مون سي ڏٺا ماءِ....عبدالرحمان ”عبد“ منگيو، تاج جويو عبدالرحمان ”عبد“ منگيو، سڪرنڊ (ضلع نواب شاهه، هاڻي بينظير آباد) جو وڏو علم پرور، اديب ۽ عالم شخص ٿي گذريو آهي. سڪرنڊ شهر جي علمي ۽ ادبي ماحول جوڙڻ ۾ سندس محنتون، خدمتون ۽ ڪردار وسارڻ جهڙو نه آهي. هن شفيق شخص، پهرين جنوري 1937ع ۾ تعلقي سڪرنڊ جي ڇتن شاهه نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. هي علائقو ماضيءَ جو وڏو پرآشوب علائقو رهيو آهي. ڇتن شاهه جي آسپاس ڪيترا تاريخي ڳوٺ ۽ قديم آثار موجود آهن، جيڪي مغل دورجي حاڪمن جي ظلمن جا داستان سيني ۾ سانڍيو ويٺا آهن. وينجهري جو قلعو ۽ هُوسڙن ملاحن جو ڳوٺ، ڇتن شاهه جي ويجهو آهي. هنن هوسڙن ملاحن کي، مغل سامراجين جي مخالفت ڪرڻ ۽ سندن خلاف ويڙهه وڙهڻ جي ڏوهه ۾ سون جي تعداد ۾ ڦاهيءَ چاڙهيو ويو هو. اڄ مغل شاهيءَ جا سنڌ ۾ نشان موجود نه آهن، پر هوسڙن ملاحن جو ڳوٺ ساڳئي هنڌ اڄ به موجود آهي. اڳتي هلي جڏهن عبدالرحمان منگيي تعليم حاصل ڪئي ۽ سماجي ۽ قومي شعور سان آراسته ٿيو، ته نه رڳو هن خطي جي تاريخ جا ورق تحقيقي انداز ۾ لکيائين، پر جديد سنڌ جي ٻن نامور تاريخدانن قريشي حامد علي خانائيءَ ۽ عبدالله خان مگسيءَ توڙي اسان تاريخي مطالعي جي دنيا ۾ بانبڙا پائيندڙن جي درست تاريخ لکڻ ۾ رهنمائي ڪيائين ۽ اڄ سندس نقش قدم تي سندس لائق فرزند محمد صديق منگيو، هن علائقي جي تاريخ کي اُنهيءَ ئي تسلسل ۾ رقم ڪري رهيو آهي ۽ نوجوان تاريخدان طور پاڻ مڃائي چُڪو آهي. سائين عبدالرحمان منگيي، لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول سڪرنڊ ۾ منهنجي جنم کان 4 سال اڳ يعني 1958ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي هئي ۽ 1959ع کان 1961ع تائين اي .پي (a.p) اسڪول مجيد ڪيريي ۾ انگريزيءَ جو اُستاد رهيو. اُن دوران سندس صحت ٽي بي (سلهه) جي حملي سبب خراب ٿي پئي. ان وقت ٽي. بي جو مناسب علاج شايد نه هو، اُن ڪري کيس ڪوئيٽا ۾ هڪ سال لاءِ هوا تبديل ڪرڻ ۽ علاج ڪرائڻ لاءِ وڃڻو پيو ۽ 1962ع ۾ صحتمند ٿي واپس اچڻ بعد دڪانداريءَ جو پيشو اختيار ڪيائين. سڪرنڊ شهر ۾ وفات (19.12.1992) تائين هولسيل جو ڪاروبار ڪندو رهيو ۽ ”مهراڻ جنرل اسٽور“ هلائيندو رهيو. سندس دڪان اديبن ۽ شاعرن جي ڄڻ ته هڪ اوطاق هوندي هئي، ۽ بعد ۾ پنهنجي گهر جي ٻاهران اوطاق به ٺهرايائين، جتي نه رڳو علمي ۽ ادبي سرگرميون ٿينديون هيون، پر اسان سندس رهنمائيءَ ۾ ڪيترو عرصو ان اوطاق ۾ مفت ”بالغن جي تعليم جو سينٽر“ به هلايو ۽ هن سينٽر تي ڪيتري عرصي تائين سنڌي ۽ انگريزيءَ جا ڪلاس به هلايا. سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ ۽ سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن سڪرنڊ جي قيام ۾ سائين عبدالرحمان منگيو منهنجو، سائين مير محمد پيرزادي ۽ ٻين دوستن جو معاون ۽ مددگار رهيو، ٻنهي تنظيمن جي سرگرمين ۽ گڏجاڻين ۾ عهديدار توڙي عام ميمبر طور اسان سان گڏجي ڪم ڪيائين. منگيو صاحب خانداني طور علمي ۽ ادبي گهراڻي سان واسطو رکندڙ هو. سندس وڏو ابوالخير منگيو به تر جو وڏو عالم شخص ٿي گذريو آهي. ان خاندان سان نسبت توڙي ذاتي مطالعي هن کي پنهنجي وقت جو باشعور اديب، عالم ۽ شاعر بنايو. منگيي صاحب شاعري به ڪئي ۽ علمي، ادبي ۽ تحقيقي مقالا به لکيا، جن ۾ ”تذڪراه شعراءِ سڪرنڊ“، ”سڪرنڊ تعلقي جي علمي ادبي تاريخ“ ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ لوڪ ادب تي ڪيترا تحقيقي ۽ ادبي مقالا شامل آهن. وٽس ”بيت الحڪمت“ نالي هڪ وسيع لائبرري موجود هئي، جنهن ۾ هزارين سنڌي، اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين جا ڪتاب موجود هئا. هن لائبرريءَ جي ترتيب ۽ ڪئٽلاگنگ ۾ مون به حصو ورتو هو ۽ هن وسيع علمي ذخيري مان ڪافي حد تائين فيض ياب ٿيڻ جو موقعو مليو هئم. مون گورنمينٽ پرائمري اسڪول طيب لاکي، ڊي .سي هاءِ اسڪول نواب شاهه ۽ مڊل اسڪول مجيد ڪيريي مان شام جو، پڙهائي ڪري موٽڻ بعد ڪافي عرصو عبدالرحمان منگيي صاحب جي صحبت ۾ گذاريو. سندس اوطاق تي ڪيتريون راتيون رهي، علمي ۽ ادبي بحث مباحثن ۽ تحقيقي ڪمن ۾ حصو ورتو. جڏهن سائين امداد محمد شاهه ۽ اسان سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي ميمبرن گڏجي حمل فقير لغاريءَ جي عرس ۽ ميلي ڪرائڻ ۽ ادبي ڪانفرنسن ڪوٺائڻ جو دستور وڌو ته مير محمد پيرزادي ۽ ٻين دوستن سميت سائين عبدالرحمان منگيو به اسان سان هر مرحلي تي گڏ هوندو هو. پاڻ مذهبي ماڻهو ۽ پير بديع الدين شاهه راشديءَ جي علمي مسلڪ سان واسطو رکندو هو، پر وٽس مذهبي ڪٽرپڻو ذري برابر نه هو ۽ حقيقي طرح جديد معنيٰ ۾ سيڪيولر سوچ جو شخص هو. پاڻ جڏهن سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيائين ته سندس ايم اي جي تحقيقي مقالي جي مواد جي سهيڙ ۽ صلاح مشوري ۾ آءٌ کيس تمام قريب هوندو هوس، ان حد تائين جو سائين ڏينهن جو دڪانداريءَ جي ڌنڌي ۾ مشغول هوندو هو، اُن ڪري سندس مقالو آءٌ گهر کڻي وڃي فيئر ڪندو هوس. اهڙو هڪ خط 06.10.1976ع جو لکيل منهنجي رڪارڊ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ لکي ٿو ته: ”ڀاءُ تاج! عرض ته سڀاڻي شام جو 5 بجي ڌاري حيدرآباد وڃڻ جو خيال آهي، پُڇا ڪئي اٿم ته امتحان 11 نومبر 1976ع تي ٿيندو ۽ مونوگراف هڪ مهينو اڳ ڏيڻو آهي. منهنجو خيال آهي ته سڀاڻي شام جو آءٌ اهي سڀ تيار ٿيل مضمون کڻي وڃان ۽ الانا صاحب کي روبرو ملي، ٿيل ڪم ڏيکاري، رايو معلوم ڪريان. جي ڪجهه ترميم يا ڦير ڦار ڪرڻي هجي ته پوءِ ڏينهن ٻن ۾ ڪري وٺجي، اُن لاءِ عرض آهي ته مهرباني ڪري اڄوڪي رات، اوجاڳو ڪري به رهيل مضمونن کي فيئر ڪري، صبح جو ڪنهن جي هٿان ڏياري موڪليو ته کڻي وڃي ڏيکاري اچانس. اميد ته عرض قبوليت جو شرف حاصل ڪندو. تاڪيد هجي، تڪليف وٺي به ان ڪم کي اڄ رات مڪمل ڪندا.“ سچ پچ ته عبدالرحمان منگيو هڪ عالم شخص هو، 55 ورهين جي مختصر عمر ۾ سندس وفات سڪرنڊ شهر کي علمي ادبي طرح وڏو نقصان رسايو ۽ ڄڻ ته سُڃو ڪري ڇڏيو. اُن جو ازالو ته ناممڪن هو، پر اها سنڌ ۽ سڪرنڊ جي خوش نصيبي چئبي، جو سندس لائق فرزند محمد صديق منگيو اڄ سندس اها کوٽ مڪمل طرح پوري ڪري رهيو آهي. اُن زماني ۾ محمد صديق منگيي کي ادبي ۽ تحقيقي ڪم سان ڪابه دلچسپي نه هوندي هئي، آواره گردي ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري سندس پسنديده شغل هئا ۽ عبدالرحمان صاحب هميشه افسوس جو اظهار ڪندو هو ته ”منهنجو ڇوڪرو لائبرريءَ طرف ڌيان نه ٿو ڏئي، عمر الائي ڪيتري آهي، هي علمي ادبي ذخيرو ضايع ٿي ويندو الائي ڇا؟“ پر اڄ پاڻ زنده هجي ها ته کيس پنهنجي فرزند جي علمي تحقيق ۽ هڪ ڪهاڻيڪار طور سندس ادبي قد ڏسي ضرور خوشي ٿئي ها. عبدالرحمان منگيي جي صحبت مان قريشي حامد علي خانائيءَ، بشير احمد هيسباڻيءَ، پروفيسر عبدالله خان مگسيءَ (مرحوم)، مير محمد پيرزادي ۽ مون ڪافي پرايو ۽ سندس ڄاڻ مان وڏو فائدو حاصل ڪيو. عبدالرحمان منگيي جهڙا اورچ، محنتي، سٻاجها، مشفق ۽ مهربان شخص سچ پچ ڪنهن معاشري جو شان ۽ عزت هوندا آهن. مون کي فخر آهي ته سائين عبدالرحمان منگيو منهنجو مهربان ۽ دوست هو ۽ دوستيءَ جي معاملي ۾ وٽس پيڙهي وڇوٽيءَ جو شائبو به نه هو. مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي، تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي! (شاهه) بشڪريه عبرت