جواب: اسلام, عليڪم ,منهجو ,تعارف
سنڌ جي وڏي، تاريخي ۽ اهم يونيورسٽيءَ جي طالبعلم محترم بچل ميرجت کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار ۔۔۔
ڀائڙا جي آيا، ڀلي آيا، سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اوهان جهڙا سهڻا، من مهڻا، ۽ دلبر دوست ڪٺي ٿيل آهن، اميد ته اوهان سنڌ سلامت سان دوستيءَ جو پيچ مضبوط ڪندا ۽ پنهنجن روشن خياليءَ سان منور ڪندا ۔۔۔
اوهان اهو نه ٻڌايو ته ڪهڙي مضمون ۾ پڙهي رهيا آهيو؟ ۽ اهو به نه ٻڌايو ته اوهانکي اسانجي هيءَ من موهڻي اوطاق ڪيئن لڳي؟ مٺڙا ميرجت اسانجي هن اوطاق جو نعرو آهي سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔ مطلب ته سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ کي نيٽ جي دنيا ۾ مناسب جڳهه تائين پهچائڻ ۔۔۔ ۽ سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۔۔۔ اميد ته اوهان به هن اوطاق سان ساٿ نڀائيندا ۽ ڀيرو ڀنڃي پنهنجن خيالن کان پڻ واقف ڪندا رهندا ۔۔
رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
سنڌ سلامت ساٿ سلامت