فاسٽ فوڊ- بيمارين کي دعوت

'صحت سرير جي' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2010۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    وڏن شھرن جا اُھي ماٹھو جيڪي انتھائي مصروف زندگي
    گذارين ٿا. وقت جي گھٽتائي سبب في الحال پيٽ ڀرڻ لاءِ فوري تيار
    فاسٽ فوڊ کائي وقت بچائي، پنھنجي ڪار ۽ ڊيوٽي کي اھميت ڏين
    ٿا. روز جو اھو معمول بنائڻ جي نتيجي ۾ معدي ۽ پيٽ جي بيمارين
    کي پنھنجي کيسي مان پئسا خرچ ڪري بيماري خريد ڪرڻ جو
    Slow رسڪ کٹن ٿا. اسان جي نظر ۾ فاسٽ فوڊ کي صحت لاءِ
    خود ڪشي چئي سگھجي ٿو ، ڇاڪاڻ ته ڪڪڙ جنھن کي نئين
    نسل مرغي نالو ڏنو آھي، ان جي مٿان جيڪو تھه يعني ليئر ڏنو
    وڃي ٿو، ان کي ذائقيدار بنائڻ لاءِ جيڪو تيل ۽ ڪيميڪل ۾ تيار
    ڪجي ٿو ، اھو معدي ۾ گھٹي دير رھڻ جي نتيجي ۾ دير سان ھضم
    ٿئي ٿو ۽ پيٽ ۽ معدي ۾ جلن، گيس ۽ السر جي بيماري جو سبب
    بٹجي ٿو. ھڪ ميڊيڪل سروي مطابق پاڪستان جي وڏن شھرن ۾
    جيڪي ماٹھو گھٹي مصروف زندگي گذارين ٿا ۽ ھوٽلن جو کاڌو
    زياده کائين ٿا، ھر چوٿون ماٹھو السر ۽ قبض جي بيماري ۾ مبتلا
    آھي. پڙھندڙن جي معلومات ۾ اضافي لاءِ فاسٽ فوڊ يعني برگر-
    پيزا - ڪي ايف سي - ميڪڊولڊ وغيره ڪيئن ۽ ڪڏھين شروع ٿيا،
    متعلق معلومات لکان ٿو. فاسٽ فوڊ جي تاريخ تمام پراٹي آھي، ان
    جي شروعات 1948 ع ۾ آمريڪا مان ٿي. شروع ۾ صرف گاڏن تي
    سستا برگز سينيمائن جي اسٽالن تي ملندا ھئا. ان وائٽ ڪئسل نالي
    سان پھرين فود چين وجود ۾ آئي، جنھن ترقي ڪري الگ ننڍا ھوٽل
    قائم ڪري، برگر ۽ ان مان ٻين شين ٺاھڻ جو رواج اختيار ڪيو.
    1948 ۾ ميڪڊولن اڳ فوڊ ريسٽورنٽ جو رواج وڌو ، ترقي ڪندو
    دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنھنجون شاخون کوليندو ويو. برگر ۾
    مختلف قسم جي گرم کاڌن کي مڪس ڪري چٽپٽو تيار ڪري، ان
    سان گڏ ڪابه ڪاري بوتل پيئڻ لاءِ پيش ڪئي ويندي آھي. جيڪا
    انسان جي جسم ۾ بيماري ڪرڻ جو پڻ اھم سبب آھي. پيزا جو
    پھرين رواج جرمني کان شروع ٿيو، جيڪو پاڪستان ۾ پنھنجي
    عروج تي آھي. فاسٽ فوڊ کائيندڙ فيمليون اڪثر دولتمند ۽ اعليٰ
    طبقو ھوندو آھي، جيڪو اھڙي قسم جي مھانگين ھوٽلن ۽
    ريسٽورنٽ تي برگر پيزا کائي فخر محسوس ڪندا آھن، حالانڪه
    طبي ماھرن ھر قسم جي فاسٽ فوڊ کائڻ لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو
    آھي، جيڪو مزو پنھنجي گھرجي روايتي کاڌي ٻوڙ ماني کائڻ ۾
    آھي. ان جو نعم البدل ھرگز نه آھي. غذائي طاقت ۽ توانائي به
    حاصل ٿئي ٿي ته صحت به برقرار بحال رھي ٿي. فاسٽ فوڊ ۾
    ڪيليريز ضرورت کان زياده ھونديون آھن ۽ ھي سڀ شيون دير
    ھضم، گيس، جلن ۽ قبض پيدا ڪندڙ آھن. انھن جي کائڻ سان
    صرف وقتي پيٽ جھلو ٿئي ٿو ، پر ڍئو نٿو ٿئي. مغرب کان فاسٽ
    فوڊ ڪلچر (رواج) تيزي سان مشرق طرف پنھنجا پير ڄمايا آھن.
    امير ۽ دولتمند صاحب حيثيت جي گھرن ۾ اڪثر ڪري رات جو
    کاڌو ٻاھر ھوٽلن ۽ مھانگي ريسٽورنٽ ۾ کائڻ جو معمول بٹجي
    چڪو آھي. ھڪ ڪاروباري چال چلني رات جو ٻارنھي بجي کان
    پوءِ ساڳئي کاڌي جو اگھه اڌ ورتو وڃي ٿو ته جيئن وچولي طبقي
    جو شوقين به پنھنجي برگر ۽ پيزا سان ڪولڊرنڪ، خاص طور تي
    ڪاري رنگ جي پيئڻ عام رواج بلڪه فيشن آھي. ماٹھو ھاضمي
    جي خيال ۽ وات جي مزي خاطر پيئن ٿا. ليڪن طبي ماھرن
    ھرڪولڊ خاص طور تي ڪاري رنگ جي بوتل پيئڻ کي مٺو زھر
    قرار ڏنو آھي. جيڪو اڪثر نوجوان طبقو شوق سان پئي ٿو.
    ٻاھر کائڻ جوشوق پورو ڪري سگھجي، ظاھر آھي، رات جو
    دير سان ڳرو کاڌو کائي بغير ھل چل، يڪدم سمھي پوڻ سان ڪانه
    ڪا بيماري ته ضرور ٿيندي. معاشري ۾ طرز زندگي تيزي سان
    تبديل ٿيندي پئي وڃي ته ماضي جا مھمان نوازي وارا طريقا، رواج
    ۽ رسمون اڪثر ڪري شھرن مان جيڪڏھن ختم نه پر گھٽ
    ضرور ٿينديون ٿيون وڃن. طبي ماھرن جي سروي مطابق سالن کان
    20 سالن جي نوجوان نياٹين ۽ ڇوڪرن ۾ فاسٽ فوڊ کائڻ جو
    رجحان تيزي سان روز بروز وڌندو وڃي ٿو، جنھن جي نتيجي ۾
    ننڍي عمر ۾ ٿولھه (موٽاپي)، وزن وڌڻ جو تعداد تيزي سان وڌندو.
    اھڙي قسم جي نوجوان طبقي ۾ جسم تي چرٻي جو تھه چڙھيل
    ھوندو آھي. جسم ۾ ڪا طاقت نه ھوندي آھي، بلڪه ڦيڦو ھوندو
    آھي.
    ميڊيا جو جادو پنھنجي عروج تي آھي، اشتھارن ۾ اھڙا لفظ ۽
    سين ڏيکاريا وڃن ٿا، جو فاسٽ فوڊ جا کاڌا ڏسي، ان جي کائڻ لاءِ
    طبيعت مائل ٿئي ٿي، پيزا متعلق ھڪ لطيفو لکان ٿو. ھڪ ھمراھه
    جيڪو واجبي پڙھيل ھو، پنھنجي ڪنھن ويجھي مائٽ جي صلاح
    ھٹڻ تي جيڪو ڪراچي ۾ رھندڙ آھي، گھمڻ لاءِ ويو. ھڪ ٻه
    ڏينھن ته گھر جي ماني کارائينس، ھڪ ڏينھن چيائينس ته اڄ توکي
    ڪراچي جي مشھور ھوٽل پيزا تي وٺي ھلي ٿو ماني کارايان.
    ھمراھه ته اھو نالو ٽي وي ۽ اخبارن ۾ ڏٺو ، ٻڌو پڙھيو آھي. ڏاڍو
    خوشي مان ذھن ۾ وڏو ڪو تصور ڪندي پيزا ريسٽورنٽ تي پھتو.
    ھوٽل جو شو وغيره ڏسي متاثر ٿيو، محسوس ڪيائين ته اڄ ڍؤ
    ڪري کائبو. سندس مائٽ پيزا جو آرڊر ڏنو. ٿوري دير ۾ بيرو گرم
    گرم پيزا کٹي آيو. مائٽ چيس کائڻ شروع ڪر، ته چيائين ته ھي
    صرف ماني مٿان ٻوڙ ھاريل آھي، ھي ٻيو الڳ ٻوڙ ڪٿي آھي. جنھن
    سان کائجي. مائٽ چيس ته بس اھوئي پيزا آھي، جيڪو ٽماٽي جي
    چٽٹي سان کاءُ. ھمراھه وراٹيو ته مار، وڏا سچ چئي ويا ته نالو وڏو
    شھر سڃو. منھنجي ذھن ۾ ھو ته پيزا معنيٰ مزا ئي مزا، ھي ته
    ڪڙي روٽي کارائي اٿئي. ھمراھه ٻڌايو وڏين ھوٽلن وارا بل به
    ڪتاب ۾ لڪايو اچيو ڏين ۽ پئسا به ڪتاب ۾ وجھيو ٿا وٺن. ھزار
    جي نوٽ مان خبر نه آھي، بيرو ڪيترو موٽائي ڪتاب ۾ لڪائي
    کٹي آيو. مائٽ وري پنجاھه روپيه بيري کي ڏنو. چيومانس ته اھي
    روپيا ڇا جا ڏنا اٿئيس ته چيائين اھا ٽرپ آھي. آئون ڪرسي تي
    ويٺو رھيس، مائٽ چيو ته ھاڻ ٻاھر ھلون، چيومانس ته انھن پنجاھه
    روپين جي ٽرپ جو ته ڪا شيءِ کائڻ لاءِ کٹي ايندو. مائٽ ٽھڪ
    ڏيئي چيو ته ٽرپ معنيٰ بيري جي خرچي اھا ھن جي کيسي ويندي.
    ھمراھه چيو ته مار ھوٽل مالڪ ھنن کي پگھار ڪونه ڏين، ائين
    ھلائي ماٹھن جي خرچي وٺندا، ھنن کان ونگار تي ڪم پيا وٺن،
    معنيٰ وڏن شھرن ۾ به ونگار جو رواج آھي. بھرحال اڄ ڪلھه
    بلڊپريشر، دل جون بيماريون، گيس، السر ۽ قبض جي بيماري ۾ اھي
    ماٹھو مبتلا آھن، جيڪي کاڌي پيتي جي بدپرھيزي ۽ ھوٽلن جو کاڌو
    کائين ٿا. ھر شيءِ ۾ ملاوٽ ۽ کوٽ آھي. نفسياتي طور پاڻ اھا قوم
    آھيون، جيڪا ھر چمڪندڙ شيءِ کي سون سمجھي ٿي. ھي خدائي
    ڏمر جي نتيجي ۾ جيڪي مختلف قسمن جون آفتون ٻوڏون، زلزلا،
    حادثا ۽ دردناڪ واقعات روز بروز ٿين پيا. ان ھوندي به اندر جون
    اکيون بند آھن. معجزي جي انتظار ۾ آھيون، جيڪو ان ڪري
    ممڪن نه آھي ته رب پاڪ تيستائين ڪنھن قوم جي حالت نٿو
    بدلائي، جيستائين اھا خود نه ان جو فڪر ڪري. آخري ڳالھه ھي
    آھي ته گھر جو ڀلي سادو کاڌو ھجي، جيڪو ان ۾ مزو صفائي
    سٿرائي پاڪائي آھي، اھو ٻاھر جي ڪھڙي به اوچي اعليٰ کاڌي ۾
    ممڪن نه آھي.
    ڪنھن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکي جوابي
    لفافو ائڊريس تي لکيل موڪلي جواب عاقل پلازه گورنمنيٽ ڪاليج
    روڊ حيدرآباد تان حاصل ڪري سگھجي ٿو.
    حڪيم نذير احمد شيخ
    ماخوذ؛ ماهوار بيداري سنڌي نومبر2010
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: فاسٽ فوڊ- بيمارين کي دعوت

    ادا اوهان جو موضوع تمام گهڻو ڪارائتو آهي.....ڪجھ پڙهيو آهي ڪجھ ٽائيم مليوته پڙهي وٺبو.
    ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فاسٽ فوڊ- بيمارين کي دعوت

    سائين لک لائق اهڙي موضوع موڪلي اسان جي صحت جو خيال ڪيو آهي اوهان۔
    مانَ وارن جناب حڪيم صاحب جن سان وقتا فوقتا فون تي حال احوال ٿيندو آهي حيدرآباد اچڻ تي سندن زيارت به ٿي ويندي آهي، الله وارا نهايت با اخلاق بزرگ آهن، الله تعالي سندن کي خوش رکي۔
    مهرباني دوست
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: فاسٽ فوڊ- بيمارين کي دعوت

    [b]ادا طاهر ۽ اداعا شق توهان ٻئ اڄ ڄڻ مهنجي ٻيٺڪ تي گڏ ٿيا آهيو يفين ڪيو ڏاڌي خوشي ٿي اوهان ٻنهي جي وڏي مهرباني[/b]
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فاسٽ فوڊ- بيمارين کي دعوت

    ادا اوهان انهن ٻنهي کان ڪا وڌيڪ اميد نه رکو۔
    (مذاق ۾)
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: فاسٽ فوڊ- بيمارين کي دعوت

    سائين اهڙي مذاق اڌ ساه ڪڍي ڇڌيوئ ذري گهٽ، ها ها ها
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فاسٽ فوڊ- بيمارين کي دعوت

    ادا جي منهنجي ننڍڙي مذاق اوهان جي چهري تي مسڪراهٽ سجائي ڇڏي ته مون لاءِ ڪافي آهي۔
     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: فاسٽ فوڊ- بيمارين کي دعوت

    مهرباني ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو