ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڪراچي: دهشت گردن سي آءِ ڊي سينٽر بارود سان اڏائي ڇڏيو،
آس پاس جون ڪيتريون ئي عمارتون تباهه: 20 ڄڻا مارجي ويا
آس پاس جون ڪيتريون ئي عمارتون تباهه: 20 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو/ذوالفقار راڄپر) سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ريڊ زون قرار ڏنل علائقي سول لائن ۾ قائم سي آءِ ڊي سينٽر تي هٿياربند دهشت گردن جو حملو، فائرنگ، هينڊ گرنيڊ ڌماڪن کان پوءِ دهشت گردن اڇي رنگ جي شهزور گاڏي سي آءِ سينٽر جي مکيه عمارت اندر داخل ڪري ڌماڪي سان اڏائي ڇڏي، 20 ايف سي اهلڪار ۽ 10 کان وڌيڪ سي آءِ ڊي پوليس اهلڪار مکيه گيٽ تي ڊيوٽي دوران دهشت گردن هٿان مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته 150 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، ڌماڪي جي نتيجي ۾ سول لائن ۾ قائم پوليس اهلڪارن جون آفيسون، گهر ۽ ڀرپاسي ۾ موجود عمارتون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون، سوين ماڻهو تباهه ٿيل عمارتن جي ڍير ۾ دٻيل آهن. جڏهن ته ڌماڪو 10 ڪلوميٽرن تائين ٻڌو ويو، ان جي شدت 6 ڪلوميٽرن تائين تمام وڌيڪ هجڻ سبب شيرٽن هوٽل، پي سي هوٽل، ڪراچي ڪلب، قصر ناز، ميريٽ هوٽل، گورنر هائوس، سي ايم هائوس، پي آءِ ڊي سي، شيخ سلطان ٽرسٽ، اسٽيٽ لائف جي ٻن بلڊنگن سميت علائقي ۾ قائم سمورين عمارتن جا شيشا ٽٽي ويا، جڏهن ته سول لائين واري روڊ تي قائم 50 گهر مڪمل طور تي ڊهي پٽ ٿي ويا. ڌماڪي واري جاءِ تي 10 فٽ کان وڌيڪ زمين ۾ کڏو پئجي ويو. اکين ڏٺن شاهدن مطابق پوڻين اٺين وڳي ڌاري 15 کان وڌيڪ دهشت گردن سول لائن ۾ قائم سي آءِ ڊي سينٽر تي حملو ڪيو، مکيه دروازي تي ڊيوٽي ڪندڙ 18 کان وڌيڪ ايف سي اهلڪارن ۽ 10 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن سان دوبدو مقابلو ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ دهشت گردن سي آءِ ڊي سينٽر جي مکيه گيٽ پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي ڇڏڻ کان پوءِ اڳتي وڌڻ لاءِ دهشت گردن 3 هينڊ گرنيڊ ڌماڪا ڪيا ۽ ان کان پوءِ اڇي رنگ جي شهزور گاڏي سي آءِ سينٽر اندر داخل ٿي، جنهن کي دهشت گردن ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ سي آءِ سينٽر جي عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ سي آءِ سينٽر جي اڳيان ۽ پويان واقعي سموريون عمارتون زمين دوز ٿي ويون، جنهن ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار ۽ جاچ لاءِ آندل دهشت گرد دٻجي ويا آهن، جن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سٽي گورنمينٽ جي هيوي مشينري گهرائي وئي آهي، جڏهن ته ماڻهن جي رش سبب ريسڪيو ۽ رليف واري ڪم ۾ اهلڪارن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو. ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ 3 ايف سي اهلڪارن، 4 سي آءِ ڊي اهلڪار ۽ هڪ عورت جي نالن جي سڃاڻپ ٿي آهي، جڏهن ته ٻن ڄڻن جي لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. جناح اسپتال ذريعن موجب 20 کان وڌيڪ لاش جناح اسپتال پهچايا ويا آهن. جڏهن ته 150 کان وڌيڪ زخمين کي طبي امداد ڏني وئي آهي ۽ اسپتال جي مختلف شعبن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. سي آءِ ڊي پوليس اهلڪارن موجب سينٽر اندر 10 کان 15 دهشت گرد جاچ لاءِ آندل هئا، جيڪي پڻ دٻيل آهن. سي آءِ ڊي جي ذريعن موجب سي آءِ ڊي سينٽر ۾ ڪراچي شهر ۾ دهشت گردي ۾ ملوث ڏوهارين کي هن عمارت اندر جاچ لاءِ رکيو ويندو هو ۽ سندن عدالتي رمانڊ وٺڻ لاءِ پڻ سي آءِ سينٽر ڀرسان واقعي دهشت گردي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو هو ته جيئن پوليس کي انهن دهشت گردن کي عدالت ڏانهن وٺي وڃڻ واپس کڻي اچڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي. سي آءِ ڊي جي ذريعن موجب گذريل ڪجهه عرصي کان ڪراچي جي مختلف علائقن پابندي مڙهيل مذهبي جماعتن جا ڪيترائي دهشت گرد گرفتار ٿيل هئا. جن کان جاچ جاري هئي. پوليس جي ذريعن موجب ڌماڪيدار مواد 1000 هزار ڪلو کان وڌيڪ هو، جنهن ڪري سول لائن ۾ قائم سموريون عمارتون تباهه ٿيون آهن ۽ ڌماڪو شهر جي ڏورانهن علائقن تائين ٻڌو ويو. پوليس، رينجرز ۽ ٻين ڳجهن ادارن جي اهلڪار ڌماڪي کان پوءِ ڌماڪي واري جاءِ تي وڏي تعداد ۾ پهچي ويا ۽ سڄي علائقي کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي ڇڏيو ۽ عام ٽرئفڪ ۽ ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ ريڊ زون وارن علائقن ميٽرو پول هوٽل، شاهين ڪمپليڪس، پي آءِ ڊي سي، ڪلفٽن پل سميت ڌماڪي واري جاءِ طرف ايندڙ سمورا رستا مڪمل طور تي بند ڪيا ويا. ٻئي طرف سي آءِ سينٽر ۾ ٿيل ڌماڪي سبب وزيراعليٰ هائوس جي ڪيترن ئي ڪمرن جا شيشا ٽٽي ويا ۽ سي ايم هائوس سيڪريٽريٽ ۾ موجود ملازم خوف سبب آفيسن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ سي ايم هائوس جي عمارت جي ڪيترن ئي ڪمرن ۾ ڇتن جا چاپڙ ڪري پيا. سي ايم هائوس جو عملو رڙيون ڪري هائوس مان ٻاهر نڪري آيو ۽ سندن مطابق هنن سمجهيو ته سي ايم هائوس اندر ڌماڪو ٿيو آهي.
15 منٽن تائين دونهون، رڳو بارود جي بوءِ، پوليس اختيارين جو هوش
خطا
ڪراچي: ايف سي جي چيڪ پوسٽ به زمين بوس ٿي وئي ۽ اهلڪار پنهنجي گم ٿيل ماڻهن کي ڳوليندا رهيا ۽ ملبي هيٺان ڳولا جو ڪم جاري رکيو، جڏهن ته ڌماڪي کان پوءِ 15 منٽن تائين فضا ۾ دونهون اڏامندو رهيو ۽ رڳو بارود جي بوءِ ايندي رهي، ڪيتريون عمارتون ڪري پوڻ سبب پوليس آفيسرن ۽ ڪارڪنن جا هوش اڏامي ويا، ڪنهن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪجي. اونداهي سبب ملبي هيٺان ريسڪيو طرفان به شديد مشڪلات پيش ايچي رهي. خبر ئي نه پئي پئي ته امدادي، ڪارروايون ڪيئن ڪجن ۽ پوليس آفيسر پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪندا رهيا.
وزيراعليٰ هائوس، گورنر هائوس سميت ڀرپاسي جا ڪيترائي علائقا لڏي ويا، عمارتن جا
شيشا ڀور ڀور

سي آءِ ڊي عمارت ۾ لشڪر جهنگوي جا 6 ڏوهاري موجود
هئا

ڪراچي جي تاريخ جو سڀ کان زوردار ڌماڪو
ڪراچي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌماڪو آهي، جنهن جي شدت ڌماڪي واري هنڌ کان 6 ڪلوميٽرن تائين محسوس ڪئي وئي.ڌماڪي سبب روڊن تي هلندڙ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ افراتفري پيدا ٿي وئي.
ڌماڪي کان پوءِ سموري علائقي ۾ اونداهي ڇائنجي وئي
ڪراچي: ڪراچي ۾ سول لائنز جي عمارت ۾ ڌماڪي کان پوءِ سڄي علائقي ۾ اونداهي ڇائنجي وئي ۽ ماڻهو افراتفري جي عالم ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا، جڏهن ته ڌماڪي سبب بجلي جا ڪيترائي ٿنڀا ڪري پيا، جنهن سبب علائقي جي بجلي بند ٿي وئي. ميڊيا جي ڪئميرائن جي روشني ۾ امدادي ڪارروايون ڪيون ويون.
اسلام آباد ميريٽ هوٽل جهڙو واقعو آهي: ذوالفقار مرزا
ڪراچي: صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڌماڪي کان فورن بعد واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو. ذوالفقار مرزا چيو ته اهو ڌماڪو 2 سال اڳ اسلام آباد ۾ ٿيل ميريٽ هوٽل تي ٿيل حملي جهڙو آهي. پوليس اهلڪارن ملازمن کي روڪيندي شهادت ڏني. ملازمن اڳ ۾ فائرنگ ڪئي ۽ پوءِ ڌماڪو ڪيو. جڏهن ته سي سي پي او ڪراچي فياض لغاري به اتي پهتو ۽ چيو ته واقعي واري هنڌ ڪيترائي ماڻهو اڃا دٻيل آهن. هوڏانهن سڌ سماءَ جي صلاحڪار شرميلا فاروقي چيو آهي ته ڏکڻ وزيرستان ۾ جاري آپريشن جو رد عمل ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪي ڪالعدم لشڪر جهنگوي جا 6 ملزم به گرفتار ٿيل هئا، انهن جو به رد عمل ٿي سگهي ٿو.
جناح اسپتال جو ايمرجنسي سينٽر زخمين سان ڀرجي ويو
ڪراچي: ڪراچي ۾ ڌماڪي کان پوءِ جناح اسپتال جو ايمرجنسي سينٽر مڪمل طور زخمين سان ڀرجي ويو ۽ لاشن ۽ زخمين جو وڏو انگ جناح اسپتال پهچايو ويو. ڊاڪٽر سيمي جمالي ٻڌايو ته ڪيترائي اهڙا زخمي آندا ويا آهن جن کي آءِ سي يو ۾ داخل ڪرايو ويو آهي ۽ اسان وٽ ايترو عملو ناهي جو هن هنگامي صورت حال کي منهن ڏئي سگهون.
عوامي آواز ۽ انجام جون آفيسون لڏي ويون
ڪراچي: بم ڌماڪي سبب روزانه عوامي اواز ۽ روزاني انجام جي آفيس لڏي وئي ۽ ڇت مان ڪيترن ئي هنڌن تان چاپڙ ڪري پيا ۽ مٽي ڇڻي پئي.ڌماڪي سبب روزانيعوامي آواز سميت هاڪي ڪلب ۾ موجود ٻين آفيسن جا ڪارڪن به عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا. ڪارڪنن موجب انهن اهو سمجهيو ته زلزلو آيو آهي ۽ ڪن چيو ته ايئن لڳو ته ڪو راڪيٽ عمارت کي لڳو آهي يا ڪا وڏي عمارت ڪري پئي آهي. ڌماڪي سبب هاڪي اسٽيڊيم جي علائقي لڳ رهائشي ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو.
بشڪريه عوامي آواز
ڪراچي ۾وزيراعليٰ هائوس ڀرسان سي آءِ ڊي سينٽر تي آپگهاتي حملو،پوليس
اهلڪارن سميت 21 ڄڻا مارجي ويا،138 کان وڌيڪ زخمي
ڪراچي :ڪراچي ۾ وزير اعليٰ هائوس ويجهو دهشتگردن جو پوليس جي سي آءِ ڊي سينٽر تي حملو، پوليس اهلڪارن سميت 21 ڄڻا مارجي ويا، 138 ڄڻا زخمي، سي آءِ ڊي عمارت ڌماڪي بعد مٽيءَ جو ڍير بڻجي وئي، ڀرپاسي ۾ واقع ڪيتريون ئي عمارتون ۽ گهر به سخت متاثر ٿيا آهن، سول لائين واري انهيءَ علائقي ۾ سي آءِ ڊي سينٽر کان پي آءِ ڊي سي تائين سمورين گهڻ ماڙ عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا، ڌماڪي بعد سڄي شهر ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ شهر مان روڊن تان ٽرئفڪ غائب ٿي وئي، ڪراچي جي انتهائي حساس علائقي ۾ ڪالهه رات جو سوا اٺين کان ساڍي اٺين وڳي جي وچ واري وقت ۾دهشتگردن سي آءِ ڊي سينٽر تي حملو ڪيو. سي آءِ ڊي سينٽر سامهون واري گهر ۾ رهندڙ محمد نديم جيڪو واقعي جو اکين ڏٺو شاهد آهي. هن ٻڌايو ته هو پنهنجي ٻن ڀائٽين سان گڏ گهر جي ويجهو واري گهٽي ۾ قرباني جي آندل جانور وٽ بيٺو هو ته هن هڪ وڏي گاڏي سي آءِ ڊي سينٽر ڏانهن ويندي ڏٺي ۽ سي آءِ ڊي سينٽر کان پهرين اها گاڏي بيهاري ۽ گاڏي مان ٻه ڄڻا هيٺ لٿا جن کي بلٽ پروف جهڙا جيڪيٽ پاتل هئا. انهن گاڏي مان لهندي ئي سي آءِ ڊي سينٽر تي فائرنگ ڪئي ۽ سي آءِ ڊي سينٽر تان به جوابي فائرنگ ڪئي وئي. پهريان مون سمجهيو هو ته ويجهو ٿيندڙ شادين ۾ فائرنگ ٿي رهي آهي، ڇو ته اسان وٽ شادي ۾ فائرنگ رواج بڻجي ويو آهي پر اوچتو ئي ٻه ڌماڪا ٿيا. هن چيو ته شايد دهشتگردن هينڊ گرنيڊ سي آءِ ڊي سينٽر اندر اڇلايا، جنهن کانپوءِ مان اتي موجود ٻارن کي وٺي گهٽي ۾ ڀڳس ته اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو ته پوءِ هوش اڏامي ويا. دير سان گهر پهتس ته منهنجي گهر سميت سي آءِ ڊي سينٽر سامهون وارا لڳ ڀڳ هڪ درجن گهر ۽ دڪان ملبي جو ڍير بڻجي چڪا هئا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن رٿابندي سان سي آءِ ڊي سينٽر تي حملو ڪيو آهي، لاهور ۾ ايف آءِ اي جي سينٽر تي ٿيل حملي وانگر هن حملي جي رٿابندي ڪئي وئي هئي. سي آءِ ڊي سينٽر جو ٻاهريون مک گيٽ هر وقت بند هوندو آهي ۽ ان جي ٻاهران هڪ بيريئر لڳل هوندو آهي ۽ ڪنهن کي به سڃاڻپ کانسواءِ اندر نه ڇڏيو ويندو آهي. مک در جي پويان اڳوڻو وومين پوليس ٿاڻو آهي ۽ ان جي پويان سي آءِ ڊي سينٽر آهي. جن ٻنهي جي بائونڊري هڪ ئي آهي. دهشتگردن سي آءِ ڊي سينٽر اندر داخل ٿيڻ لاءِ پهريان پوليس تي فائرنگ ڪئي. سي آءِ ڊي سينٽر اندران جوابي فائرنگ ڪئي وئي. 10 کان 20 منٽن تائين اهو فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، بعد ۾ دهشتگرد سي آءِ ڊي سينٽر جو مک دروازو پاڻ کولي باردو سان ڀريل ٽرڪ اندر ڪاهي آيا ۽ ان کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي جي شدت جو اندازو ان مان ٿئي ٿو ته اڳوڻي وومين پوليس ٿاڻي واري عمارت ۽ سي آءِ ڊي سينٽر ملبي جو ڍير بڻجي ويا ۽ جنهن هنڌ تي ٽرڪ کي دهشتگردن ڌماڪي سان اڏايو، ان هنڌ 15 فوٽ اونهو زمين اندر کڏو پئجي ويو ۽ سي آءِ ڊي سينٽر اندر توڙي ٻاهر بيٺل گاڏيون تباهه ٿي ويون، سينٽر جي بلڪل سامهون تقريبن هڪ درجن پڪا گهر ۽ دڪان ملبي جو ڍير بڻجي ويا. جن اندر ڪي ٻار ۽ عورتون زخمي ٿي پيا. سي آءِ ڊي سينٽر جي ملبي هٺيان لاش ۽ زخمي ڪڍڻ جو سلسلو رات دير تائين جاري هيو. ڌماڪو ايترو شديد هو جو وزيراعليٰ هائوس جي عمارت ۽ ان جي ڀر وارن ٻن فائيو اسٽار هوٽلن، 6 ماڙ بينووينٽ پلازه، وزيراعليٰ هائوس جي سامهون اسٽيٽ لائيف جي بلڊنگ ۽ پي آءِ ڊي سي واري روڊ تي يو بي ايل ۽ دڪانن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ يو بي ايل جو اڳيون حصو ملبي جو ڍير بڻجي ويو. جڏهن ته واقعي واري هنڌ کان تقريبن هڪ ڪلوميٽر پري آءِ آءِ چندريگر روڊ، هجرت ڪالوني ۽ ڀرپاسي ۾ ڪيئي عمارتون لڏي ويون. واقعي واري هنڌ کان ٻه ٽي ڪلوميٽر پري موجود هر ماڻهو ائين پئي سمجهيو ته ان جي ڀر ۾ ڌماڪو ٿيو آهي. ڌماڪي واري هنڌ اکين ڏٺي شاهد محمد جميل ٻڌايو ته هو سي آءِ ڊي سينٽر کان ڪجهه مفاصلي تي بيٺو هو ۽ هن ڏٺو ته هڪدم فائرنگ ٿي ۽ افراتفري پکڙجي وئي. اسان جان بچائڻ لاءِ ڀڳاسين. ان دوران ننڍي ٽرڪ جهڙي گاڏي جيڪا وزيراعليٰ هائوس جي سامهون واري گهٽي مان داخل ٿي هئي. هن سي آءِ ڊي سينٽر اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي بعد اسان کي ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. موقعي تي سي آءِ ڊي سينٽر سامهون پنهنجي گهر وٽ بيٺل شوڪت علي ٻڌايو ته هو ڊيوٽي تي ويل هو، ڌماڪي جو اطلاع ملڻ تي پهچي ڏٺو ته هن جو سڄو گهر ڊهي چڪو آهي. سندس زال ۽ ٽن ٻارن جو ڪو پتو ڪونهي ته اهي ڪٿي آهن. هن جي پٽ ٻڌايو ته هو شئي وٺڻ لاءِ گهران نڪتو ته ڌماڪو ٿيو ۽ هو جڏهن گهر پهتو تيستائين ان جو گهر ملبي جو ڍير بڻجي چڪو هو. علائقي واسين جو چوڻ هو ته ڪالوني ۾ 70 کن گهر ڌماڪي سبب متاثر ٿيا آهن ۽ انهن ۾ ڪيئي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. هنن جو چوڻ هو ته سي آءِ ڊي سينٽر جي ٻاهران حفاظتي انتظام سخت نه هئا. سي آءِ ڊي سينٽر جي گيٽ آڏو صرف ٻه پوليس اهلڪار موجود هئا. واقعي بعد صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا موقعي تي پهتو ۽ پوليس آفيسرز تي سيڪيورٽي سخت نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. بعد ۾ آءِ جي سنڌ پوليس سلطان صلاح الدين بابر خٽڪ به پهتو ۽ هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فوري طور تي واقعي بابت ڪجهه وڌيڪ نٿو ٻڌائي سگهجي پر اطلاع آهن ته پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي حملي ۾ ملوث آهي، هنن سي آءِ ڊي سينٽر اندر گهڙي ڌماڪو ڪيو پر ان کان اڳ پوليس مزاحمت ڪندي فائرنگ ڪئي. هن چيو هن سانحي ۾ ڪيترائي آفيسر شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن، هن ڌماڪي ۾ 18 ڄڻن جي مارجڻ ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي، هن چيو ته پوليس دهشتگردن سان مقابلو ڪيو آهي، هوڏانهن چيو وڃي ٿو ته سي آءِ ڊي پوليس لشڪر جهنگوي جي ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو ۽ هي واقعو ان جو ردعمل آهي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار شرميلا فاروقي جو چوڻ آهي ته حملي ۾ 5 پوليس آفيسرن سميت 15 ڄڻا شهيد ٿيا آهن ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. رات دير سان ملبي مان هڪ وڌيڪ لاش ڪڍيو ويو
دھشتگرد پنھنجا ساٿي ڇڏائي ناھن ويا:ذوالفقار مرزا
