السلام عليڪم دوستو!۔ سنڌ سلامت جي جاکوڙي ميمبر طاهر سنڌي صاحب کي سنڌ سلامت فورم تي ٽي هزار تحريرون مڪمل ڪرڻ جي موقعي تي پوري سٿ ۽ سمورن دوستن طرفان دل جي گهراين سان مبارڪ باد ڏجي ٿي۔۔ ادا توهان جي محنت تحسين لائق آهي۔ اميد ته اڳتي به پنهنجي اهڙي محنت سنڌ سلامت جي لاءِ جاري رکندا. سدائين گڏ
جواب: ادا طاهر سنڌي کي 3000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي . سنڌ سلامت جي اوطاق جي دوستن کي طاهر سنڌيءَ جهڙن سٻاجهڙن، جاکوڙي ۽ علمي دوستن تي فخر آهي، اهڙن سهڻن دوستن سبب هن اوطاق جي اڱڻ تي هميشه روشني رهي ٿي ۔۔۔ جنهن سبب اسانکي سچ ۽ حق جي راهه چٽي ۽ واضح ٿيندي نظر اچي ٿي ۔۔۔ طاهر سنڌي سلڇڻي گهر جو سلڇڻو فرزند آهي سندس سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستي گهري ۽ بي لوث آهي ۽ هن اڱڻ تي موجود لکڻيون به لاڀائتيون ۽ سنڌ دوست هونديون آهن، خاص ڪري دنيا جي مذهبن جي تقابلي جائزي تي لکيل مضمون ته انتهائي ڪارائتا آهن ۔۔ دوست طاهر! اوهانکي هن اڱڻ سان ساٿ نڀائڻ تي ۽ تحريرن جي موجوده نمبر تي ڍير ساتريون مبارڪون هجن ۽ اميد ته آئينده به پنهنجين قيمتي لکڻين سان اسانجي هن اوطاق کي منور ڪندا رهندا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔۔۔
جواب: ادا طاهر سنڌي کي 3000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي . السلام عليڪم طاهر سنڌي صاحب کي سنڌ سلامت فورم تي ٽي هزار تحريرون مڪمل ڪرڻ جي موقعي تي پوري سٿ ۽ سمورن دوستن طرفان دل جي گهراين سان مبارڪ باد ڏيان ٿو اميد ته اوهان ائين ئي پهنجون ڪار آمد تحريرون اسان سان شيئر ڪندا رهندا مولا اوهان کي خوش رکي
جواب: ادا طاهر سنڌي کي 3000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي . ادا طاهر اسان جهڙن ناڪارن طرفان به اوهان کي لکين مبارڪون هجن
جواب: ادا طاهر سنڌي کي 3000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي . ادا طاهر سنڌي ۔۔ اوهان کي 3000 هزار تحريرن جي تڪميل تي دل جي گهراين سان مبارڪ هجي، اوهان جي موضوعن ۾ اسان جي لاءِ نئين معلومات ۽ تحريرن ۾ حوصلا افزائي وارو عنصر شامل هوندو آهي، اوهان جي ٿوري گهڻي ڪيل تنقيد به اصلاحي تنقيد هوندي آهن، ۽ غلطي ڪرڻ واري کي توهان اهڙي انداز ۾ سمجهائي وڃو ٿا جو ان کي ناگوار نه ٿو گذري۔۔۔۔ اهڙي ڪاوشن کي جاري رکجو۔۔۔ انشاءَ الله جلد ئي اوهان سنڌ سلامت جي هيرو واري لسٽ ۾ سڀني کان اڳيان هوندا۔۔۔
جواب: ادا طاهر سنڌي کي 3000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي . ادا اسان جي طرف کان به توهان کي 3000 مرتبا مبارڪ هجي.............
جواب: ادا طاهر سنڌي کي 3000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي . ادي طاهر کي هن مولائيپاران به 3000 تحريرون پوريون ڪرڻتي مبارڪباد
جواب: ادا طاهر سنڌي کي 3000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي . ڀاء طاهر سنڌي کي 3000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي اسان پاران به مبارڪ محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو انهيءَ جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاه سنڌ سلامت جي دوستن هڪ بهترين ميڙو مچايو آهي۔ جتي سڀ محبتي ماڻهون سنڌ جي پرچارڪ ۾ اڳ کان اڳرا آهن۔ ادا طاهر به انهن ئي جاکوڙي ۽ با وفا دوستن مان هڪ آهي۔ پاڻ هميشه جاکوڙ ۾ رهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان کان به ڪجه ڏکيا سوال پڇي منجهائي وجهندو آهي۔ سندس اها ادا مونکي تمام گهڻي پسند آهي۔ اهڙين ڪاوشن تي اسان کيس سلام پيا پيش ڪريون
جواب: ادا طاهر سنڌي کي 3000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي . سائين طاهر سنڌي آهي ته نماڻي طبيعت جو ماڻهو پر سندس شخصيت جي ڇا ڳالهه ڪجي۔۔ سائين ادا طاهر کي جيستائين مان سڃاڻان ٿو ته سائين جن جي قابليت جو معترف آهيان، مان ته ڇا پر سنڌ سلامت جا سڀ ميمبر سندن قابليت کان واقف آهن، سائين نثار جي ڳالهه وانگر ته سندن واسطو هڪ بهترين خاندان سان آهي، جيڪو ديني خدمتن جي ڪري مشهور آهي، پاڻ به هينئر سنڌ يونيورسٽي منجهان اسلامي ڊپارٽمنٽ ۾ايم فل ڪري رهيا آهن، جنهن بهاني سان سائين جن سان مست غريب جي به ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيو وڃي۔ هينئر به پاڻٻڌايائون ته هڪ موضوع تي تحقيق ڪئي اٿن، جنهن باري ۾ سنڌي ۾ ڪتاب ڇپرائڻجو ارادو اٿن۔۔ غرض ته علمي لحاظ سان سندن ڪردار جي تعريف ڪرڻ اسان جي وس جي ڳالهه نه آهي۔۔
جواب: ادا طاهر سنڌي کي 3000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي . ادا تمام سٺي خبر ٻڌائي اٿو ادا اسان جي طرفان به طاهر سنڌي کي 3000 تحريرون پوريون ڪرڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪون قبول هجن ........
جواب: ادا طاهر سنڌي کي 3000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي . سائين طاهر سنڌي کي هن عاجز طرفان به مبارڪون قبول پون پاڻ واقعي علمي گهراڻي جا چشم و چراغ آهن الله تعالي سندن علم و عمل ۾ مزيد ترقي عطا فرمائي.
جواب: ادا طاهر سنڌي کي 3000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي . مون پاران به 3000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون شال اوهان جو هي سلسلو قائم رهي۔ آمين