• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻه اهم خبرون تعليم جي ميدان ۾

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! هي ٻه اهم خبرون آهن ۽ سٺيون ۽ ڪارائتيون خبرون آهن، انڪري علم سان ذوق ۽ شوق رکندڙ دوستن لئه تمام گهڻيون اهم ۽ قيمتي آهن ۔۔۔

1۔انسائيڪلوپيڊيا سنڌياڻا جو ٻيو ڀاڱو، سنڌي ٻوليءَ جي اداري پاران چپجي چڪو آهي ۔۔۔ هن انسائيڪلوپيڊيا ۾ سنڌ جي تاريخ، شخصيتن، ماڳن ۽ ادبي ثقافتي معلومات کي جڳهه ڏني وئي آهي، ڀاڱي ٻي جي قيمت 1000 روپيا ۽ ڀاڱي پهرين جي قيمت 750 روپيا آهي ۔۔۔ هنن ٻنهي ڀاڱن ۾ سنڌي الفابيٽ جي شروع وارا 9 اکر ۽ ايندڙ ايڊيشن ۾ 2 اکر مطلب ته ڪل 11 اکر سمايا ويا آهن ۔۔۔=d>

2۔ آڪسفورڊ سنڌي انگريزي ڊڪشنريءَ جو افتتاح خميس 11 نومبر 2010 تي ساڍي چار لڳي انڊس هوٽل ٿڌي سڙڪ حيدرآباد ۾ ٿي رهيو آهي ۔۔۔ آڪسفورڊ جون ڊڪشنريون دنيا ڀر ۾ مشهور ۽ سنديافته ليکيون وينديون آهن ۔۔۔ هن افتتاح ۾ دعوت عام آهي جت سنڌ جو محترم اديب بدر ابڙو هن ڊڪشنريءَ تي روشني وجهندو ۽ ٻيا به ناميارا اديب شريڪ ٿيندا ۽ سسئي پليجو پڻ دعوت ۾ شريڪ ٿيندي ۔۔۔ <:-p ۔۔۔۔=d>

رب العالمين سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ اسانجي قوم کي سگهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
 
Back
Top