نيسارا سنڍ نه ٿيا آهن، ان ڪري اسان ساڃهه وند اديبن، سماجي ڪارڪنن، سياستڪارن، مذهبي رواداريءَ جي علمبردارن، جهنگلي جيوت جي بچاءَ جي دعويٰ ڪندڙ ادارن ۽ اين جي اوز جي انسان دوست ۽ ماحول دوست ساٿين کي آواز بلند ڪرڻ گهرجي ۽ ناياب پکين جي نسل ڪشي بند ڪرائڻ لاءِ جتن ۽ جاکوڙ ڪرڻ کپي. بشڪريه ڪاوش
جواب: ناياب پکين جي نسل ڪشي حقيقت آهي سائين منهنجو به هڪ اهڙي علائقي سان تعلق آهي جتي هر سال لکن ڪڙوڙن جي تعداد ۾ پرديسي پکي ايندا آهن ۽ اهي بااثر شخصيتن جي چوڻ تي ماريا ويندا آهن