• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ يونيورسٽيءَ جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج..

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استادن، ملازمن يا شاگردن پاران يونيورسٽيءَ جي انتظاميه ۽ وائيس چانسلر خلاف احتجاج ته معمول بڻيل آهن پر ڪالهه پهريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظاميه ۽ وائيس چانسلر به هڪ احتجاج ڪيو.. اوهانحيران ٿي ويو..؟ احتجاج جو سبب هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي زمين تي مختلف ڌرين پاران قبضي جي خلاف..
تازو سوٽا ۽ سيوا پاران ڪيل مختلف احتجاجن ۾ هڪ نڪتو هي به شامل هو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي هائوسنگ سوسائٽيءَ جي فيز 3 لاءِ زمينون الاٽ ڪيون وڃن. يونيورسٽي انتظاميه نيٺ اهو نڪتو به قبول ڪيو. سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽيءَ جي فيز 3 جي زمين تي هينئر مختلف ڌرين جو قبضو آهي، جن ۾ کوسا برادري ۽ شورا برادريءَ جو نالو پيو ورتو وڃي، انهن جي هٿياربند ماڻهن طرفان انهيءَ زمين جي پلاٽ تي مورچا اڏيل آهن، اها زمين سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۽ فلٽر پلانٽ جي ڀرسان واقع آهي جنهن جي ايراضي تقريباَ 30 ايڪڙ آهي.
ڪالهه 8 نومبر تي ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي موڪل جي وقت تي ايمپلائيز ۽ استادن جون سڀ بسون يعني پوائنٽون حيدرآباد پريس ڪلب ڏانهن روانيون ٿيون، جتي وائيس چانسلر ۽ سينڊيڪيٽ جي ٻين ميمبرن سان گڏجي سموري يونيورسٽيءَ جي ملازمن احتجاج ڪيو...
d-pic-07.jpg
 
Back
Top