سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت جي سمورن ميمبرن ۽ انتظاميه جي رڪنن طرفان سنڌ سلامت جي سپر ايڊيٽر ۽ مسئلن کي سلجهائيندڙ دوست نثار ابڙو کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي دلي مبارڪ. منهنجي نظر سندس موضوعن جي تعداد تي ڪانه پئي هئي۔ اڄ مست مونکي اها يادگيري ڪرائي۔

    ڪجه ڏينهن اڳ ادا عاشق سولنگي ” لفظ سائين نثار ابڙي جا “ جي عنوان سان هڪ ونڊ ڪيو هو۔ واقعي سندس لکڻ ، سندس ڳالهائڻ ۽ سندس لفظن ۾ هڪ مهڪ آهي ، هڪ ڪشش آهي۔ مان سندس کي شاه سائين جو هڪ بيت ارپيندس :


    ماڻهون سڀ نه سهڻا ، پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهونء منجه اچي بوء بهار جي ​


    مان انهن خوش نصيبن مان آهيان جيڪو سائين جي ڪچهرين مان خوب فيضياب ٿيو آهي۔ منهنجو پاڙيسري ۽ ڪچهريء جو مور آهي۔ سندس سان پهرين ملاقات ۾ هر شخص ائين محسوس ڪندو آهي ڄڻ سندس نثار سان ڪا جنمن جي دوستي ۽ ياري آهي۔

    سنڌ سلامت جو اڱڻ سندس موجودگيء جي ڪري هميشه سکيو ۽ آباد آهي۔ جتي لفظن جي ڪمي محسوس ڪانه ٿيندي آهي۔ هر دوست پنهنجي پوسٽ تي سندس ڪمينٽس جو شدت سان انتظار ڪندو آهي۔ پاڻ سدائين سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪندو رهندو آهي۔

    دعا آهي ته رب پاڪ سائين نثار ابڙي کي وڌيڪ همت ، حوصلو ، جذبو ۽ سٺي صحت ڏي جيئن هو دوستن جي اميدن تي پورو لهي ۽ سنڌ جي سپوتن ۾ شمار ڪيو وڃي.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    سائين نثار ابڙو صاحب مون فقير طرفان به دل جي گهرائين سان توهان کي 400 ٿريڊ مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد هجي سائين جي هر ٿريڊ ۾ هڪ الڳ سوچ ۽ فڪر سمايل هوندو آهي سائين سنڌ سلامت فورم تي مون جي لا۽ استاد جي حيثيت رکن ٿا سائين جي هر ڳاله ۾ ڪا نه ڪا رمزَ رکيل هوندي آهي سائين جي ڳالهين ڪرڻ جو انداز ۽ وري الجهيل ڳالهين کي سلجهائڻ ۾ سائين جو مٽ ناهي
    الله پاڪ سائين کي وڏي ڪاميابي ، وڏي حياتي ۽ صحت ڪاملا عطا ڪري ، آمين

    سدائين گڏ
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    سائين نثار صاحب کي مان سپر ايڊيٽر جو لفظ نه ڏيندس مان ته اهو به نه چوندس ته سائين جهڙي مدبر،ڏاهي ۽ مسئلن کي سلجهائيندڙ دوست آهي بس نثار ابڙو لاء مون وٽ لفظ ئي ڪون آهن،جو بيان ڪريان هن جون سنڌ ء سنڌسلامت لاء بي لوث خدمتون ء نون دوستن کي همٿائڻ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سندس لکڻ ، سندس ڳالهائڻ ۽ سندس لفظن ۾ هڪ مهڪ آهي ، هڪ ڪشش آهي۔ مان سندس کي شاه سائين جو هي ساڳئو بيت ارپيندس :

    ماڻهون سڀ نه سهڻا ، پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهونء منجه اچي بوء بهار جي
    ڪچهريء جو مور آهي۔ سندس سان پهرين ملاقات ۾ هر شخص ائين محسوس ڪندو آهي ڄڻ سندس نثار سان ڪا جنمن جي دوستي ۽ ياري آهي۔

    سنڌ سلامت جو اڱڻ سندس موجودگيء جي ڪري هميشه سکيو ۽ آباد آهي۔ جتي لفظن جي ڪمي محسوس ڪانه ٿيندي آهي۔ هر دوست پنهنجي پوسٽ تي سندس ڪمينٽس جو شدت سان انتظار ڪندو آهي۔ پاڻ سدائين سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪندو رهندو آهي۔

    دعا آهي ته رب پاڪ سائين نثار ابڙي کي وڌيڪ همت ، حوصلو ، جذبو ۽ سٺي صحت ڏي جيئن هو دوستن جي اميدن تي پورو لهي ۽ سنڌ جي سپوتن ۾ شمار ڪيو وڃي.
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    سنڌڙي جندڙي پياري پياري، عشق منجهان استاد بخاري
    ويٺا گيت ٺاهيون ۽ ڳايون، مٺي پنهنجي سنڌ جا
    _______________________________________________________________

    رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
    منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي

    اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان
    اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي.

    گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو
    ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر ڪا رهي وڃي.

    سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي
    اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي.

    مبارڪون وڍيندڙؤ ڪُهڻ جي رُت اچي وئي
    هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي

    اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلئون ته هيئن هلون
    جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي دهي وڃي.


    مانَ وارا اوهان کي لکين واڌايون

    آءُ ته صرف ايترو چوندس ته:

    نثار ابڙو صاحب جن صرف نثار ابڙو نه بلڪه هڪ مڪمل انجمن آهن
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    اڄ جڏهن مان سائين نثار ابڙو جي موضوعن جي تعداد تي نظر ڪئي ته خبر پئي ته سائين جن پنهنجي ڄاڻ جي خزاني مان 400 موضوعن جي تعداد سان انمول موتي هتي ونڊي چڪا آهن۔ سائين نثار ابڙو جا 400 موضوع ڪنهن هڪ سيڪشن يا هڪ شعبي جي لاءِ نه آهن بلڪه اهي 400 موضوع ڏاهپ، علم، ٽيڪنالوجي، کل ڀوڳ، دلچسپ تصويرن، اسلامي موضوعن سميت هر سيڪشن تي پکڙيل آهن، جن کي هڪ ڀيرو پڙهڻ‌سان هر هر پڙهڻ تي دل ڪري ٿي۔۔ دوستن صحيح چيو ته سنڌ سلامت تي جڏهن به ڪو دوست موضوع موڪلي ٿو ته ان ۾‌سائين نثار ابڙو جي ڪمينٽس جو شدت سان منتظر رهي ٿو، ڇو ته سائين نثار ابڙو جن هر موضوع تي دل سان ڪمينٽس ڏين ٿا، اسان جهڙي ڪم علم ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪن ٿا، ڪا خامي هجي ٿي ته اها به اهڙي سهڻي انداز ۾ ٻڌاين ٿا جو ان موضوع جو موڪلڻ‌ وارو سکي به وڃي ٿو ۽ ان کي سندن اهو انداز ڏکيو نه ٿو لڳي۔
    منهنجي طرفان سائين نثار ابڙو کي دل جي گهراين سان هن منزل جي مبارڪ هجي۔۔۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    سائين نثار ابڙو جن هڪ مڪمل انجمن نه پر اسان جي نظر ۾ سلطان راهي آهن۔۔۔۔ ها ها ها (مذاق ۾)
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    هاااااااااااااااااااااااااااااا مست
    داءُ هڻي وئين نه؟
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    ها ها ها ها
    =)) =)) =)) =)) =)) =))
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    ڏيندين وارو ادا، في الحال کِل!!
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    ها ادا هر ڪو پنهنجو وارو وڄائي وڃڻو آهي۔۔۔
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    پر ادا اڄ پاڻ وارو فقير هوشن ۾ نه ٿي، جو سارو ڏينهن ويٺي ممتاز لاشاري جا ڪلام ونڊيا اٿس
    لڳي ٿو ڪالهه واري سائين علي علي جي ڌمڪي ڪم ڪري وئي
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    ادا ۔۔۔۔ سائين علي علي جي ڌمڪي اڃان فائنل نه ٿي آهي، اڃان ان تي بحث هلي پيو ته فقير کي ڦوڪڻي ۾ واڙجي، مٽڪي ۾ واڙجي يا وري مرڳو ئي دهل ۾ ۔۔۔ توهان به رايو ڏيڻ‌نه وساريندا۔۔۔ ها ها ها
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    هاهاهاهاها
    يار هاهاها هاڻ بس ڪر
    ڏاڍي ٿي بابلي فقراءن سان
    وري چوي ٿو هاهاها
    اهي (مست، قمبراڻي ۽ علي علي) مونکان ڏاڍا نه آهن
    هاهاهاهاهاهاهاها
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    ادا هاڻ‌ڪجهه چوڻ تي پابندي ته نه آهي۔۔۔ فقير ته اهو به چوندو ته وقت جو صدر هينئر اڃان ساڻس ماني کائي اٿيو آهي۔۔۔ ها ها ها
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    ابا مون ماٺ ڪئي هاڻ
    هاهاهاها
     
  16. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    سائين نثار جن وٽ مانکي ته لڳي ٿو علم جو خزانو آهي، سائين جن جي هر موضوع هر تحرير ۾ هڪ نئون سبق سکڻ جي لا ملي ٿو، اسان سائين جن جي هر تحرير هر موضوع ڏاڍي شوق ۽ ڌيان سان پڙهندا آهيون۔
    مان ته سائين جن جي لا ائين چوندس ته سائين جن انمول آهن۔



    سائين جن کي 400 موضوع جي مبارڪ ٿا پيش ڪريون۔
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    سنڌ سلامت جا سهڻا دوستو! لک ٿورا جو ايترو مان ڏنو اٿوَ ۔۔۔ پنهنجي حالت ته اها آهي، جيئن سهڻي لطيف فرمايو آهي ته؛ ”حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري“ ۔۔۔ يا وري هيئن به چيو اٿس ته “ اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون” مطلب ته سنڌي قوم جي هڪ ادنى فرد هجڻ جي حيثيت سان اندر ۾ ايتريون ته ڳالهيون ڀريون پيون آهن جو ساري ڄمار گذري ويندي پر ڳالهيون ۽ سور ڪون کٽندا ۔۔۔

    سنڌ جي سماج ۾ حساس ماڻهون جو جيئڻ پل پل جو موت آهي ۔۔۔ ۽ اهڙي جنگي ميدان ۾ جيئڻ دل جگر جو ڪم آهي ۔۔۔ اسين سڀ هڪ ئي ڌرتي تي رهڻ سبب ساڳين سورن جي آوي ۾ پچي رهيا آهيون ۔۔۔ انڪري شمشير چواڻي ته “اوهانجي ڳالهه، اوهانجي محفل ۾ ڪجي ته ڪيئن ڪجي“ ۔۔۔ مونکي اوهان دوستن سان اوهانجون ۽ اسانجون ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪا جهجهڪ نه ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته مونکي خبر آهي ته سنڌ سلامت جا سڀ دوست ڏاها ۽ فهم وارا آهن ۔۔۔ سندن سوچ گهري ۽ انصاف واري آهي انڪري دل کولي ڳالهائڻ آسان ٿي پوندو آهي ۔۔۔ ان ۾ منهنجي خوبي نه پر اوهان دوستن جي فراخدلي آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي اوطاق سنڌ ۽ سنڌيت جي نعري کي قبول ڪيو آهي، سنڌ سلامت جي اوطاق جي دوستن سنڌ جي آجپي واري جهد ۾ پاڻ پتوڙڻ جو وچن ڪيو آهي ۽ اهڙي ساٿ سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي فخر سان سر مٿي آهي ۽ اها آٿت آهي ته اسين هڪ قوم جا فرد هجڻ سان، ڀائر آهيون، دوست آهيون، ڏکن ۽ سکن جا ساٿي آهيون ۔۔۔

    دوستو! هي ته 400 مضمون آهن، جن ۾ ڪجهه ڪچا به هوندا ته ڪجهه ڦڪا به هوندا ته ڪجهه ڪارائتا به هوندا پر منهنجي منزل تحريرن جي نمبرن تي دارومدار نٿي رکي، منهنجي نظر اوهان دوستن جي دوستي تي آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت جي بقا ۽ جياپي تي آهي ۔۔۔ اچو ته اسين سڀ هن اڱڻ ذريعي پنهنجي قومي خدمت ۾ ڪو هڪ اهم معرڪو به طع ڪيوسين ته مطلب حاصل ٿيندو ۔۔۔

    رب اسان سڀني دوستن کي سڌي راهه طرف رهنمائي ڪري ۽ اسان دوستن کي صحتمند ذهن عطا ڪري ته جيئن سنڌ جي رهنمائي ڪري سگهون ۔۔۔ آمين

    هڪ دفعو ٻيهر، ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔ @};-
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    پيارا سائين رب پاڪ اوهان کي خوش سلامت رکي
     
  19. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    آمين۔
    سدا سلامت رهو سائين۔۔۔۔قرب
     
  20. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سائين نثار ابڙي صاحب کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

    سائين ادا نثار صاحب اسان جي طرفان به توهان کي 400 موضوع مڪمل ڪرڻ تي دلي مبارڪباد پيش ٿا ڪريون  اميد ٿا ڪريون ته توهان جي اها جدوجهد جاري  ساري رهندي ...........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو