• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عوام جي طاقت۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
سنڌ يونيورسٽيءَ‌ ۾پڙهڻ دوران پهرئين سال ۾ هڪ ڏينهن مان گرمين ۾ ٽاڪ منجهند جو هاسٽل ڏانهن هڪ دوست ڏي وڃڻ‌لاءِ گهران نڪتس۔۔۔ مٿان مڊٽرم پيپر اچڻ‌ وارا هئا، انهن جي تياري ڪرڻي هئي، گهڻو ڪري منجهند جا 4 ٿيا هئا۔ ڪالوني کان پنڌ ڪندو سينٽرل لائبريري جي ويجهو پهتم ته هڪ پوليس جي موبائل ڏسڻ ۾‌ آئي۔
جنهن ۾ 4 پنج ڏنڊا مشٽنڊا سپاهي چڙهيو ويٺا هجن، هڪ انسپيڪٽر يا صوبيدار اڳيان تشريف فرما هيو۔ گاڏي کي اسٽارٽ ڪرڻ‌جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، گاڏي به پراڻي ماڊل جي، سو اسٽارٽ ٿئي ته ڪيئن ٿئي، اهڙين گاڏين کي ڏسي سمجهه ۾ اچي ٿو ته ڇو اسان واري پوليس سدائين دير سان مقامِ واردات تي پڄندي آهي ۽ ڇو مجرم سندن کان ڀڄي وڃن ٿا۔ خير مان پنهنجي منهن هيڏانهن هوڏانهن جا نظارا ڪندو اڳتي وڌڻ‌لڳس، گاڏي اڃان اسٽارٽ نه ٿي۔۔ مجبورن ڪجهه سپاهين کي لهي ڌڪو ڏيڻو پيو، ڪافي ڪوشش ڪين پر گاڏي اسٽارٽ نه ٿي، وري سڀني سپاهين لهي گڏجي ڌڪو ڏيڻ‌ شروع ڪيو۔۔ وري به کڙتيل نه نڪتو۔۔
اهو ڏسي صوبيدار هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي، اچي اچي مون مست تي نظر پيس۔۔۔ ڇو ته ان ڏينهن ڊپارٽمنٽ ڪنهن بائيڪاٽ جي ڪري سوير بند ٿي ويا هئا ۽ يونيورسٽي جي زيرو پوائنٽ وٽ مون کان سواءِ ۽ پوليس وارن کان سواءِ ٻي ڪابه مخلوق نه هئي۔۔۔ صوبيدار مون کي سڏ ڪيو، مان جيڪو هاسٽل تي وڃڻ وارو رستو ورتو هو، اهو موبائل کان ٿورو ئي پرتي هو۔۔۔ ان وقت منهنجو گاڏي جي ڪنڊيشن تي ڪو ڌيان نه هو، صوبيدار جي سڏ ڪرڻ‌ تي مان گهٻرائجي ويس، ذهن ۾ طرح طرح‌جا خيال اچڻ‌لڳا گمشده ماڻهن جا ڪيس، تشدد، ڇترول، اهي ڳالهيون ته پنهنجي عام دوستن کان ٻڌندا هئاسين۔۔۔ پگهر اچڻ‌شروع ٿي ويا۔۔ پر همت ڪري اڳتي وڌيس۔۔
صوبيدار چيو ”ڇوڪرا! يار هي اسان جي گاڏي خراب ٿي پئي آهي، نه ٿي اسٽارٽ ٿئي، ذرا هن کي ڌڪو ته ڏيار“ مون چيو ” سائين! ايترا سارا صحتمند سپاهي موجود آهن، انهن جي ڌڪي سان گاڏي اسٽارٽ نه ٿي ٿئي ته منهنجي (مست) جي ڌڪي سان ڪيئن اسٽارٽ ٿيندي؟” صوبيدار کلندي چيو! ”يار! ڳالهه سمجهندو ڪر، تون عوام آهين”
هممم، اهو ٻڌي مون به سپاهين سان گڏ گاڏيءَ‌کي ڌڪو ڏيڻ‌شروع ڪيو، اڃان به ٻه سپاهي چڙهي گاڏي تي بيهي رهيا۔۔۔ باقي جي ٻن سپاهين سان گڏ مون جيئن ئي گاڏيءَ کي ڌڪو ڏنو، گاڏي اسٽارٽ ٿي وئي، زوزٽ ڪرڻ‌لڳي۔
اهو ڏسي صوبيدار چيو ” ڏس!‌مان چيومانء نه، تون عوام آهين، ۽ اها اٿئي عوام جي طاقت” مون کلندي وراڻيومانس: ”سائين! منهنجي طاقت جو اندازو ڏيارڻ‌جي مهرباني”
 
جواب: عوام جي طاقت۔۔۔

مهرباني ادا زبردست تجربو ونڊ ڪيو اوهان۔
۽ صوبيدار به سچ چيو، حالانڪه هو ڪوڙو هو!!
 
جواب: عوام جي طاقت۔۔۔

جيڪي اسان جي سنڌ پوليس کي ڌڪا ڏئي ڌڪي اسٽارٽ ڪري ڪم ڪرائن

ليڊر جو ڪم ئي اهو هوندو آهي جو ڌڪي اسٽارٽ شئي کي به هلائي وٺي، ڊٺل شئي کي ٺاهي وغيره وغيره۔۔۔ پر ادا مست کي متان ليڊر سمجهيو اٿوَ۔۔۔۔ مست ته پتڪڙو ديشي آهي۔۔ ها ها ها
 
جواب: عوام جي طاقت۔۔۔

ليڊر جو ڪم ئي اهو هوندو آهي جو ڌڪي اسٽارٽ شئي کي به هلائي وٺي، ڊٺل شئي کي ٺاهي وغيره وغيره۔۔۔ پر ادا مست کي متان ليڊر سمجهيو اٿوَ۔۔۔۔ مست ته پتڪڙو ديشي آهي۔۔ ها ها ها

ادا ڄامشوري واري ڪم ۽ اسڪريبڊ جو ڇا ٿيو؟
 
جواب: عوام جي طاقت۔۔۔

ادا سڀاڻي ئي توهان ڄامشورو اچي وڃو ته توهان وارو ڪم فائنل ٿي وڃي، ڇو ته ٻئي ڏينهن ٿي سگهي ٿو آئون ڳوٺ هليو وڃان۔۔۔۔

سٺو ڪيو جو ٻڌايو، آءُ خود صبح ان شاءَ الله ڄامشوري اچان پيو پر مونکي روشني پبلشر ڏانهن به وڃڻو آهي، اوهان ڪهڙي ٽائيم ڳوٺ لاءِ نڪرندا؟
 
جواب: عوام جي طاقت۔۔۔

سٺو ڪيو جو ٻڌايو، آءُ خود صبح ان شاءَ الله ڄامشوري اچان پيو پر مونکي روشني پبلشر ڏانهن به وڃڻو آهي، اوهان ڪهڙي ٽائيم ڳوٺ لاءِ نڪرندا؟

منهنجي خميس تي تياري آهي اوهان اربع (يعني سڀاڻڪي ڏينهن)‌ تي اچي وڃو۔۔۔
 
جواب: عوام جي طاقت۔۔۔

اد مست توکي ته ملاکڙي ۾ لاهجي۔۔۔۔۔۔
پر يار اساجي حڪمرانن کي عوام جي طاقت جو اندازو الائي ڪڏهن ٿيندو
 
جواب: عوام جي طاقت۔۔۔

سنڌ يونيورسٽيءَ‌ ۾پڙهڻ دوران پهرئين سال ۾ هڪ ڏينهن مان گرمين ۾ ٽاڪ منجهند جو هاسٽل ڏانهن هڪ دوست ڏي وڃڻ‌لاءِ گهران نڪتس۔۔۔ مٿان مڊٽرم پيپر اچڻ‌ وارا هئا، انهن جي تياري ڪرڻي هئي، گهڻو ڪري منجهند جا 4 ٿيا هئا۔ ڪالوني کان پنڌ ڪندو سينٽرل لائبريري جي ويجهو پهتم ته هڪ پوليس جي موبائل ڏسڻ ۾‌ آئي۔
جنهن ۾ 4 پنج ڏنڊا مشٽنڊا سپاهي چڙهيو ويٺا هجن، هڪ انسپيڪٽر يا صوبيدار اڳيان تشريف فرما هيو۔ گاڏي کي اسٽارٽ ڪرڻ‌جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، گاڏي به پراڻي ماڊل جي، سو اسٽارٽ ٿئي ته ڪيئن ٿئي، اهڙين گاڏين کي ڏسي سمجهه ۾ اچي ٿو ته ڇو اسان واري پوليس سدائين دير سان مقامِ واردات تي پڄندي آهي ۽ ڇو مجرم سندن کان ڀڄي وڃن ٿا۔ خير مان پنهنجي منهن هيڏانهن هوڏانهن جا نظارا ڪندو اڳتي وڌڻ‌لڳس، گاڏي اڃان اسٽارٽ نه ٿي۔۔ مجبورن ڪجهه سپاهين کي لهي ڌڪو ڏيڻو پيو، ڪافي ڪوشش ڪين پر گاڏي اسٽارٽ نه ٿي، وري سڀني سپاهين لهي گڏجي ڌڪو ڏيڻ‌ شروع ڪيو۔۔ وري به کڙتيل نه نڪتو۔۔
اهو ڏسي صوبيدار هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي، اچي اچي مون مست تي نظر پيس۔۔۔ ڇو ته ان ڏينهن ڊپارٽمنٽ ڪنهن بائيڪاٽ جي ڪري سوير بند ٿي ويا هئا ۽ يونيورسٽي جي زيرو پوائنٽ وٽ مون کان سواءِ ۽ پوليس وارن کان سواءِ ٻي ڪابه مخلوق نه هئي۔۔۔ صوبيدار مون کي سڏ ڪيو، مان جيڪو هاسٽل تي وڃڻ وارو رستو ورتو هو، اهو موبائل کان ٿورو ئي پرتي هو۔۔۔ ان وقت منهنجو گاڏي جي ڪنڊيشن تي ڪو ڌيان نه هو، صوبيدار جي سڏ ڪرڻ‌ تي مان گهٻرائجي ويس، ذهن ۾ طرح طرح‌جا خيال اچڻ‌لڳا گمشده ماڻهن جا ڪيس، تشدد، ڇترول، اهي ڳالهيون ته پنهنجي عام دوستن کان ٻڌندا هئاسين۔۔۔ پگهر اچڻ‌شروع ٿي ويا۔۔ پر همت ڪري اڳتي وڌيس۔۔
صوبيدار چيو ”ڇوڪرا! يار هي اسان جي گاڏي خراب ٿي پئي آهي، نه ٿي اسٽارٽ ٿئي، ذرا هن کي ڌڪو ته ڏيار“ مون چيو ” سائين! ايترا سارا صحتمند سپاهي موجود آهن، انهن جي ڌڪي سان گاڏي اسٽارٽ نه ٿي ٿئي ته منهنجي (مست) جي ڌڪي سان ڪيئن اسٽارٽ ٿيندي؟” صوبيدار کلندي چيو! ”يار! ڳالهه سمجهندو ڪر، تون عوام آهين”
هممم، اهو ٻڌي مون به سپاهين سان گڏ گاڏيءَ‌کي ڌڪو ڏيڻ‌شروع ڪيو، اڃان به ٻه سپاهي چڙهي گاڏي تي بيهي رهيا۔۔۔ باقي جي ٻن سپاهين سان گڏ مون جيئن ئي گاڏيءَ کي ڌڪو ڏنو، گاڏي اسٽارٽ ٿي وئي، زوزٽ ڪرڻ‌لڳي۔
اهو ڏسي صوبيدار چيو ” ڏس!‌مان چيومانء نه، تون عوام آهين، ۽ اها اٿئي عوام جي طاقت” مون کلندي وراڻيومانس: ”سائين! منهنجي طاقت جو اندازو ڏيارڻ‌جي مهرباني”

هاهاهاهاها مست تي هر ڪنهن جي نظر پوندي آهي با..........ويچارا مست.

باقي ان ڏينهن ڳوٺ هوٽل تي چانھ پيان پيئون ته ڀر مان ڊکڻ پوليس جي موبائيل پئي وڃي.....ان کي ڏسي مانکي پاڻ واري ڇڳل چپل ياد اچي وئي.
 
Back
Top