شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

'مزاحيه ۽ مرڪائيندڙ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاعر ۽ اديب دوستن کان معذرت سان :


    شاعر جذبات حضرت بلبل بيقرار کي به شعرن جو مجموعو ڇپائڻ جو شوق ٿيو.
    هڪ پبلشر وٽ ويو.
    پبلشر پڇيس : ڪيترو ڪلام اٿئي ؟
    چيائين : مڻن جي حساب سان آهي.
    پبلشر پڇيس : سڀ ڇپائڻو اٿئي.
    چيائين : سڀ ڇپائڻو آهي.
    پڇيائين : ڏوڪڙ گهڻا اٿئي.
    چيائين في الحال ته 500 روڪ اٿم.
    پبلشر پڇيس : ٻي ڪا جائداد.
    چيائين : ڪجه ڪونهي. رلي ڪلهي تي اله واهي.
    پبلشر ڪجه سوچيو ۽ چيائينس : 500 رپين مان پنجن صفحن جو ڪتاب ڇپجي سگهي ٿو. چاهين ته ڪلام ڇپاء ، چاهين ته چرچن جي چوپڙي ڇپاء. ٻنهي حالتن ۾ خود مختيار آهين.
    ---------------------------------------------------------------
    منهنجو هڪ ليکڪ دوست آهي سارنگ سودائي. کيس اچي شوق ٿيو ته ڪنهن طرح پنهنجو ڪلام ڇپايان.
    سڀني منع ڪيس. يارن دوستن جهليس. آئي وئي تنبيه ڪيس ته اهڙو ڪم نه ڪجان. نه مڙيو زيور، ڪپڙا لٽا ، گهر گهاٽ زمين زڙي وڪڻي وڃي ڪتاب ڇپايائين. ڏاڍو خوش ٿيو ته هاڻ صاحب ديوان ته آهيان.
    ڪجه ڏينهن اڳ مليو. پڇيومانس : ڇا حال آهي ؟
    چيائين : حال برو آهي.
    پڇيم : خير ته آهي ؟
    چيائين : ڪتاب لاه ڪڍي ڇڏيا.
    پڇيم : ڇا ٿيو ؟
    چيائين : وڪامي ئي ڪونه ٿو. ڪاپيون کڻي اچي گهر ڀريو اٿم. جاء سڀ ڪتابن والاري ڇڏي آهي. مان مسافر خاني ۾ سمهندو آهيان !

    ---------------------------------------------------------------
    هڪ ڏينهن هڪ چريو مون وٽ آيو . چيائين : خدا جي نالي تي هڪ رپيو ڏي.
    چيم : 50 پيسه وٺ.
    چيائين : مون اصول ٺاهيو آهيو ته روپئي کان گهٽ نه وٺندس.
    چيم : ڪيترا پيسا گڏ ڪيا اٿئي ؟
    چيائين : ڏه هزار گڏ ڪيا اٿم. اڃان پنج هزار ڪرڻا اٿم.
    چيم : ايترا پئسا ڇا ڪندين ؟
    چيائين : انهن پئسن جو ڪاغذ وٺندس. پوء ان مان ٻيڙيون ٺاهي درياء ۾ وهائي ڇڏيندم.
    چيم : ائين ڇو ٿو ڪرين ؟
    چيائين : مان شاعر آهيان. هن کان اڳ جڏهن سياڻو هوس ته 15 هزار خرچ ڪري ڪتاب ڇپايم. اهو ڪو نه وڪاڻو. هاڻي چريو آهيان پر ڪتاب ڪونه ڇپائيندس. ٻيڙيون ٺاهي تاريندس.
    ---------------------------------------------------------------
    ٻه عورتون پاڻ ۾ ڳالهائي رهيون هيون.
    هڪ : بجلي مهانگي ٿي وئي آهي.
    ٻي : گئس به ته مهانگي ٿي وئي آهي. گذريل مهيني به 200 رپيا بل آيو هو.
    پهرين : ادي مان ته ڇٽي پئي آهيان گئس جي بل کان. نه گئس ٻاريان نه بل اچي. ننڍڙي جي پيءُ ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپايو هو. هڪ به ڪاپي ڪو نه کـتس. روز ڏه ٻارهن ڪتاب ساڙي ٻوڙ چاڙهيندي آهيان. الله الله خير سلا.

    قمر شهباز جي ڪتاب اٺون گهر تان ورتل

     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    هل ڙي..... !! (بچايو واري اسٽائل ۾)
    هاڻي ته پاڻ کي ڪجهه ٻيو بڻجڻ لاءِ سوچڻو پوندو... شاعرن سان اها ويڌن آهي ته پوءِ مست سوير ئي ٻيو پاسو وٺي .. ها ها ها.
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    وڃ ڙي اسان جو به شوق هيوته ڪو ڪتاب ڇپايون پر هڻي چيلھ ئي ڀڃي ڇڏين.
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    ترسو دوستو! اڃان اسانجو سهڻو شاعر ”ناز“ نه پهتو آهي ۔۔۔ ڏسجي ته هو ڇا ٿو چوي جو سندس ديوان به اڃان نه چپيو آهي ۔۔۔

    باقي يار! هڪ سچ چوان ۔۔۔۔ اهي سڀ ٽوٽڪا سنڌي شاعرن سان ته ٺهڪن ٿا پر پرديس جا شاعر ۽ ليکڪ مزي ۾ آهن، سندن ڪتاب هٿ وهٿ کپن ٿا ۽ سندن قومي تعليمي ادارا شاعرن ۽ ليکڪن کي ماهوار وظيفا ڏين ٿا ۔۔۔

    اها حالت اسانجي سنڌ ۾ آهي، باقي دنيا جون سڀ قومون پنهنجن ليکڪن ۽ شاعرن جو قدر ڪري ڄاڻن ۔۔۔ يقين نه اچيوَ ته ٻين قومن جي تاريخ ۽ ادب کي پڙهي ڏسو ۔۔۔

    بس ڙي ادا! الله ڀلو ڪري اسانجي سنڌ جو باقي حال پورا آهن ۔۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    ادا مست اهو مون ڪونه لکيو آهي پر مرحوم قمر شهباز لکيو آهي ۔ جيڪو به هڪ شاعر ۽ اديب رهيو آهي۔ سندس به ڪتاب ڇپيا آهن ۔

    پر يار ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن غلطي سان سچ به لکيو ڇڏي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    يار دل ۾ نه ڪجو مڙئي کل ڀوڳ لاء لکيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    ادا عاشق ٻيلي ڏاهو ٿي

    مذاق پئي ڪئي سون۔ اوهان ۽ مست ته نئين ٽهي جا شاعر آهيو۔ اڃان منزل پئي آ بابلا۔ باقي اسان واري سرپرست ۽ ڀلوڙ شاعر نثار ناز جو ڪتاب ڇپائڻو آهي۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    سائين نثار مهرباني

    سائين نثار ناز جو ديوان ڇپرائينداسين۔ سنڌ سلامت جا سڀ ميمبر هڪ هڪ ڪاپي وٺندا ته به 1000 ڪاپيون ته سولائي سان کپي وينديو۔

    باقي سائين قمر شهباز جون ڳالهيون ته دل سان پيون لڳن۔ باقي ته سائين نثار “ناز ” جو رايو وٺڻو آهي
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    ادا منهنجا ڀائرو، شاعرن خاص ڪري سنڌي شاعرن سان ويڌن واريون سڀ ڳالهيون سُجهن ٿيون مان چريو ناهيان جو سدائين ٽي درجي وارو شاعر چئي پنهنجي جند آجي ڪرائيندو آهيان،
    توهان سڀني جو ٿورائتو آهيان پر مونکي اردو جي هڪڙي چرئي شاعر ساغر صديقي جو حال ۽ شعر پيو ياد اچي ته

    يه جو ديواني سي دوچار نظر آتي هين !
    ان ۾ ڪُڇ صاحب اسرار نظر آتي هين !

    تيري محفل ڪا ڀرم رکتي هين اور سوجاتي هين
    ورنه يه لوگ بيدار نظر آتي هين !

    ميري دامن ۾ شرارون ڪي سوا ڪُڇ ڀي نهين
    آپ ڦُولون ڪي خريدار نظر آتي هين !

    دُور تڪ ستاره هي نه ڪوئِي جُگنو
    مرگِ اميد ڪي آثار نظر آتي هين !

    ڪل جنهين ڇُو نهين سڪتِي ٿِي فرشتون ڪِي نظر
    آج وه رونقِ بازار نظر آتي هين!

    حشر ۾ ڪون گواهِي مري دي گا ”ساغر“
    سب تمهاري هِي طرفدار نظر آتي هين !​


    پيارا دوستو ! جيڪڏهن چاهيان ته سڀاڻي ئي پنهنجو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو سگهان، اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي، ائين سمجهو ته پنجاه في صد ڪتاب تيار آهي، ڇو ته ڪافي ڏينهن ٿيا آهن جو منهنجي شاعري جي ڪتاب جي سموري ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ مون ڪري ڇڏي آهي، پر سائين قمر شهباز جا شگوفا جيڪي سائين نثار ابڙو هتي ونڊ ڪيا آهن اهي ڪافي عرصو پهرين منهنجي نظر ۾ نڪري چُڪا هُئا، سو شاعر بُلبل بي قرار وانگر چريو ته اڳ ۾ آهيان پر حد کان وڌيڪ چريو ٿيڻ نٿو چاهيان اجايو پنهنجي گهر ۾ ڪتابن جو ڀريون رکي مان شهر شهر نگر نگر فُٽ پاٿن جا چڪر ڪاٽڻ نٿو چاهيان ۽ پنهنجي ٺڪاڻو في الحال پنهنجي گهر کي ڇڏي ٽنڊو محمد خان جي ريلوي اسٽيشن جنهن تي فل قبضو فقيرن جو آهي انهن جو پنج روپيا روز ڏئي ساٿاري بنجڻ نٿو چاهيان۔ سليمان وساڻ ۽ نثار ابڙا يار جانم سمجها ڪرو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    سائين ابڙي چواڻي واقعي هي حالت رڳو سنڌ ۾ هوندي پر پرديس ۾ قومون پنهنجي قومي اثاثن جو قدر ڪرڻ چاڻين
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    سائين نثار ناز اوهان جا قرب جو اوهان پنهنجا ويچار ونڊيا

    سائين اوهان جي ڪمپوزنگ ڪيل ڪتاب انشاء الله جلد ڇپبي ۽ جلد وڪامبي ۔

    مان اڳ به عرض ڪيو ۽ اوهان اردو شعر ونڊ ڪيو آهي ته اوهان جا ديوانا گهڻا آهن۔ باقي ڪاپيون مان پنهنجي گهر رکرائيندس اوهان پريشان نه ٿيو۔

    اسان وارو انٽرنيشنل فقير علي علي آهي نه ان ڏانهن عراق موڪلينداسين پر ڪا ڪويتا عربي ۾ ضرور لکجو۔

    باقي ته سائين نثار ابڙو ئي هن ڳاله کي اڳتي وڌائيندو
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    سائين نثار ناز جي شاعري جو ڪتاب هجي ۽ سنڌ سلامت جي مرڪز تان ڇپي ته واهه واهه ٿي وڃي، اهڙي طرح سنڌ سلامت پبلشرز جو بنياد به پئجي سگهي ٿو، سائين سليمان وساڻ جو خيال صحيح آهي ته جيڪڏهن دوست هڪ هڪ ڪاپي به وٺن ته به سنڌ سلامت جي هن بهترين شاعر جي ڪتاب جو خرچ نڪري سگهي ٿو ۽ ان کان علاوه باقي ڪاپيون سنڌ جي نامور شاعرن ۽ هستين ۽ ادارن کي تحفي جي طور پيش ڪجن۔ اهڙي طرح‌سنڌ سلامت جو به هڪ نئون تصور سامهون ايندو، جتي دوستن جون صلاحيتون نکري سامهون اچن ٿيون۔۔۔
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    هڪ بهترين آئيڊيا آهي
    آءُ حمايت ۾ ووٽ ڏيان ٿو
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    اوه سلُيمان وساڻ توکي ڇا چوان بس هڪڙو شعر سائين راشد مورائي جو تولا هتي لکي ماٺ ٿو ڪريان ته

    مان هڪ سادو ماڻهو ۽ تون روشن خيال پرين
    تون ئي سنڀالج مون کي منهنجو ڪونهي حال پرين
    شوق جي شاهوڪارِي آهي، چوندو ڪير سُڃو،
    قُرب ڪيو آ، تُنهنجي مونکي مالا مال پرين (راشد مورائي)​
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    سائين ناز جي ڪتاب ڇپرائڻ لئه پنهنجو هٿ به مٿي آهي ۔۔۔ پر ڪجهه ڏينهن اڳ مون سائين شمشير الحيدري جي هڪ ڪتاب تي سائين کان پڇا ڪئي ته ڀلا اهو تيار ٿيل ڪتاب ڪڏهن ڇپبو ته چيائين ته جڏهن لک سوا گڏ ٿيندو ته ڇپرائبو ۔۔۔

    سو دوستو، اڄڪلهه ڪاغذ جي مهانگائي سبب ڪنهن غريب ۽ رزق حلال ڪمائڻ واري شاعر کي پنهنجو ڪلام ڇپرائڻ لا لک ڏيڍ جي ضرورت پوي ٿي ۔۔۔ مطلب ته غريب سوچي ئي نه، ٻي ڳالهه ته مارڪيٽ ۾ اڄڪلهه سنڌي ڪتابن جي کپڻ جي حالت پڻ غريب آهي جو سنڌي ماڻهن لڳي ٿو ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن ۔۔۔

    خئير آ اهي ڳالهيون ڪي دل برداشته ڪرڻ لئه نه پر حقيقت کي واضح ڪرڻ لا پيو ڪيان ۔۔۔ هون ته ماشاء الله سنڌ سلامت جا دوست ايتري وس وارا ضرور آهن جو هو پنهنجي مڙسي تي ڪو پراجيڪٽ ڪري سگهن ۔۔۔

    ادو ناز به سياڻو آهي، هو پنهنجي ڪتاب کي ڪڏهن به علي علي جي آسري تي عراق نه موڪليندو ۔۔۔ علي علي بهانو ڪندو ته خودڪش حملي ۾ ڪتاب تباهه ٿي ويو ۔۔۔ انڪري الله پناه ڏي اسين پاڻ مڙسي ڪري ڪتاب کي سنڌ ۾ ئي کپائينداسون ۽ رکڻ لا به جڳهه ڳولهي وٺنداسون ۔۔۔

    سنڌ جا شاعر سلامت هجن ۽ سنڌ جا گيت ڳائي سنڌي قوم کي چهنڊڙيون (بقول ادي ناز جي) رانبوٽا هڻندا رهن ته جيئن سنڌ جو مان وڌندو رهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    يار نثارابڙا، لک سوا لک صرف لکي سري شاعرن جي ڪتابن تي خرچ ٿيندا آهن،اسان ڪنگال پارٽي شاعر لا ايتري رقم ڪونهي گهربل، تون دلجا ڪر جاني۔ علي علي ته انٽر نيشنل فقير آهي، هو ٻُڏي جا ٻيڻا ڪرڻ وارو ماڻهو آهي۔ خود ڪُش حملن جي شدت صرف پنهنجي پياري پاڪستان ۾ آهي، ٻي هنڌ ڪونهي، باقي اسان لا اهو ئي ڪافي آهي ته سنڌ سلامت تي پنهنجي شاعري جي چتر ڪاري ڪري توهان سڀني مٺن دوستن سان ونڊ ڪري پنهنجي مُنهن ميان مٺو لڳا پيا آهيون، اهو اسان لا گنج آهي هاڻي ته فيس بُڪ تي پراڻيون نيون شاعريون ونڊ ڪريو اصل مست ٿيا ويٺا آهيون۔ توهان جي مهرباني آهي جو اسان جي شاعري جي پبلشنگ ڪرائڻ لا مفيد مشورا ڏيو ٿا، باقي هن عمر ۾ هاڻي اسان شاعري ڇپائي ڇا ڪنداسين۔
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    لڳي ٿو ناز سهڻا اته ان مسئلي کي هاڻي سنجيدگيءَ سان وٺڻو پوندو
     
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    علي۔۔۔۔۔۔۔۔ حيدرررررررر۔۔۔۔ اهو به هڪ مست وڌيو۔۔۔ مطلب ته ناز ناز نه پر هاڻي مست ٿي ويو آهي۔۔۔ اها ته ليٽيسٽ نيوز آهي۔۔۔

    سائين دل جاءِ ڪريو۔۔ انشاءَ الله سنڌ سلامت جي (دوستن ۽‌ ميمبرن) طرفان ديوانِ ناز ضرور ڇپرايو ويندو
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    ان شاءَ الله
     
  19. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    هل ڙي ....واه .
     
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاعر ، ليکڪ ۽ ڪتاب

    مان سمجهان ٿو ووٽ گهڻا آهن ته ناز جو ڪتاب ڇپجي

    سائين نثار ابڙا 1000 ميمبر آهن سنڌ سلامت جا ۔ جيڪڏهن اسان 400 ڪاپيون به کپايون ته ڪتاب جو ملھ نڪري ويندو۔ باقي سائين ناز جي ڪتاب لاء فنانسنگ ڪري وٺنداسين۔ پر سائين هاڻي فيس بو ڪ تي مست ٿي مست ميرجت کان به اڳي نڪتو پيو وڃي۔

    انترنيشنل فقير علي علي ته هن پوسٽ کان لڳي ٿو ڪوهين ڏور پيو ڀڄي۔ پر اسان به شڪارپوري فقير کي پٽڪو ٻڌرائي لاهينداسون ميدان ۾۔ ملھ ماري مقابلو کٽنداسين۔

    ديوانِ ناز ضرور ڇپبو پر نثار ناز کي فيس بوڪ جو عشق کائي ويو آهي۔ سنڌ سلامت جي گڏجاڻين کان به ڪوهين ڏور پيو ڀڄي۔ پر جن ڇڏي ڀوت ڇڏي سنڌ سلامت هاڻي ڪٿي ٿي ڇڏي سائين نثار ناز کي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو