ننڍا عمل وڏا نتيجا

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اوهان دوستن کي ياد هوندو ته ڪجهه سال اڳ 9/11 جو واقعو ٿيو هو جنهن ۾ آمريڪا جون ٻه وڏيون عمارتون تباهه ٿي اچي پٽ پيون ... انهن عمارتن ۾ ڪم ڪرڻ وارا ڪيترائي انسان اجل جو شڪار ٿيا ۽ انهن عمارتن جي تباهه ٿيڻ سان دنيا سڄيءَ ۾ جيڪو ڀونچال آيو انکي اڃان تائين اسين ڀوڳي رهيا آهيون ... ظاهر ۾ ته ٻه عمارتون تباهه ٿيون ۽ ڪجهه هزار ماڻهون مئا پر ان جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ هن وقت تائين لکين ماڻهون ماريا ويا آهن ۽ ڪروڙين ڊالرن جو خرچ ٿي چڪو آهي ... ان 9/11 واري واقعي سان سنڌ کي به تمام گهڻو نقصان رسيو آهي، جنهن ۾ سرفهرست ڀيڻ بينظير جي شهادت آهي ... ڇاڪاڻ ته آءُ محترمه بينظير جي شهادت کي پڻ طالبان، القاعده ۽ آمريڪا جي سازش جو نتيجو سمجهانٿو ... ۽ انهن عمارتن جي ڊهڻ واري ويڙهه پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اڄ به جاري آهي ... اڃان ڪيترو نقصان ٿيندو انجو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي ...
    ________________________________________
    9/11 واري واقعي ۾ جيڪي ماڻهون ان وقت ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي عمارت ۾ موجود هجڻ کپن ها ۽ اهي ماڻهون موجود نه هئا ۽ انهن جي زندگي بچي وئي ... انهن ماڻهن کان جڏهن پڇيو ويو ته اوهان ڪيئن بچي ويا ته انهن جا سبب ڪجهه هن طرح سان هئا ...

    - هڪ ڪمپنيءَ جي مالڪ جي زندگي انڪري بچي وئي جو ان ڏينهن سندس پٽ جو ڪنڊرگارٽن جي ڪلاس جو پهريون ڏينهن هو ... انکي اسڪول ڇڏڻ ويو هو ...
    - هڪ همراهه جي زندگي انڪري بچي وئي جو ان ڏينهن بيڪريءَ تان صبح جو ڊونٽس وٺڻ جي واري سندس جي هئي ...
    - هڪ شخص کي دير انڪري ٿي وئي جو سندس گهڙيءَ واري گهنٽي (الآرم) نه وڳي ...
    - هڪڙي همراهه کي وري ٽريفڪ پوليس بهاري پڇا ڳاڇا ڪئي جو هڪ ننڍڙو ايڪسيڊنٽ ڪري وڌو هيائين ۽ بچي ويو ...
    - هڪڙي عورت کي بس مس ڪرڻ سبب دير ٿي وئي ...
    - هڪڙي همراهه جي ڪپڙن تي کاڌي جي رس ڪري پئي ۽ هو ٻين ڪپڙن مٽائڻ ۾ دير ڪري ڇڏي ...
    - هڪ ملازم جي ڪار اسٽارٽ ڪرڻ ۾ دير ڪئي انڪري کيس آفيس وڃڻ ۾ دير ٿي وئي
    - هڪ همراهه کي ٽيڪسيءَ جي انتظار ۾ بيهندي دير ٿي وئي ...
    - هڪ همراهه نئون بوٽ ورتو ۽ ان ڏينهن پائي اڃان ٻاهر نڪتو ته سندس پير ۾ سور پيو ۽ هو ان بوٽ کي بدلائڻ لاءِ گهر موٽي ويو ته کيس دير ٿي وئي ...
    - هڪ ملازم آفيس ايندي دوائن جي دڪان تان بينڊ-ايڊ وٺڻ لئه بيٺو ته کيس دير ٿي وئي ۽ هو موت کان بچي ويو ....
    ________________________________________
    دوستو! اسان پنهنجي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ پڻ اهڙن کوڙ ساترن واقعن سان منهن ڏيندا آهيون ۽ اهڙين ننڍڙين ننڍڙين غلطين تي يا ڪمن تي ڪڏهن ڪڏهن اسانکي سخت ڪاوڙ ايندي آهي ...
    ڪڏهن ڪار جي چاٻي نه ملندي آهي ..
    ڪڏهن ٽريفڪ ۾ ڦاسي پوندا آهيون ...
    ڪڏهن ويندي ويندي فون جي گهنٽي وڄندي آهي ...
    اهي سڀ شيون جيڪي انسان کي ڪاوڙائينديون آهن، اهي ئي ڪڏهن ڪڏهن انسان جي زندگي بچائڻ جو سبب ٿين ٿيون ... انڪري جو ؛

    بندي جي من ۾ هڪڙي ته رب جي من ٻي هوندي آهي ...

    انڪري اهڙين ڳالهين تي پاڻکي پريشان نه ڪندا ڪريو، ڇاڪاڻ ته اوهانجي مٿان به هڪ سگهه آهي جيڪا اوهانکي ڏسي رهي آهي، اوهان کان اهو ڪجهه ڪرائي رهي هوندي آهي جيڪو اوهان جي فائدي ۾ هوندو آهي ...

    آخر ۾ دوستن کي لطيف جو هي بيت ياد ڏياريندو هلان ته...

    واڳ ڌڻيءَ وس، آءُ ڪا پاڻ وهيڻي ...

    رب الڪائنات اسانجي اهڙين غلطين ۽ حادثن کي اسانجي فائدي ۾ بدلائي ... آمين[/]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ننڍا عمل وڏا نتيجا

    مانَ وارا اوهان جي بهترين سمجهاڻي آهي، خاص طور تي نوجوانن جو خون گرم هئڻ ڪري جلد ڪاوڙجي پون ٿا، انهيءَ اوهان جي ڳالهه کي اڳنان وڌائيندي پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي هي حديث (مفهوم) لکان ٿو جنهن ۾ فرمايائون ته: (لَو) : (جيڪڏهن) لفظ شيطان مان آهي جيڪڏهن نه چوندا ڪريو، يعني جيڪڏهن هيئن ڪريان ها ته هيئن ٿئي ها وغيره۔
    فرمايائون: الله کان اوهان موت به نه گهرو، من گنهگار توبه ڪري وٺي، جنهن کي وڌيڪ زندگي ملي ان جون نمازون روزا ۽ ٻين عبادتن ۾ پڻ اضافو ٿيندو ان ڪري الله کان موت نه گهرو، حديث جو متن ياد نه آهي، مفهوم لکيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو