اي اديبو، شاعرو، دانشورو! عمر قاضي هونءَ ته ادب يا آرٽ مقداري نه پر معياري حساب سان سوچيو ويچاريو ويندو آهي پر جيڪڏهن هن ڀيري اسان معيار کي پاسيرو رکي صرف ۽ صرف مقدار جي حوالي سان سوچيون ته ڇا سنڌي ادب جا عملي سرواڻ اهو ٻڌائي سگهندا ته جنهن قوم جا هو نمائندا آهن، اها قوم جڏهن ٻوڏ سبب لهرن ۾ لڙهي رهي آهي ته اهي اديب ۽ دانشور ۽ شاعر ڪٿي آهن؟ ڇا سموري سنڌ ۾ اوهان کي ڪٿي به اديبن جي امدادي ڪيمپ نظر آئي آهي؟ ٻوڏ ستايلن جي سهائتا لاءِ جيڪڏهن سموري سنڌ ۾ ڪو هڪ اديب سرگرم آهي ته اهو صرف ۽ صرف ڊاڪٽر اديب رضوي آهي. اهو اديب رضوي جيڪو نالي ۾ ته اديب آهي پر هن جو ادب سان پري جو واسطو به ناهي. هو نه شاعر آهي، نه ڪهاڻيڪار، نه محقق ۽ نه مترجم!! جيڪڏهن هو مٿين جنسن مان ڪا به هڪ هجي ها ته هو مسيحا نه هجي ها. پر هو مسيحا آهي ۽ ايشيا جو سڀ کان وڏو اعزاز ”ميگيسيسي“ حاصل ڪرڻ جي باوجود به هو ڪراچيءَ جي ايئر ڪنڊيشنڊ آفيس ۾ ويهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيڻ بدران هو سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ طبي ڪيمپون قائم ڪري دکي انسانيت جي خدمت ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن اسان جي سنڌي اديبن ۾ ڊاڪٽري اديب رضويءَ جهڙي جذبي ۽ ڪمٽمينٽ جي هلڪي جهلڪ به هجي ها ته اڄ سنڌ ۾ اديبن جي ڪردار کي دکي ماڻهو هميشه دلين ۾ سنڀالي رکن ها. پر سنڌي اديبن جو عام ماڻهن جي دکن سورن سان ڪهڙو ناتو؟ ڪهڙو رشتو؟ ڪهڙو تعلق؟ هو ته پنهنجي غيرمعياري لکڻين کي ڇپائڻ ۾ پورا آهن. افسوس جو هو صاحب ڪتاب ته آهن پر صاحب ڪردار ناهن! صاحب ڪتاب هجڻ آسان آهي پر صاحب ڪردار هجڻ تمام مشڪل آهي!! ۽ ائين به ناهي ته اهي اديب ڪي چندا ڪٺا نه ڪندا آهن. انهن کي چندا ڪٺا ڪرڻ جو وڏو تجربو آهي پر عام انسانن لاءِ نه پر انهن ادبي اداڪارن لاءِ جيڪي مخصوص گروهه ٺاهڻ کان پوءِ جڏهن ڪنهن صحت جي عارضي ۾ مبتلا ٿيندا آهن ته پوءِ ڪلچر کاتي جي شامت ايندي آهي پوءِ اپيلون، احتجاج، وفد!! انهن کي ڪجهه به محسوس نه ٿيندو آهي ۽ هو وڏي فخر سان ”پنهنجي لاءِ...پنهنجيون امدادي سرگرميون“ ميڊيا ذريعي مشهور ڪندا آهن ۽ اهو چوندي ٻڌا ويندا آهن ته هو ”جاکوڙي اديب“ آهن. پر سوال آهي ته هو جهڙا به اديب آهن! پر آهن ڪٿي؟ ڇا انهن کي ٻوڏ جو پاڻي لوڙهي ويو آهي؟ اسان ته هن وقت تائين ڪنهن به هڪ اديب جي حوالي سان اهڙي ڪا خبر نه پڙهي آهي، جنهن مان اهو معلوم ٿي سگهي ته انهن کي ٻوڏ جو پاڻي ٻوڙي ويو آهي. هو جيڪي اخبارن ۾ پنهنجا فوٽا ڇپائڻ جي لاءِ ”المنظر“ وٽ سڪل سنڌوءَ جي وارياسي پيٽ ۾ بيهي بيٺل پاڻيءَ ۾ ”گلن جي ورکا“ ڪندا آهن ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اٿي اخباري هاڪر جو انتظار ڪندا آهن سي هاڻي ڪيڏانهن ويا آهن؟ اهي ڪهڙن گمنام بندن تي پهرا ڏين ٿا ۽ ڪهڙن ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو آپريشن ذريعي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا؟ هو هن ڀيري آخر ڇا ٿا ڪن؟ هو جيڪي ديس جي درد جا سڀ کان وڏا ترجمان سمجهيا ويندا آهن ۽ جن کي درياهه سان ازلي عشق آهي، سي آخر ڇو گمنام ٿي ويا آهن؟ هي درياهه ته بند ڀڃي انهن جا پتا پڇائي رهيو آهي ۽ هو عظيم مهمان کان ڀڄي ڪهڙي ڪنڊ ۾ لڪا آهن؟ جيڪڏهن ڪو سنڌي اديب هن ڀيري به اهو ٺڪاءُ ڏئي ته اديبن جو ڪم صرف لکڻ آهي ته ان کي ياد ڏيارجي ته ٻين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ اسپين اندر فرانڪو جي فاشسٽ آرميءَ خلاف انهن اديبن جو ڪردار ڏيکارجي، جيڪو تاريخ ۾ هن وقت به عظيم روشن مناري وانگر کڙو آهي. هو جيڪي صرف قلم هلائيندا هئا. ۽ هو ائين به قلم نه هلائيندا هئا، جيئن اسان جا اديب سڳورا هلائن ٿا پر انهن جو نالو عالمي ادب ۾ اڄ به احترام ۽ پيار سان ورتو وڃي ٿو. پوءِ اهو ناول ”اليوزن اينڊ ريئلٽي“ جي ليکڪ ڪرسٽوفر ڪادويل جو هجي يا نوبل انعام يافته اديب ارنيسٽ هيمنگوي جو هجي! انهن انسان دشمن حڪومت خلاف هٿيار هلايا ۽ وسندڙ گولين ۾ گيت لکيا. جڏهن ته سنڌي اديب ٺڪاءُ ٻڌي به سوڙ وجهي سمهي پوندو آهي. مان ائين نه ٿو چوان ته هو به هٿيار کڻي ميدان ۾ نڪري پون! پر گهٽ ۾ گهٽ هو هن گهڙيءَ پنهنجي ديس جي لٽيل انسانن جي خدمت ته ڪن!! ڇا انهن کي معلوم ناهي ته خدمت ڪرڻ وارو ڪم خطري وارو نه هوندو آهي. اهو ته انتهائي محفوظ ڪم آهي پر ان محفوظ ترين ڪم ڪرڻ ۾ به انهن کي ڇا مسئلو ٿئي ٿو؟ اهو سوال منهنجي سمجهه کان بالاتر آهي. هن وقت هر مڪتبه فڪر جو انسان پنهنجي وس آهر ٻوڏ ۾ لڙهندڙ سنڌ جي واهر ڪرڻ جي لاءِ ور وجهي بيٺو آهي پر ان منظر تان جيڪڏهن آئوٽ آهي ته صرف ۽ صرف سنڌي اديب!! ۽ مان هي ڪالم ان ڪري نه ٿو لکان ته جيئن انهن جو ضمير جهنجهوڙجي ۽ انهن کي سرگرم ڪجي. مون کي معلوم آهي ته جيڪڏهن مان روزانو به هڪ ڪالم صرف سنڌي اديبن جي ڪردار جي نظر ڪريان ته به انهن جي ڪن تي جونءَ نه چرندي! ڇو ته هو صرف ۽ صرف پنهنجي مفاد جي حوالي سان ئي حساس آهن. باقي انهن کي عام ماڻهن جو احساس ڪيترو آهي؟ ان سوال جو جواب هر اهو ماڻهو ڏئي سگهي ٿو ، جنهن پنهنجي زندگيءَ جا چار پل انهن اديبن سان گڏ گذاريا آهن. اهي اديب جيڪي هن وقت گمنام آهن پر جيڪڏهن جو مڙهو اديب بيمار ٿي پيو ته پوءِ هن جو آغا خان اسپتال مان علاج ڪرائڻ جي لاءِ انهن جون سرگرميون ته ڏسجو!! هو جيڪي تخليق جي نالي ۾ الائي جي ڇا ڇا لکندا آهن. جيڪڏهن انهن جي ان ڳالهه کي تسليم به ڪيو وڃي ته اديب جو ڪم صرف ۽ صرف لکڻ آهي ته پوءِ انهن موجوده ٻوڏ جي حوالي سان ڪهڙيون شهڪار لکڻيون لکيون آهن؟ انهن اهڙيون ڪهڙيون ڪوتائون سرجيون آهن، جن کي پڙهي قوم ۾ ٻوڏ ستايلن لاءِ احساس جا جذبا جاڳي پون!! ٻوڏ ستايلن جي سورن تي جيترو ڪجهه به لکيو آهي، صرف ۽ صرف صحافين لکيو آهي ۽ انهن صحافين صرف آفيسن ۾ ويهي نه لکيو آهي پر انهن پاڻي به جهاڳيا آهن ۽ انهن ڏورانهان پنڌ به ڪيا آهن. پوءِ اهو ڇو نه چئجي ته جيڪڏهن هن دور جا ڪي حقيقي ليکڪ آهن ته اهي صرف ۽ صرف صحافي آهن. باقي روايتي اديبن جي جيڪا رهي کهي عزت هئي، اها به هن ٻوڏ ۾ لڙهي وئي آهي. هاڻي اها واپس وري!! اهو ممڪن نظر نه ٿو اچي!! ان ڪري سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي هاڻي اهائي صلاح ڏئي سگهجي ٿي ته هو پنهنجين لکڻين جي پنن مان ڪاغذ جون ٻيڙيون ٺاهي، ٻارن وانگر ٻوڏ جي پاڻيءَ تي هلائين ۽ ان تي تاڙيون وڄائن ته ڪنهن جي ٻيڙي جلدي ٻڏي ۽ ڪنهن جي ٻيڙي دور تائين ترندي وئي!!! بشڪريه عبرت