ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ادب جو هڪڙو نالو آهي، جيڪو تاريخ جو اڻ مٽ نقش بڻجي چڪو آهي، ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ادب جي تقريبن هر پهلو ۽ هر موضوع تي لكيو آهي، ۽ ايترو گهڻو لكيو اٿائين، جو ان جي مطالعي لاءِ مهينا بلڪه سال گهرجن ٿا، محض لكڻ لاءِ ته ٻين اديبن به گهڻو ڪجهه لكيو آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحرير جي خاصيت اها آهي ته سندس تحرير ۾ خون جگر ۽ ذات جي فنائيت شامل آهي، جنهن سندس تحرير كي لازوال بنائي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو هڪڙو ته اهو ڪم آهي، جيڪو هن سنڌ جي تاريخ جي بنيادي ماخذي ڪتابن چچ نامو ۽ تحفته الڪرام جي بيان ڪرده واقعن جي تصحيح ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ ڪيو آهي، انهن ڪتابن جا تفصيلي مهاڳ ۽ آخر ۾ تحقيقي نوٽ لكي، ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي تاريخ جي اهڙي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي، جنهن كان پوءِ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان بيان ڪيل قصا، ڪهاڻيون، ڪمزور ۽ ٻڌل سڌل ڳالهيون ۽ حقيقي واقعا هڪ ٻئي كان ڌار ٿي وڃن ٿا، اهڙيءَ طرح صدي كان پوءِ پهريون ڀيرو پڙهندڙن جي اڳيان سنڌ جي اهڙي تاريخ پيش ٿي آهي، جيڪا تحقيق جي بنيادي اصولن جي عين مطابق آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪم جو ٻيو ميدان سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيق آهي، سنڌي ٻولي جو آغاز ۽ ارتقاءُ ڪيئن ٿيو. تاريخ جي مختلف مرحلن مان ٻولي ڪيئن گذري ۽ سنڌي ٻوليءَ تي سڀ كان وڌيڪ اثر ڪهڙي ٻولي يا ٻولين جو پيو ۽ ٻوليءَ ۾ ڪهڙين قدرن جو اثر غالب آهي، ان موضوع تي ڊاڪٽر صاحب جو لكيل ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو مختصر تاريخ“ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو تحقيق جو نادر نمونو آهي، جنهن ڊاڪٽر صاحب جي تحقيقي مان ۽ شان ۾ اضافو ڪيو آهي، جيتوڻيڪ هن موضوع تي ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لكيا ويا آهن، جنهن ۾ مختلف نڪته نگاهه ظاهر ڪيا ويا آهن، پر ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق ۽ سندس نڪته نگاه ايترو ته مضبوط آهي، جو سندس ڀيٽ ۾ ٻيا موقف واضح طور تي ڪمزور نظر اچن ٿا. ڊاڪٽر صاحب جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جي صحيح ۽ حقيقي بنيادن كي پڻ مستحڪم ڪندڙ آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪم جو ٽيون ميدان لوڪ ادب آهي. هر قوم لاءِ لوڪ ادب جي حيثيت مسلمه رهي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيئن فرد عمر جي ارتقائي مرحلن مان گذري، پختگيءَ جي حالت تائين پهچي ٿو، تيئن قومون به ابتدائي ارتقائي مرحلن مان گذري، بهتر ۽ مستحڪم حالت تائين پهچن ٿيون، انهيءَ عرصي ۾ قومن جي ارتقاءَ جي تاريخ كي، جيڪا شيءِ محفوظ ڪندي آهي، اهو ادب آهي، ادب جي ذريعي قومن جي روايتن، تهذيب ۽ قدرن جو اظهار ٿيندو آهي، جيڪڏهن قومن جي زندگيءَ جو نڪته نگاه جاندار، طاقتور ۽ معنويت سان ڀريل هوندو آهي ته ادب ۾ پڻ ان جي پاڪيزگي ۽ حسن ظاهر ٿيندو آهي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي زندگيءَ جي پاڪيزه نڪته نگاهه كي دنيا ساراهيندي رهي ٿي، اهڙي قوم جي ادب جي حفاظت نه صرف ان جي پنهنجي زندگيءَ ۾ حسن پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، بلڪه ٻين قومن لاءِ پڻ اهڙو ادب زندگيءَ ۾ جوش، جذبو ، حسن ۽ پاڪيزگي پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ٿو. ان اعتبار سان سنڌ جي لوڪ ادب كي محفوظ ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏيئي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب هڪ اهم خدمت سر انجام ڏني آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي ڪم جو چوٿون ميدان شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس ڪلام يعني لطيفيات آهي، سنڌي ادب ۾ شاهه عبداللطيف جي ڪلام كي جيڪا اهميت حاصل آهي، اها محتاج بيان ناهي. لله تعاليٰ مختلف قومن ۾ شاهه عبداللطيف جهڙيون شخصيتون ان ڪري پيدا ڪندو آهي، ته جيئن انسانن جي اڳيان سندس محبت ۽ معرفت جو آهنگ اهڙي طرح بلند ڪيو وڃي، جو مادي حسن ۽ مادي محبت جا طوفاني وهڪرا محبت ۽ معرفت جي انهيءَ پاڪيزه جذبي كي فنا نه ڪري سگهن. ان مقصد لاءِ لله تعاليٰ اهڙين شخصيتن كي پنهنجي محبت ۽ معرفت جي هيٺاهين درجن كان ڏاڪي به ڏاڪي مٿاهين درجن تائين پهچائي، انساني فطرت جي بنيادي ڪمزورين، ڪوتاهين، ضرورتن ۽ خوبين كان واقف ڪري، پنهنجي محبت جو عظيم راز دان بنائيندو آهي، اهو سڀ ڪجهه لله تعاليٰ جي منصوبي جو حصو هوندو آهي، مقصد فردن كي مادي حسن ۽ محبت جي اٿاه جذبن مان ڪڍي، سندن دلين ۾ حقيقي محبت جي جوت جلائڻ ۽ اعليٰ مقصد لاءِ زندگي گذارڻ تي آماده ڪرڻ هوندو آهي، ان مقصد لاءِ مختلف قومن ۾ مختلف عظيم شاعر گذريا آهن، پر اسان جي نظر ۾ محبت جي انهيءَ آواز كي جنهن زور شور سان مولانا روميءَ كان پوءِ شاهه ڀٽائيءَ پيش ڪيو آهي، ان جو مثال نٿو ملي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام بابت اڃان تحقيق جو ڪافي ڪم رهيل هو ، مثلن هڪ ته مختلف نسخا ڀيٽي صحيح ڪلام ۽ صحيح متن جي چونڊ تي مشتمل رسالو تيار ڪرڻو هو، ٻيو ڪلام جي اهڙي تشريح ڪرڻي آهي، جيڪا شاهه جهڙي عظيم اسلامي صوفي شاعر جي ڪلام سان ٺهڪندڙ هجي ۽ سندس ڪلام جي شان ۽ مان وٽان هجي. اهو اهو ڪم آهي، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ صاحب هٿ ۾ كنيو. موصوف 25،30 سالن كان تحقيق جو اهو ڪم ڪري رهيو آهي، ڏهن جلدن تي مشتمل اهو ڪم مڪمل ٿيو ڊاڪٽر صاحب جي ان ڪم جي اهميت جو اندازو اهي ئي فرد ڪري سگهن ٿا، جيڪي شاهه جي ڪلام تي ٿيل تحقيق تي نظر ركن ٿا. هينئر تائين شاهه تي ڪافي ڪجهه تحقيقي ڪم ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ آڏواڻي ڪيو آهي، ڪلام جي تشريح به انهن لكي آهي. هندو محقق تحقيق ۾ ڪيڏي به غيرجانبرداريءَ جو مظاهرو ڪن، پر ان جي باوجود اهي پاڻ كي هندو ويدانت، هندو فلسفي ۽ هندي تهذيب جي اثرات كان بچائي سگهن، اهو مشڪل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هندو محققن جي رسالي تي ٿيل تحقيقي ڪم تي هندي فلسفي جي ڇاپ موجود آهي. ان پس منظر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جهڙي ڏاهي ۽ محقق جو شاهه تي ڪم وقت جي اهم ضرورت هئي، جنهن كي موصوف پورو ڪيو آهي. سنڌي ادب ۽ تاريخ جي مختلف پهلوئن تي لكڻ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب تلاش ۽ تحقيق لاءِ جيڪي نڪتا، جيڪي وهڪرا، ۽ جيڪي بنيادي لائنون ڏنيون آهن، پونيئر اديبن لاءِ تحقيق جي انهن اصولن كان صرف نظر ڪرڻ يا انهن كان مختلف بنيادون اختيار ڪرڻ لاءِ سخت محنت ۽ مطالعي جي ضرورت هوندي، ان جو سبب اهو آهي ته جيڪي شخص پنهنجيون سموريون صلاحيتون، توانائيون ۽ قوتون ڪنهن خاص فن ۾ صرف ڪن ٿا ته ان جي نتيجي ۾ كين انهيءَ فن ۽ علم جي انهيءَ شعبي ۾ خاص ملڪو ، ڏانءُ ۽ ”تخصص“ حاصل ٿئي ٿو ، ان كان پوءِ واسطيدار شعبي جي علم يا فن بابت سندن راءِ كي سند حاصل ٿي وڃي ٿي. ڊاڪٽر بلوچ اڌ صديءَ كان وڌيڪ زندگي اهڙي طرح گذاري آهي، جو سندس علم وادب، تلاش تحقيق ۽ تاريخ سندس مزاج ۾ خون وانگر گردش ڪندا رهيا آهن، سندس ذهن تي تلاش ۽ تحقيق جو فڪر ئي غالب رهيو آهي، سنڌي ادب مرزا قليچ بيگ كان پوءِ اهڙو فرد پيدا نه ڪيو آهي، جنهن پاڻ كي علم ۽ ادب ۾ اهڙي طرح فنا ڪيو هجي، وڏي ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر بلوچ ادب ۽ تاريخ جي تحقيق لاءِ جن اصولن كي بنياد بنايو آهي، دور جديد ۾ تحقيق جا اهي ساڳيا اصول عالمي طور تي تسليم ٿيل آهن ۽ ادب ۽ تاريخ ۾ تحقيق جي ڪسوٽي اهي ئي اصول آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق جي هڪ اهم خاصيت اها آهي ته موصوف سنڌي ادب كي پنهنجي اصلي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي جنهن ۾ سنڌي ماڻهن جي صدين جي تهذيبي روايتن، معاشرتي روين ۽ زندگي جي رنگ ڍنگ جي عڪاسي ٿئي ٿي، عقيدن ۽ قدرن جو ڏيک نظر اچي ٿو ۽ سنڌي ادب هڪ مڪمل پاڪيزه نظريي ۽ قدرن جو حامل نظر اچي ٿو. سنڌي ادب جي اها تاريخ مرتب ڪرڻ، وقت جي اهم ضرورت هئي، جنهن ضرورت كي هڪڙي فرد پنهنجي خون جگر سان پورو ڪيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي اها اها عظيم خدمت آهي، جنهن لاءِ هو اهل سنڌ جي پاران ٿوراين ۽ واڌاين جو مستحق آهي، حقيقت اها آهي ته سنڌي ماڻهن تي سندس اهو اهڙو احسان آهي، جنهن جو ٿورو لاهڻ مشڪل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي انهيءَ ٺوس بنيادي تحقيق كان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته مستقبل ۾ سنڌي ادب كي پنهنجي تاريخي ادبي بنيادن، پاڪيزه قدرن ۽ روايتن كان محروم ڪرڻ جون ممڪنه ڪوششون انشاءَ لله ڪامياب ٿي نه سگهنديون، اهو ته ٿي سگهي ٿو ته وقتي طور تي ذهن كي متاثر ڪندڙ سڌ سماءَ جي ذريعن كان ڪم وٺندي نئين نسل جي ذهنن كي علم و ادب جي حوالي سان ماضيءَ جي تسلسل كان دور ڪيو وڃي، پر سنڌي ادب ۾ موجود پخته نظرياتي بنيادن ۽ تاريخي ادبي وهڪري جي حوالي سان ماضيءَ سان ادبي ۽ نظرياتي تعلق كي ٽوڙي هرگز نٿو سگهجي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب بظاهر هڪ فرد نظر اچي ٿو ، پر سندن سٺ ستر ساله مسلسل جدوجهد ۽ ڪاوش جي نتيجي ۾ جيڪو علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم سامهون آيو آهي، اهو ايترو اهم ڪم آهي، جيڪو ڪيئي ادارن جيترو ڪم نظر اچي ٿو. مزيد ليک لاء ڏسو۔۔۔Sindh National Academy Trust bedarimillat.com
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ادا ٻڌائندو هلان ته اهو مضمون ،جديد سنڌ جا عالم ۽ ڏاها،۔ کان ورتل آهي جنهن جي ليکڪ سائين موسي ڀٽو آهي۔
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پيارا سائين الله اوهان کي خوش رکي، جو اهڙو مضمون اوهان اسان سان ونڊ ڪيو آهي۔ ڊاڪٽر صاحب جي حوالي سان ڪافي مواد موجود آهي، شڪر آهي جو هن وقت هو اسان جي وچ ۾ موجود آهن، محترم ڊاڪٽر صاحب جن سان حيدرآباد مسلم سوسائٽيءَ ۾ جڏهن به ملاقات ٿيندي آهي ته اهو احساس شدت سان ٿيندو آهي ته هي هڪ فرد نه بلڪه ادارو آهي، پر خبر نه آهي هيڏي محنت ڪندڙ شخصيت جو ڪو جانشين به سنڌ پيدا ڪندي، ڇا ڪو اهڙو شخص موجود آهي جيڪو ڊاڪٽر صاحب جون رهيل خواهشون ۽ ڪم پورا ڪري، پاڻ به فرمائيندا آهن ته طاهر بابا اوهان نوجوان آهيو ۽ مونکي قوي اميد آهي ته اوهان پنهنجو فرض نڀائيندي ضرور ميدان ۾ اڳتي ايندا، والد صاحب سان پڻ منهنجي باري ۾ ضرور ڳالهائيندا ۽ ڪمن کي ساراهيندا آهن۔ اهو انهن جو عمل صرف هڪ مونسان نه آهي، اهڙي شخصيت اٿن جو جيڪو به انهن جي لهه وچڙ ۾ آهي اهو ائين چوڻ تي مجبور ٿيندو آهي ته ڊاڪٽر صاحب صرف مونسان ئي پيار ڪن ٿا۔ لک لائق پيارا چوهاڻ صاحب اهڙي مضمون اسان سان ونڊڻ تي۔۔۔۔
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ادا مهرباني اوهان جي جيڪڏنهن توهان اڃان وڌيڪ مضمون پڙهن چاهيو ٿا ته توهان ضرور ذڪر ڪيل سايٽ و زٽ ڪندا۔ نهايت جامع انداز سان مضمون آهي۔