اسان اڪثر ٻڪرين مينهن ڳئون رڍن گڏهن کي سائو گاھ کائيندي ڏٺو هوندو۔۔۔۔پر ڇا اوهان ڪڏهن ڪُتن کي گاھ کائيندي ڏٺو آهي۔؟ هي ڏسو۔۔۔
جواب: ڪُتا سائو گاھ به کائين ٿا۔ بس ادا اسان جي زماني ۾ ته ائين ڪونه هوندو هو سو هاڻي سچي ۾ زمانو بدلجي ٿو يا وري سچ ۾ ڪيمرا جي صفائي آهي
جواب: ڪُتا سائو گاھ به کائين ٿا۔ ادا جهونا سائين! ڪيمرا جو ڪمال ڪونهي، ڪُتا گاهه کائيندا آهن۔ جڏهن انهن جي پيٽ ۾ بدهضمي ٿي پوندي آهي ته هو گاهه کائيندا آهن ۽ ٿوڙي ئي دير ۾ اُلٽي ڪندا آهن۔ جنهن ڪري انهن جو پيٽ صاف ٿي ويندو آهي۔ گاهه انهن جي پيٽکي خراب ڪندو آهي، جنهن ڪري انهن جي پيٽ ۾ گُڙ گُڙ شروع ٿي ويندي آهي ۽ انهن جي پيٽجي صفائي ٿي ويندي آهي۔۔۔
جواب: ڪُتا سائو گاھ به کائين ٿا۔ ادا رنجينت اوهان ته ڪمالڪري ڇڏيو پر اوهان کي ايتري معلومات ڪٿان آئي ڪٿي اوهان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔)))۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جا ڊاڪٽر ته نه رهيا آهيو ها ها ها ها ها
جواب: ڪُتا سائو گاھ به کائين ٿا۔ فقير سائين!توهان جا ۽ ديسي فقير جا شاگرد آهيون، خبر ڪيئن نه هوندي۔۔۔۔ توهان جيان زمانو گهُمي ۽ زماني کي گهمائي ويٺا آهيون
جواب: ڪُتا سائو گاھ به کائين ٿا۔ ۽ ها ٻليون به گاهه کائينديون آهن ۽ اهو به پيٽ جي حاضمي جي خرابيءَ سبب ۔۔۔ رب العالمين هر ساهه واري کي پنهنجي پنهنجي سمجهه آهر طب جو علم مهيا ڪيو آهي ته جيئن هو وقت پوڻ تي پنهنجو علاج پاڻ ڪري سگهن ۔۔۔ صاحب جي صاحبي ايتري ته وسيع ۽ ڪمال جي آهي جو انسان کي ڏندي آڱريون اچيو وڃن ۔۔۔ هن دفعي رنجيت مولائيءَ فقيراڻو ذهن استعمال ڪندي جواب سهي ڏنو آهي ۔۔۔ 10 مارڪون
جواب: ڪُتا سائو گاھ به کائين ٿا۔ يار علي! پنهنجي گودڙيءَ ۾ هنيون ئي 10، باقي اوهانجي گودڙي وڏي آهي ۽ اسان سڀني فقيرن جا وڏا آهيو، ممڪن اوهان وٽ اڃان وڌيڪ هجن ۔۔۔ اڄڪلهه پاڻ به فقيرن جي فهرست ۾ اچي ويا آهيون، سنڌ جي چڪر کانپوءِ ڏاڏر ختم ٿي وئي آهي ۽ طبيعت ۾ فقيراڻو رجحان اچي ويو آهي ۔۔۔ مٿان وري حج جي موسم آهي ۔۔۔ باقي سمجهو ڪي سمجهن ۔۔۔ 8->
جواب: ڪُتا سائو گاھ به کائين ٿا۔ ٻلين جي باري ۾ ته ٻڌو هئوسين ته هاضمو درست ڪرڻ لاءِ اسپغول يا هاجمولا نه پر سائو گاهه کائينديون آهن، اڄ عاشق جي مهرباني سان ڪتن کي به گاهه کائيندو ڏسي ورتوسين۔۔ رنجيت جي ڏاهپ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي۔۔
جواب: ڪُتا سائو گاھ به کائين ٿا۔ سائين لڳي ٿو اوهان سڀ مارڪون اسان واري ڀاڄائي کي ڏئي آيا آهيو ڳاله سمجه ۾ ته اچي ٿي پر اوهان به جذبات ۾ گهڻو خرچ ڪري آيا اوهان کي ڪجه رکڻيون هون سنڌ سلامت جي سنگت لاء خير ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ هوم سيڪيٽري خوش هجي باقي ٻين کي منهن ڏئي وڃبو سو اوهان جي پاران باقي 90 مارڪون مان ٿو ڏيانس ڇا ياد ڪندو مولائي ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ )))
جواب: ڪُتا سائو گاھ به کائين ٿا۔ جهونا سائين! توهان جي مهرباني جو توهان ادي وڏي جون رهيل مارڪون مونکي ڏئي ڇڏيون۔۔۔ پر هاڻي ته 100 مان 100 مليون، اهي ته توهان مونکي مُنهنجي محنت جون ڏنيون آهن ۽ باقي مست مٺي جي سفارش جون ڪير ڏيندو گهٽ ۾ گهٽ 100 مان 110 ته ڏيو هان۔۔۔۔
جواب: ڪُتا سائو گاھ به کائين ٿا۔ ادا رنجيت مست واري مستي اسا ن جهونن ۾ ڪاڏانهن ايندي ۽ نه ئي اها توقع رڪجان اسان مان جي اسان ۾اها مستي هجي ها ته مان اواهان کي 90 نه پر 900 مارڪون ڏيان ها جيڪي جواني ۾ اسان ڏيندا هئا سي )))
جواب: ڪُتا سائو گاھ به کائين ٿا۔ مونکي ته لڳي ٿو ڪتا ڪجهه جاچي رهيا آهن ادا ڪتا گاه کائن يا نه پر شيئرنگ بهترين آهي۔۔۔۔۔
جواب: ڪُتا سائو گاھ به کائين ٿا۔ بلڪل ادا مونکي پڻ ائين لڳي ٿو ڪٿي ڪنهن به تصوير ۾ ڪتن کي گاه کائيندي ڪانه ڏيکاريو ويو آهي، باقي وڏن ته مارڪون به ڏئي ڇڏيون سو اسان ماٺ ڪئي۔
جواب: ڪُتا سائو گاھ به کائين ٿا۔ ادا طاهر صاحب هروڀرو ايڏا به سياڻا نه ٿيو۔ اسان پاڻ ڪتن کي گاھ کائيندي ڏٺو آهي۔ ٻئي ڳالھ ته هي تصويرون به ۾ واقعي ڪتا گاھ کائين ٿا۔۔۔۔اوهان ٿورو غور سان ڏسو۔