هي دنيا عالمي سرمائيداري نظام جي مطابق هلي رهي آهي.هن نظام انسان کي ڇا ڏنو آهي؟ عزت ۽ خوشحالي يا ذلت ۽ ڏڪار، جيڪڏهن اسين سرمائيداري نظام( ڪپيٽلزم) جي شروعاتي تاريخ کي ڏسون ته هر نظام جيان هي نظام به پنهنجي شروعات ۾ تمام فائدي مند ثابت ٿيو.هن نظام پنهنجي شروعات ته سوُ سالن ۾ ايتري ترقي ڪئي جيتري غلامي ۽ بادشاهي جي نظام پنهنجي ته هزار سالن ۾ به نه ڪري سگهيا هئا. انهي جو بنيادي سبب صنعت ڪاري هئي.هن نظام تحت غلامي ،بادشاهي ۽ جاگيرداري نظام کي ختم ڪيو ويو، غلامن کي آزاد ڪري شهرن ڏانهن موڪليو ويو جتي اهي پرو لتاڙي ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿيا، هن نظام صنعتڪاري جو انفراسٽريڪچر ٺاهيو، جنهن جي ڪري تمام گهڻي پيداوار ٿي،پر پيداواري جي سگها ۾ ايتري ته تيزي آئي جو مڪامي منڊيون سرمائيداري ۾ ننڊيون ٿيڻ لڳيون ۽ تنهن انهن کي پنهنجي مال جي کپت ۽ پنهنجو منافعو وڌائڻ لاءِ سرمائيداري لاءِ عالمي منڊي جي ضرورت محسوس ٿي ۽ ان کان هي نظام انسان ذات جي بربادي ڏانهن وڌڻ شروع ٿيو . سرمائنداري نظام کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترائي دليل ڏنا وڃن ٿا. ڪڏهن مذهب کي بنياد ٺاهي هن نظام کي خدا جو ٺهيل نظام چيو وڃي ٿو.ته ڪڏهن نظام کي فطري نظام قرار ڏيسندي آخري نظام چيو وڃي ٿو. جيڪو بلڪل غلط آهي ڇاڪاڻ ته انساني تاريخ جو سفر ڪنهن به وقت بيهڻو ناهي ۽ رهيو سوال هن نظام کي فطري نظام چوڻ جو ته تاريخ گواهه آهي،ته انساني فطرت ڪڏهن به هڪجهڙي نه رهندي آهي. سرمائيداري نظام بنيادي طور منافعي تي ٻڌل آهي، انهي کي فطري نظام چوڻ جو مطلب آهي ته انسان فطري طور لالچي آهي، ڇا انسان لالچ کان سواءِ ڪوبه ڪم نٿو ڪري سگهي ،ڪجهه به ايجاد نٿو ڪري سگهي، ڪابه چڳائي نٿو ڪري سگهي . انسان جي فطرت حالات مطابق تبديل ٿيندي ٿي رهي. جيڪڏهن ڪو نظام بهتر ٿو ٿئي ته انسان جون ضرورتون پوريون ٿيون ٿين ،انسان جي اذيت ختم ٿي ٿئي۽ تڏهن ئي هو بهتر انسان ٿو ٿئي. سرمائيداري نظام ۾ هر شيءِ جي ٺهڻ جو مقصد صرف ۽ صرف منافعو هوندو آهي، جڏهن ته سوشلزم ۾ هر شيءِ جي ٺهڻ جو سبب منافعو ڪمائڻ نه پر انسان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ هوندو آهي، ڪو به ماڻهو اوسيتائين امير نٿو ٿي سگهي ،ارب پتي يا وڏو سرمائيدار نٿو ٿي سگهي، جيسيتائين هو ٻي ماڻهو يا ننڍي سرمائيدار جو استحصال نه ڪري ۽ جيستائين غريبن جو رت نه چوسي .هن نظام جي ناڪامي جو انديشو ان مان لڳاءِ سگهجي ٿو ته اڄ هن دنيا تي ساڍا ڇهه ارب جي آبادي مان ساڍا چار ارب ماڻهو غربت جي لڪير هيٺيان وڌي دنيا جي (پنجاسي پرسنٽ) صرف هڪ سئو ٽيانوي (193) لٽي نيشنل ڪمپنين جي هٿن ۾ آهي اڄ دنيا جو انسان جنهن بدترين بدحالي جو شڪار آهي، پهريان ڪڏهن به نه هو اڄ انسان جنهن اذيت ۾ مبتلا آهي پهريان ڪڏهن به نه هو.ڇاڪاڻ ته سرمائيندار نظام ۾ انسان کي نه بلڪ منافعن کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي،ڪالمارڪس (مارڪس) جي چوڻ مطابق ته “هڪ اهڙو وقت ايندو جڏهن قومي رياست متروڪ ٿيڻ شروع ٿي ويندي جتي گهٽ کان گهٽ هٿن ۾ وڌ کا وڌ سرمايو هوندو ۽ گهڻي کان گهڻا ماڻهو غريب جو لڪير هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور هوندا، اڄ اسين اهو سب ڪجهه ڏسون پيا اڄ جو انسان پنهنجا گردا وڪرو ڪري ٿو،پنهنجا ٻار کپائڻ لاءِ تيار آهي پنهنجون عزتون نيلام ڪرڻ تي مجبور آهي،مطلب ته هر شيءَ هن منڊي ۾ ميسر آهي . سرمائيداري نظام انساني فطرت نه بلڪ وحشياني فطرت جي عڪاسي ڪري ٿو. سرمائيداري نظام (ڪيپليزم) نسل انتظامي کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي،انقلاب وقت جي ضرورت آهي،عالم انسان کي تباهي کان بچائڻ لاءِ صرف ۽ صرف سوشلزم ئي واحد حل آهي. ڪاشف پتافي (عوامي آواز)
جواب: سرمائيداري نظام جو عوام دشمن ڪردار؟ ادا نه سرمائيداري نه ڪيپٽل ازم نه سوشلزم نه ٻيون نه ٽيون۔ ڪارل مارڪس کان گهڻو اڳ اسان جي فطري دين اسان کي نظامِ حيات سمجهائي ويو آهي، هاڻ اهو اسان جو ڪم آهي ته ان جي مطابق هلون۔ اسلام هڪ دين فطرت آهي، جنهن زندگي گذارڻ جو دستور حيات ٻڌايو، نه صرف ٻڌايو پر مسلمانن ان تي عمل ڪري ڏيکاريو۔ اسلام امير تي غريب لاءِ زڪات فطرو وغيره مقرر ڪيو، عمر بن عبد العزيز جي دور ۾ ڪو زڪات وٺڻ لاءِ تيار نه هو جو انصاف جي اها حد هئي جو هر ڪو پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪري پيو۔ غربت جون اهي لڪيرون جن جي ڪري اڄ جو انسان اهڙا گٿا ڪم ڪري رهيو آهي جي پار ٿين ٿيون تنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسلام هڪ نظام ٺاهيو آهي جنهن جي تشريح واَح طور پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ڪئي آهي۔ اسان کي گهرجي ته پراڻن تجربن کان فائدو وٺندي وري ساڳيون ڳالهيون نه ڪيون جنهن سان انسان جي فطري عقيدي کي ڌڪ رسي۔