عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح) حاجي احمد ملاح ولد نانگو ملاح 11 فيبروري 1877ع تي ڳوٺ ڪنڊي ديهه لوهڻ بدين ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ممتاز عالم دين قادرالڪلام شاعر ۽ معروف اديب ٿي گذريو آهي. مولوي صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا پر سندن وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن سڄو قرآن شريف سنڌي بيتن ۾ نورالقرآن جي عنوان سان پيش ڪيو. سندس ڪلام منفرد حيثيت رکي ٿو. جيڪو سنڌ ۾ عام جام ڳايو ويندو آهي. مولوي احمد ملاح 19 جولاءِ 1969ع تي بدين شهر جي اسپتال ۾ گذاري ويو. کيس آبائي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. مولانه رح جي شخصيت ۽ علم ادب شاعري جو ته ڪو جواب ئي ڪونهي، پاڻ نه صرف سٺا شاعر هئا، مگر پاڻ هڪ يگانا عالم ۽ قرآن ۽ سنت جا پابند عالم ۽ بزرگ هئا، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، ۽ مولانه صاحب کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي، بلخصوص مان ته سندس شخصيت ۽ علم جي ڪري، مولانه حاجي احمد صاحب جو عاشق آهيان، مون وٽ ته مولانه رح جو مڪمل قرآن جو منظوم سنڌي ترجمو پڻ موجود آهي ( جيڪو مون کي منهنجي هڪ دوست ڊاڪٽر عبدالحئي ابڙي صاحب ۔۔۔۔۔ ايڊيٽر ماهوار السنڌ اسلام آباد ۔۔۔۔۔ گفٽ ڪري اسلام آباد مان موڪليو هو،) جنهن لاء منهنجي اها ڪوشش رهندي ته سندس جو منظوم قرآن جو ترجمو نيٽ جي دوستن لاء نيٽ تي پڻ آڻجي ته جيئن اسان جا نيٽ استعمال ڪندڙ دوست پڻ حضرت مولانه حاجي احمد ملاح ره جي منظوم قرآن جي ترجمي مان فيضياب ٿي سگهن۔ مولانه صاحب پاڻ توحيد جا وڏا عالم ۽ مبلغ هئا، سندس شاعري مان توحيد جو سبق هر وقت پيو ملندو آهي، پاڻ قبرپرستي ۽ توهم پرستي جي بلڪل خلاف هئا، ۽ اهو سندن پڻ وڏو جهاد هو، دعا آهي ته ربِ ڪائنات سندس بشري خطائون ميٽي ڪري جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري ۽ سندس درجه بلند ڪري، آمين۔ مولانا حاجي احمد ملاح جي شاعري ( ناهه ڌڻي ري ڪا درگاهه ) بسم الله احد الله، حاضر ناظر، سو هر گاهه، صدقو تنهن تان ساه پساه، صائق صاحب کي ساراه، واهواه! واحد کي واهواه! ناهه ڌڻي رِي ڪا درگاه، خالق خلقي خلق سموري ــ مانهو، جن ملڪ حضوري، اُڀ، زمينون، نکٽ نوري ــــ ماڻڪ، موتي مشڪ کٿوري، راتيون ڏينهن، مندون ۽ ماه، ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه، عجب اوپائي ڪيئن اوپاج ــــ در، ياقوت، عقيق ۽ عاج، کير، کٽونبا کنڀيون کاج ــــ اَمان، انب، انجير، اناج، وڻ ٽڻ، وليون، ونئڻ ڪپاه ــــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه، آهه اصل ۾ آب مني ــ جنهن مان گل ٿيا گھوٽ وني، ڪي ڪي غربا، ڪي ته غني ــ رنگ برنگي جوڙ بني، صافي نگ سفيد، سياه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه. عربي ٻولي، عجمي ڳالهه ــ لڳن سکڻ ۾ جنهن جي سال، قادر جا ڏس ڪم ڪمال ــ جھڙي مائٽ ڪن مقال، تهڙي وات ڳڀورن ڳاه ــ ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه. ڪڪر کي جڏهن قادر چوءِ، موجب حڪم هلن ٿا پوءِ، وسن ولايتن تي، وڃيو پوءِ، وڏڦڙي جو واڪو پوئي، تار ترايون تڙ، تلاه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه. جھم جھم جھر وسن جھالارا ــ ڪاريون ڪنڍيون ڪڏڪارا، صحرا چهرا سونهن سارا ــ اوڀڙ ڪن عجيب نظارا، گلشن ورشن، گولون گاه ــ ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه. مني ڪنيءَ جون ڏس تون موجون ــ گادي چڙهيو گل ڪري ٿو گوجون، شاه سڏائي، شامل فوجون ــ الله ڏياريس اي سڀ اوجون، قدرت حق تي ڪل گواه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه. قادر قدرت جو ڪلتار ــ مالڪ ملڪن جو مختيار، ساري ڏيهه سندو ڏاتار ــ بيشڪ باري آهه ڀتار، سارو عالم هڪ آڪاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. مشرڪ تي ٻيلي ناهه ميار ــ جيڪي جوڙي هٿ سين يار، تنهن جي تيرٿ لاءِ تيار ــ پٿر پوڄي ساڻ پيار، ناهس واحد تي ويساه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. مورت تي ٿيا مشرڪ راهي ــ ڪن ته پٺي تي واٽ وراهي، ٻڌن ڳچيءَ ۾ ڳٽ ڳراهي ــ اي سڀ گھوڙا ڙي! گھمراهي، هر دم هادي هڪ همراهه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. ڪهڙيءَ صورت پوڄين صورت؟ صاحب جوڙيئي سهڻي صورت، ماڻهو بنيو موتي مورت ــ پٽڙي پاڻيءَ پاتي پورت، لک لحظي جنهن ۾ لاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. جنهن حال تي پانڌي پنڌ پون ــ ديکيون درگاه سخن سون، حال ڪهن ۽ رئن، رڙن ـــــــ ان کي عرب الهه چون، سو تان حاڪم هيڪ الله ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. سوگڻ صاحب رب سڳوري ـــــــ هرگز پهچون هڪ نه ٿوري، اڇل عنايت سڀڪا اوري ــ صدقي صدقي، گھوري گھوري، آيم مير محمد شاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. مٺي محمد مير مٿي ـــــ جڏهن آيو وحي وير مٿي، تڏهن خلق سڄي هئي سير مٿي ــــــ تربت تي، وحي تي، تصوير مٿي، ڪارڻ ڪمن ڪندا هئا ڪاه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. پير مبارڪ پرين پاتا ــــــ وحدت وائي ورايئون واتا، ناهه ڌڻي ري ڪو داتا ــــــ لات منات عزا سڀ آتا، ٺلها ته ٺوڳين ٺاهيا ٺاهه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. پرور ڏئي ٿو پٽ ۽ کير ــ تون ٿو پوڄين پير، فقير، ورهن کان جي گذريا وير ــــ ساهه نه آهي منجھ سرير، سي ڪئين وجھندا ٻئي ۾ ساه؟ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. هو جي جڳ ۾ جيئرا ــــــــ وڌا قبر ۾ ڪانڌين ڪيئن؟ جيئرن سان ڪو جائز ايئن؟ آيا ڇونه اڱڻ اڄ سين؟ ڪن عزيز اڪنڊ مان آهه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. هو ته پڄائي پنهنجا ڏينهن ــــــــ سکي وڃي ٿيا سالڪ شينهن، جن کي جھڙا رب سين نينهن ـــــــــ تهڙا مٿن مره جا مينهن، بخشين باري ڏوهه گناه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. پنن جنهن کان پُٽ ۽ پوٽا ــــ سي ڪيئن ٽارين ٽئي تان ٽوٽا؟ سڀ خيال خدا ري کوٽا ـــــــ ڪاوڙجي تون ڪڍ م اکوٽا، سمجھي ويندين سنجھ صباح ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. حاجون هٿ ۾ هاديءَ هيڪي ـــ غير گڏيندا غافل جيڪي، داخل دوزخ ڪندن ڌيڪي ـــــ سنوان صبحاڻي ٿيندا سيڪي، لڳندن جڏهن بدن کي باه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. پيرل کي چؤ تون اي پوڄاري! جنهن جي وراڻي واري، جوڙي ڳئون يا مينهن موچاري ـــــ هو تان آهن پاڻ اَپاري، جن تي گوڙ ٻڌن گمراه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. پيرل کي چؤ تون اي پانڌي! ڪونج ڪنوار جا تو آندي، چاڪي چمڪي وانگر چاندي ـــــــ جوڙي اهڙي حور هيڪاندي، پاڻئون ڏيئي پر ۾ پاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. پيرل کي چؤ تون اي پيئار! جنهن تي لاهين جھنڊ وار، جوڙ مٽيءَ مان مورت ٻار ـــــ جوڙون جوڙي جوڙڻ هار، ٻيو سڀ ڪوڙ، قصو ڪوتاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. پيرل مهندان پانڌ پکيڙ ـــــ ڄاڃي ماڃي ميڙ ئي ميڙ، چؤ ته بدن ۾ پيم بگيڙ ــــــ آيو اجل تنهين کي ٿيڙ، نيم نهوڙي ٿو ناگاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. پيرل مهندان لاهي ڀاڳ ـــــ جنهن جا لازم ڄاڻين لاڳ، باغ بنائي تنهنجا ڀاڳ ــــــــ ڪوڙهيا! اي سڀ ڪوڙا راڳ، ڪانهي واحد ڌاران واه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. چؤ ڪو پرتو پير پساءِ ــــــــ مون کي دعوا منجھ نه دساءِ، جوڙ ملاريون مينهن وساءِ ــــــــ پوکن پاڻِ جلد رساءِ، وهسن وي، وليون وڻراه ـــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. ڪوبه جواب نه ملندئي جاني ـــــ چوندئي ظاهر ساڻ زباني، ڪُل مَن عَلَيها فَانِي ـــــــــ ٻئي سان ٿي م ٻڌل ۽ ڏاني، وٺ تون هڪڙي رب جي راه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. جن، ملائڪ، مانهو لک ـــــــــ اُڀري ڪين انهن کان ڪک، جڙندي مور نه هڪڙي مک ــــــــ ٺهندو پڻ نه پکيءَ جو پک، توڻي گڏجي ڪن گجگاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. رزق پهچائڻ ڪم رحمان ــــــــــــــ جنهن جا عيوض بنا احسان، ڏاتيون ڏي، جي موجب ڏان ـــــــــــ قيمت پهچي ڪنهن کان ڪانه، پاڏو تنهنجو وڌ نه پنجاه ـــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. ان سکا جي صدقي سانگ ـــــ ڀائين مليم مينهن ڇانگ، مومل ماڻيئي، منهن تي مانگ ــــــ بدلا ڇڏ، اي بکيا ڀانگ، ڪهڙي پرور کي پرواه ــــــــــــ ناه ڌڻي ري ڪا درگاه. دانهن در ڌڻيءَ کان ڍار ـــــــــــ سي تان ڦوڪون منجھ ڦلهيار، موٽي پونديون منهن ۾ يار ــــــــــ ملندئي محشر ڏينهن ميار، سرندئي خواري خوامخواه ــــــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. هڪ ڌڻي، جي ڇڏن ڌڻن ـــــــــ ڪم وڻي ٻيا ڪير کڻڻ، هيڏي هوڏي هٿ هڻن ـــــــ ته به ڊهن زمينون، اُڀ ڇڻن، آگي ري ير! سڀ اونداه ــــــــ ناه ڌڻي ري ڪا درگاه. فرش ڪنان تان عرش سڳوري ــــــــ ڏيهه سڄائي ڏس تون ڏوري، چڱن مٺن کي ڏسي تون چوري ـــــــــ ناه آ جھوڪو ان کان اوري، ٻين سڀن جا طبل تباه ـــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. شارڪ! شرڪ سندا ڇڏ شيوا ــــــــ ڏاتر هٿ ۾ ڏيوا، ليوا، ڪر م سوا رب ٻئي جي سيوا ــــــ مهندان ماڻئين محشر ميوا، جنت منجھ جڙئي جاڳاه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. جيڪا تنهنجي هٿ ۾ هڙ سي سڀ واحد هڪ جا، وڙ، لڳ م لٽيا! ڪنهن جي لڙ ــــــ قادر تنهنجو ڪل کان ڪڙ، ڌار م ڌارين جو ڊپ ڊاءُ ــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. مالڪ هڪڙو ملڪ ملڪ ۾ ـــــــــــ خالق سوئي خلق، فلڪ ۾، هٿ انهيءَ جو هڪ چلڪ ۾ ـــــــ سڀن سنڀالي پلڪ پلڪ ۾، ملڪ سڄي تي مهر نگاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. يَقُول لَههُ، ڪُن فَيَڪُنِ ـــ قائم قدرت جو قانون، جيڪي جوڙون گونا گون ـــــــ ان حڪم جي هيٺان هون، ٺهن، ڦٽن سين امر الله ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه. آئون ته ڏوهاري ڏٻرو ـــــ قادر! ڪريين منهن جو ڪم، داور! لاهين دل جو غم ــــ ”احمد“ کي، جي آخر دم، نعمت ڪلمون ڪج نيباه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
جواب: عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح) ادا ممتاز مهرباني مولانا حاجي احمد ملاح صاحب جي شاعري ۾ توحيدباري تعالي جي ترجماني ٿيل آهي پر انتهائي افسوس جو مقام آهي ته جنهن شخص حقيقي قرآن مجيد جو سندهي منظوم ترجمو ڪيوان کي ته نظر انداز ڪيو ويو پر جنهن شاعر جو رسالو قرآني تعليم جي خلاف هو انهي رسالي کي قرآن جي ترجماني قرار ڏيئي شهرت جي آسمانن تي پهچايو ويو هن عظيم شاعر کي نه صرف نظر انداز ڪيو ويو پر سنڌي شاعري ۾ ٻيو يا ٽيون مقام به نه ڏنو ويو جنهن جو سبب شايد سنڌي ادب جا اهي ٺيڪدار آهن جن کي اسلام جي سچي ۽ حقيقي ترجماني هضم نه ٿي سگهي ۔
جواب: عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح) سائين ٻهترين ونڊ آهي پر اوهان اختصار کان ڪم ورتو آهي جيڪڏنهن سائين ر ح جي باري وڍيڪ معلومات هجي ته ترميم ڪندا مهرباني۔
جواب: عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح) ادا انشاءالله مولانه صاحب تي ڪجهه وڌيڪ معلومات پيش ڪبي موقعي مناسبت سان، ۽ انهيء مضمون ۾ ترميم ڪري پيش ڪيو ويندو، جنهن لاء هڪ ٻه ڏينهن انتظار ڪرڻ فرمايندا۔ ته توهان جي مهرباني ٿيندي، ونڊ پسند ڪرڻ لاء قرب توهان جا۔
جواب: عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح) فقير نظير لغاري جي اڻ بڻ کان پهريون فقير کي شاهه جي رسالي جي ڪسوٽي سان پرکيون ته فقير نظير شاهه سائين تي ايڏو وڏو بهتان هنيو آهي پر پهريون شاهه رح کان پڇون ته شاهه سائين پنهنجي رسالي يعني آئيني م ڪئن آهي سيدنا شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رحمة الل...ه عليه تعالي واسع مغره سچو يا فقير سچو ؟ بسم الله الرحمن الرحيم. 1 _سر ڪلياڻ. فصل پهريون. االله عليم اعلي عَالَمَ جو ڌڻِي قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم، والي، واحد، وحدهُ، رازق، رَبُ، رحيمُ سو ساراههِ سچو ڌڻي، چئي حَمدُ حڪيمَ ڪري پاڻَ ڪريمُ جوڙي جوڙ جهان جي ڪري پاڻَ ڪَريمُ جوڙي جوڙ جهان جيون (1) جوڙي جوڙ جهان جي جڏهن جوڙيائين خاوند خاصُ خَلِقَي مُحَمَدُ صلي الله عليه وآله وسلم مڪائين. ڪَلمو تَنهن ڪريمَ تي چٽو چايائين. اَنَا مولاڪَ و اَنتَ محبوبِي اِئين اُتائين ڏِکي ڏنائين، ٻَئِي سَرائون سَيدُ چئي (2) جوڙي جوڙ جهان جِي پاڻ ڪيائين پروار حامِي،هادي،هاشمي سردارين سردار سُونهي صحابين سَٿَ ۾ منجهه مسجد مڻيادار چارئِي چڱا چوڌار، هُوَا هيڪاندا حبيب سين (3) وحدهُ لا شريڪ لهُ چَئو چَوندو آءُ فرض واجب سنتون تِنئَون تَرڪ مَ پاءِ توبه سَندي تسبيحَ پَڙِهي سَا پُڄاءِ نِگا پنهنجي نفس کي، سَئِين رَاهَ سُونهَاءِ سُپَرِيان جي ڳالَهڙِي، هِيءَ هِنين سين لاءِ تَه سَندي دوزخ باهِ، تو اوڏيائي نه وڃي. شاه عبد اللطيف ڀٽائي رح جو رسالو. مرزا قليچ بيگ رح. صفحه _11 سنڌي لينگوئيج اٿارٽي، حيدرآباد_سنڌ Jokhio Shafique Ahmed
جواب: عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح) داستان پهريون 1 اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛ ...سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي. 2 وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛ تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛ اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا. 3 اَوَتڙَ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ؛ هيڪائِي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ؛ بي بها بالِمَ، آگي ڪيا اڳَهِين. 4 آگي ڪيا اڳَهِين، نسورو ئي نُورُ؛ لَا خَوفٌ عَلَيهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور؛ مولي ڪيو مَعمُور، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو. 5 وَحۡدَهٗ جي وڍيا، اِلَا الله سين اورِينِ؛ هِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ؛ معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ؛ سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙِينِ؛ ڪُلَهِنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبۡدُاللَطِيفُ چئي. 6 وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا؛ ڪه تو ڪنين سُئا، جي گَھٽَ اَندر گھوڙا؛ ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿِيندءِ سامُهان. 7 وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِهو وِهائج وِيُّ؛ کَٽين جي هارائِئين، هنڌ تُنهنجو هِيُّ؛ پاڻان چوندُءِ پِيُّ، ڀري جام جَنَّت جو. 8 وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِيُ هيڪڙائِئَ حَقُّ؛ ٻيائِي کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا. 9 سِرُ ڍُونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍُونڍيان، سِرُ ناهِ؛ هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانِھ؛ وحدت جي وِهاۡنءِ، جي ويا، سي وڍيا. 10 عاشق چَؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَؤ معشوق؛ خالق چَؤ مَ خامَ تون، مَ ڪِي چَؤ مخلوق؛ سَلِج تنهن سُلوڪ، جو ناقِصئا نِڱيو. 11 وحدتان ڪَثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُّ؛ حق حقيقي هيڪڙو، ٻولئ ٻِئ مَ ڀُلُ؛ هُو هُلاچو هُل، با الله سندو سڄڻين. 12 پاڻَهِين جَلَّ جَلَالَہٗ، پاڻهِين جانِ جمالُ؛ پاڻهِين صورت پِرِينءَ جي، پاڻهِين حُسن ڪَمالُ؛ پاڻهِين پِر مُريد ٿئي، پاڻهِين پاڻَ خيالُ؛ سڀ سڀوئي حالُ، منجھان هي معلوم ٿئي. 13 پاڻَهِين پسي پاڻکي، پاڻهِين محبوب؛ پاڻهِين خلقي خوب، پاڻهِين طالب تن جو. 14 پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛ هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا. 15 ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙکيون؛ جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهُون. 16 ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛ جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛ پِرَيمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان. وائي سڀڪا پريان ڪُون پُوڄي؛ نيهن نيڻيڻ، ڳُڻُ ڳالهه وو. جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجھي؛ لات جا لَطِيفُ جي، سَڏُ تنهنجو سُڄي. سڀ ڪا پريان ڪون پوڄي جو ڇا مطلب آهي ؟ يعني حقوق الله ۽ حقوق العباد معني ٿي الله جا حق ۽ الله جي ٻانهن جا حق وري ٿيو مطلب ته عقائيد ، ارڪان ۽ حقوق الله ته ڇا مطلب آهي عقائيد ارڪان حقوق العباد مان اهو ٻيو ڪهڙو فهم آهي جيڪو فقير نظير کي شاهه رح ٻڌائي ويو پر سنڌي عوام ۽ دنيا کي ڪونه ٻڌايو ؟ سڄو ڏينهن جهالت جون ڳالهيون ڪري پنهنجي من جو گند شاهه رح جهڙي مقدس هستي تي هڻڻ ، سنڌي ماڻهن جي معاشيات اقتصاديات جا مسئلا ڇٽا رڳو سنڌي ماڻهن کي غلامي ذلت جي زندگي طرف غرق ڪرڻ ؟ مونکي ته حياء ٿو اچي فقير جي مٿين آرٽيڪل تي سلسلو جاري آهي مان شاهه جي رسالي مان فقير کي ظاهر ڪندس ۽ شاهه سيدنا عبداللطيف ڀٽائي وٽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح جي ڪيتري عزت هئي اها به ثابت ڪندس اسان سنڌين کي هميشه جهل جي کڏ م اونڌو ڪري سٽيو ويو آهي ؟ وري فقير ٿي ويا هڪ منٽ به ماني نه ملندي ته زال ماري وجهندا ، فقر ڇا کي چيو ويندو آهي ؟ اهو ته پهرين ڪير ٻڌائي ؟ Jokhio Shafique Ahmed
جواب: عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح) بسم الله الرحمن الرحيم. 1 _سر ڪلياڻ. فصل پهريون. ...االله عليم اعلي عَالَمَ جو ڌڻِي قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم، والي، واحد، وحدهُ، رازق، رَبُ، رحيمُ سو ساراههِ سچو ڌڻي، چئي حَمدُ حڪيمَ ڪري پاڻَ ڪريمُ جوڙي جوڙ جهان جي ڪري پاڻَ ڪَريمُ جوڙي جوڙ جهان جيون (1) جوڙي جوڙ جهان جي جڏهن جوڙيائين خاوند خاصُ خَلِقَي مُحَمَدُ صلي الله عليه وآله وسلم مڪائين. ڪَلمو تَنهن ڪريمَ تي چٽو چايائين. اَنَا مولاڪَ و اَنتَ محبوبِي اِئين اُتائين ڏِکي ڏنائين، ٻَئِي سَرائون سَيدُ چئي (2) جوڙي جوڙ جهان جِي پاڻ ڪيائين پروار حامِي،هادي،هاشمي سردارين سردار سُونهي صحابين سَٿَ ۾ منجهه مسجد مڻيادار چارئِي چڱا چوڌار، هُوَا هيڪاندا حبيب سين (3) وحدهُ لا شريڪ لهُ چَئو چَوندو آءُ فرض واجب سنتون تِنئَون تَرڪ مَ پاءِ توبه سَندي تسبيحَ پَڙِهي سَا پُڄاءِ نِگا پنهنجي نفس کي، سَئِين رَاهَ سُونهَاءِ سُپَرِيان جي ڳالَهڙِي، هِيءَ هِنين سين لاءِ تَه سَندي دوزخ باهِ، تو اوڏيائي نه وڃي. شاه عبد اللطيف ڀٽائي رح جو رسالو. مرزا قليچ بيگ رح. صفحه _11 سنڌي لينگوئيج اٿارٽي، حيدرآباد_سنڌ سن 2007 2.مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو مقام شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي بياني 5_شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح مِيَين محمد اسحاق ملا ڪاتيار واري بزرگ روايت ڪئي آه ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڪنهن علمي اختلاف ۽ مسئلي واسطي ٺٽي جي مشهور عالم ۽ شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي يار مخدوم محمد معين ٺٽوي رح وٽ آيو، شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح اڳ ۾ اتي ويٺو هو. جڏهن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح اتي پهتو ته، شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح پنهنجي دوست مخدوم محمد معين ٺٽوي رح کي چيو ته ؛ ''خبردار جو هن ( مخدوم محمد معين ٺٽوي رح ) شخص سان بحث ڪيو اٿئي! مان ( شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح ) سندس چهري تي رسول الله صلي الله عليه وسلم جي رحمت جو سايو (پاڇو) ڏسي رهيو آهيان.'' اهو ٻڌي ٻڌي مخدوم محمد معين ٺٽوي رح، هڪدم اٿي بيٺو ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کي ٻانهون ٻڌي چيائين ته ، ''سائين مونکي اوهان سان ڪوبه بحث ڪونهي ڪرڻو.''حواله: ڪتاب جو نالو '' مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح '' مصنف جو نالو عبد الرسول قادري صاحب باب ڇهون، ناشر سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو سنڌ. سال 1998، 2006. سنڌي يار دوست آگاهه آهن ته ڀٽ شاهه م شاهه سائين پنهنجي هٿن3 سان مسجد پاڻ جوڙائي هئي جيڪا اڄ به ثبوت طور شاهدي گواهي پئي ڏئي هاڻ منهنجا ويچار به غور سان پڙهندا ؟ مٿين ٽنيهي دليل ثبوتن شاهدين گواهين جي بنياد تي چئي ٿو سگهي ته فقير نظير ڀنگ پي هي مضمون لکيو آهي ۽ يا پهرين نمبر جو ڄٽوڙ سنڌي قوم جو ويري آهي عقل جي انڌي شاهه سائين ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جهڙين هستن تي ڪوڙ هڻي بهتان هڻي ٻنهي جي توهين ڪئي آهي اڄڪلهه سنڌي ماڻهن جا مسئلا آهن معاشي اقتصادي بدحالي نڪي هي ڪوڙ بدوڙ بهتان هڻي سنڌي قوم کي مشرڪ منافق ڪرڻ جا الله جي لعنت آهي اهڙن سنڌي قوم جي ويرين تي جيڪي سنڌي قوم کي جهالت جي کڏن جيري پيا اڇلائي ماري سنڌي قوم جو وجود ختم ڪن_جوکيو شفيق
جواب: عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح) مان فقير نظير کي سڃاڻا ڀنگ پيئندو آهي طبله وڄائيندو آهي حاڪميت عروج امامت سياست سيادت وارا انسان راڳ نه ٻڌندا آهن اهي دنيا مسخر ڪندا آهن جئن انگريز سچي دنيا مسخر ڪئي اسپين مان تيرهين صدي بعد هو سائينس جي فادر ٿي وي ۽ اسان راڳ ڀنگ جي ڪري غلام ٿي وياسين جوکيو شفيق
جواب: عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح) سورة لقمان عدد 31 جزء 21 منجهه سيدنا لقمان عليه السلام جن جي پنهنجي پٽڙي کي نصيحت ؟ سورة لقمان جو ترجمه هي آهي ته: (لُقمان ھيءَ به چيو ته) اي منھنجا پُٽڙا ڪابه (شيء) جيڪڏھن آھر جي داڻي جتري آھي پوءِ اُھا پھڻ ۾ ھجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ (ھجي)... ته الله اُن کي آڻي حاضر ڪندو، ڇوته الله باريڪ بين خبر رکندڙ آھي. (١٦) اي منھنجا پٽڙا نماز پڙھ ۽ چڱي ڪم جو حُڪم ڪر ۽ مدي (ڪم) کان منع ڪر ۽ توکي جيڪا اوکائي پھچي تنھن تي صبر ڪر، بيشڪ اھي (ڪم) ھمت وارن ڪمن مان آھن. (١٧) ۽ ماڻھن لاءِ پنھنجو ڳل (يعني منھن) چٻو نه ڪر ۽ زمين ۾ لاڏ سان نه گھُم، بيشڪ الله ھٺيلي وڏائي ڪندڙ کي دوست نه رکندو آھي. (١٨) ۽ پنھنجي گھمڻ ۾ وچولي چال ھل ۽ پنھنجو آواز ڍرو ڪر، ڇوته آوازن مان بڇڙو (آواز) گڏھ جي ھينگ آھي. (١٩)نه ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان کي تابع ڪري ڏنو آھي ۽ پنھنجون پڌريون ۽ ڳجھون نعمتون اوھان تي ڀرپور ڪيائين، ۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جو اَڻ ڄاڻائي سان ۽ بنا ھدايت ۽ روشن ڪتاب ڌاران الله بابت جھڳڙو ڪندا آھن. (٢٠) ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله نازل ڪيو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چوندا آھن (ته نه!) بلڪ اسان جنھن تي پنھنجا پيءُ ڏاڏا (ھلندا) ڏٺا تنھن جي تابعداري ڪنداسون، توڻيڪ شيطان دوزخ جي عذاب ڏانھن کين سڏي ٿو ته به (ان جي پيروي ڪندا ڇا)؟ (٢١) ۽ جنھن پنھنجي مھاڙ الله ڏانھن ڪئي ۽ اُھو چڱن ڪمن ڪرڻ وارو به آھي تنھن بيشڪ مُحڪم رسيءَ کي پڪڙيو، ۽ (سڀني) ڪمن جي پڇاڙي الله ڏانھن آھي. (٢٢) ۽ جيڪو ڪفر ڪري تنھن جو ڪفر توکي غمگين نه ڪري، کين اسان ڏانھن ورڻو آھي پوءِ جيڪي ڪيائون تنھن جي کين سُڌ ڏينداسون، ڇوته الله سينن وارو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي. (٢٣) (دنيا ۾) کين ٿورو (وقت) آسودو ڪريون ٿا وري کين سخت عذاب ڏانھن ڇڪي نينداسون. (٢٤) ۽ جيڪڏھن کائن پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي ته ضرور چوندا ته الله، چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي، بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن. (٢٥) جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو ئي آھي، بيشڪ الله اُھوئي بي پرواھ (ڏاڍو) ساراھيل آھي. (٢٦) ۽ جيڪي وڻ زمين ۾ آھن سي جيڪڏھن قلم ٿين ۽ سمنڊ (جو پاڻي) اُن جي مَسُ ٿئي اُن کانپوءِ ست سمنڊ (ٻيا به) ھجن ته الله (جي قدرت) جون ڳالھيون نه کُٽنديون، بيشڪ الله غالب حِڪمت وارو آھي. (٢٧) اوھان (سڀني) جو خلقڻ ۽ اوھان جو وري جيارڻ رڳو ھڪڙيءَ ماڻھوءَ (جي خلقڻ ۽ وري جيارڻ) جھڙو آھي بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي. (٢٨)28 جوکيو شفيق
جواب: عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو مقام شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي بياني 5_شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح مِيَين محمد اسحاق ملا ڪاتيار واري بزرگ روايت ڪئي آه ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڪنهن علمي اختلاف ۽ مسئلي واسطي ٺٽي جي مشهور عالم ۽ شاهه عبد اللطيف ڀٽائي ر...ح جي يار مخدوم محمد معين ٺٽوي رح وٽ آيو، شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح اڳ ۾ اتي ويٺو هو. جڏهن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح اتي پهتو ته، شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح پنهنجي دوست مخدوم محمد معين ٺٽوي رح کي چيو ته ؛ ''خبردار جو هن ( مخدوم محمد معين ٺٽوي رح ) شخص سان بحث ڪيو اٿئي! مان ( شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح ) سندس چهري تي رسول الله صلي الله عليه وسلم جي رحمت جو سايو (پاڇو) ڏسي رهيو آهيان.'' اهو ٻڌي ٻڌي مخدوم محمد معين ٺٽوي رح، هڪدم اٿي بيٺو ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کي ٻانهون ٻڌي چيائين ته ، ''سائين مونکي اوهان سان ڪوبه بحث ڪونهي ڪرڻو.''حواله: ڪتاب جو نالو '' مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح '' مصنف جو نالو عبد الرسول قادري صاحب باب ڇهون، ناشر سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو سنڌ. سال 1998، 2006 جوکيو شفيق
جواب: عظيم سنڌي عالم مولوي حاجي احمد ملاح( رح) واه ادا واه تمام بهترين ليک آهي .......................