ٻوڏ آئي ۔۔۔ ماڻهون دربدر ٿيا، لاش لڙهيا، مال مئا، گهر ڊهيا، روڊ رستا ختم ٿيا ۔۔۔۔ رب جي رضا سمجهي چپ ٿي وياسون ۽ وري منهن ڏيڻ تي سنڌرو ٻڌوسون ۔۔۔ پر ٻوڏ کانپو ان جي آڙ ۾ حضرت انسان جيڪا راند شروع ڪئي آهي ان سان منهن ڏيڻ تمام ڏکيو آهي، کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ، ان جو مهانگو ٿيڻ، سماجي براين جو وڌڻ ۽ اڃان ٻيون لڪل برايون ظاهر ٿيڻ تي آهن ۔۔۔
رب جو قهر ته آيو ۽ ويو، پر انسان جو قهر اهڙو جو الامان ۔۔۔
دوستو! ٻين ملڪن ۽ قومن وٽ زلزلا به اچن، ٻوڏيون به اچن ۽ ٻيون قدرتي آفتون ظاهر ٿين ٿيون پر اهڙي حالت جهڙي سنڌ ۾ ٿئي پئي ۽ اڃان ٿيڻ واري آهي، اهڙي حالت نه ڏٺي نه ٻڌي ۔۔۔ !!!
رب جي در دانهن آهي، باقي پاڪستان سڳوري جي هوندي اسانجي حالت بد کان بدتر ٿيندي ويندي، اها ته پڪ آهي ۔۔۔ پر پو به الائجي ڇو سنڌي ماڻهون گهاڻي جي ڏاند جيئان اکيون ٻڌي پاڪستان جي سرنهن جو تيل ڪڍڻ ۾ پورا آهن ۔۔۔ جاڙي به جڳ سان ۔۔۔ اسان به قوم سان آهيون ۔۔۔ هيٺاهين هجي يا مٿاهين ۔۔۔
ها اسين سڀ ملي ڪري ان حالت کان نڪري سگهونٿا ۔۔۔ ڪيئن؟ سوچڻ جو مقام آهي ۔۔۔ اچو ته سوچ ڪريون ۔۔۔ ۽ حل ڳولهي لهون ۔۔۔
رب سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين